bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 21
Isaiah 21
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 22 →
1
هي پيغام مون کي سمنڊ جي ڀر واري بيابان ۾ ڏنو ويو. جهڙيءَ طرح ڏکڻ کان واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگھندا آهن، تهڙيءَ طرح انهيءَ خوفناڪ بيابان ۾ هڪڙي رويا اچي مون تي ڪڙڪي.
2
هائو، مون کي ڪيڏي نہ هيبتناڪ رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ دغاباز دغابازي ٿا ڪن ۽ برباد ڪندڙ بربادي ٿا آڻين. انهيءَ رويا ۾ خداوند فرمايو ٿي تہ ”اي عيلام جا لشڪر! بابل وارن تي ڪاهہ ڪر، اي مادئيءَ جا لشڪر! سندن شهرن جو گھيرو ڪر. آءٌ خداوند بابل وارن جا ظلم ختم ٿو ڪريان، تانتہ مظلومن جون آهون ۽ دانهون بند ٿي وڃن.“
3
سو مون رويا ۾ جيڪي ڪجھہ ڏٺو ۽ ٻڌو، تنهن مون کي دهشت وٺائي ڇڏي، ۽ آءٌ اهڙن سورن ۾ مبتلا ٿي ويس، جهڙا ڪنهن ويم واري عورت کي ٿيندا آهن.
4
سو هاڻ تہ منهنجو مٿو ئي ڦري ويو آهي، خوف مون کي ڪنبائي ڇڏيو آهي. شام جو سڪون، جنهن لاءِ آءٌ سڪندو رهندو هئس، سو بدلجي منهنجي لاءِ دهشت ٿي پيو آهي.
5
مون رويا ۾ ڏٺو تہ هڪ وڏي دعوت جي لاءِ غاليچا وڇايا ويا آهن، جن تي بابل جي لشڪرن جا سالار ويٺا کائين پيئن ٿا. تڏهن اوچتو ڪنهن رڙ ڪري چيو تہ ”اي سالارؤ! اُٿي کڙا ٿيو، پنهنجيون ڍالون ڪڍي تيار ٿيو.“
6
پوءِ پروردگار مون کي فرمايو تہ ”وڃ، وڃي هڪڙو چوڪسي ڪندڙ بيهار، جيڪو ڪنهن کي بہ ايندو ڏسي تہ اطلاع ڏئي.
7
کيس چئُہ تہ جڏهن هو ڪن ٻن ٻن ماڻهن کي گڏ ايندي ڏسي، پوءِ ڀلي اهي گھوڙن، گڏهن يا اٺن تي سوار هجن، تڏهن هو انهن سوارن کي نهايت ئي غور سان ڏسي.“
8
سو هيئن ٿيو جو منهنجي بيهاريل چوڪسي ڪندڙ رڙ ڪري چيو تہ ”اي منهنجا آقا! آءٌ سڄو ڏينهن توڙي سڄي رات پهري واري ٺُلهہ تي چوڪس بيٺو رهيو آهيان.
9
هاڻي اِجھو، آءٌ هڪڙو ماڻهو ايندي ڏسي رهيو آهيان، جنهن جي گاڏيءَ کي ٻہ گھوڙا ڇڪي رهيا آهن. اهو ماڻهو رڙيون ڪري چوي ٿو تہ ’بابل ڪري پيو آهي، هائو، اهو تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي. انهيءَ جي معبودن جي سڀني اُڪريل مورتين کي زمين تي ڪيرائي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو آهي.‘“
10
اي منهنجي مظلوم قوم بني اسرائيل! بيشڪ اوهين ڪڻڪ جي فصل وانگر ڳاهيا ويا آهيو. پر هاڻي اوهان جي لاءِ هڪڙي خوشخبري آهي، جيڪا قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا کان مون ٻڌي آهي.
11
هي پيغام سنسان رات بابت آهي. ادوم جي جابلو علائقي مان ڪنهن مون کي پڪاري چيو تہ ”اي پهريدار! رات ڪڏهن پوري ٿيندي؟ ٻڌاءِ تہ رات ڪڏهن ختم ٿيندي؟“
12
مون ورندي ڏني تہ ”هينئر صبح ٿيڻ وارو آهي، پر رات وري ٻيهر ايندي. جيڪڏهن اوهين ٻيهر پڇڻ چاهيو ٿا، تہ ڀلي وري موٽي اچي پڇو.“
13
هي پيغام عرب جي خيابان بابت آهي. ڏسو، دداني پناهگيرن جو قافلو عرب جي خيابان ۾ تنبو هنيو ويٺو آهي.
14
سو اي تيما جي علائقي جا رهاڪؤ! اوهين انهن اڃايلن کي پاڻي آڻي ڏيو، ۽ انهن بکايل پناهگيرن کي کاڌو آڻي ڏيو.
15
اهي ماڻهو تلوارن جي قتلام کان، ۽ تيرن جي وسڪاري کان ڀڄي نڪتا آهن. هائو، اهي جنگ جي خطرن کان بچي آيا آهن.
16
پوءِ پروردگار مون کي فرمايو تہ ”ڏس، اڄ کان هڪ سال جي اندر اندر سندن دشمن قيدار جو سمورو شان وَ شوڪت ختم ڪيو ويندو.
17
هائو، سندن تيراندازن بلڪ سڀني جنگي جوڌن مان ڪي ٿورا وڃي بچندا. اهو مون خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66