bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 7
Isaiah 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 8 →
1
يهوداہ جو بادشاهہ آخز ولد يوتام ولد عُزياہ، جيڪو دائود جي نسل مان هو تنهن جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو ارام ملڪ جي بادشاهہ رضين ۽ بني اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ يروشلم تي چڙهائي ڪئي، پر اهي غالب ٿي نہ سگھيا.
2
يروشلم تي سندن حملي کان اڳ آخز بادشاهہ کي اها خبر ڏني ويئي تہ ارام ۽ اسرائيل پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي، تنهن تي آخز ۽ سندس قوم جي دل خوف وچان ائين لڏي ويئي جيئن جھنگ جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري لڏندا آهن.
3
تڏهن خداوند يسعياہ کي فرمايو تہ ”تون ۽ تنهنجو پٽ شيارياشوب نڪري وڃي مٿين ڍنڍ، جيڪا ڌوٻي گھاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ جي آخري ڇيڙي وٽ آخز سان ملو.
4
اتي تون کيس چئُہ تہ ’سنڀالي هل، حوصلو رک ۽ رضين، سندس ارامي فوج ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ جي مخالفت کان نہ ڊڄ. تنهنجي خلاف هنن جي ڪاوڙ ڄڻ تہ رڳو دونهون ڪڍندڙ انهن ٻن اُماڙين جيان آهي، جيڪي وسامڻ تي آهن. سو تون هنن کان نہ گھٻراءِ.
5
بيشڪ ارام ۽ اسرائيل جي بادشاهن تنهنجي خلاف بڇڙائيءَ جو منصوبو ٺاهيو آهي تہ
6
هو تنهنجي ملڪ يهوداہ تي چڙهائي ڪن ۽ اتي وارن کي ڏهڪائي سندن ملڪ تي قبضو ڪن، پوءِ انهيءَ منجھہ طابيل جي پٽ کي بادشاهہ ڪري ويهارين.
7
پر آءٌ خداوند واعدو ٿو ڪريان تہ ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيندو،
8
ڇاڪاڻ تہ ارام ملڪ جي طاقت ان جي شهر دمشق کان وڌيڪ ناهي، ۽ دمشق جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ رضين ۾ آهي. ساڳيءَ طرح اسرائيل ملڪ جي طاقت ان جي شهر سامريہ کان وڌيڪ ناهي، ۽ سامريہ جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ فقحہ ۾ آهي. جڏهن تہ پنجهٺ سالن اندر اسرائيل وارا ڀڄي اهڙا تہ ڀورا ڀورا ٿيندا، جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندا. پر اي آخز بادشاهہ! جيڪڏهن مون سان تنهنجي وفاداري قائم نہ رهي، تہ تون پاڻ بہ قائم نہ رهندين.‘“
10
پوءِ خداوند آخز ڏانهن وري پيغام موڪليو تہ
11
”مون خداوند پنهنجي خدا کان منهنجي واعدي جي سچائيءَ جي ڪا نشاني گھُر، پوءِ اها هيٺ پاتال ۾ هجي يا مٿي عرش عظيم تي.“
12
پر آخز وراڻيو تہ ”آءٌ ڪين گھرندس، آءٌ خداوند کي نہ آزمائيندس.“
13
تنهن تي يسعياہ آخز کي چيو تہ ”اي دائود جو اولاد! هاڻي تون ٻڌ. ڇا تنهنجي نظر ۾ اها ڪا معمولي ڳالهہ آهي جو تون ماڻهن جي صبر کي آزمائين ٿو ۽ وري هاڻي تون منهنجي خدا جي صبر کي بہ آزمائڻ چاهين ٿو!
14
تنهن هوندي بہ پروردگار پاڻ تو کي هڪڙي نشاني ڏيکاريندو. ڏس، هڪ ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، جنهن کي پٽ ڄمندو. هوءَ انهيءَ جو نالو ’عمانوايل‘ رکندي.
15
هن جو پٽ آسودگي ۽ خوشحاليءَ ۾ گذاريندو ۽ جيستائين سندس عمر بديءَ کان انڪار ڪرڻ ۽ نيڪيءَ کي پسند ڪرڻ جي ڄاڻ رکڻ تائين پهچي، تنهن کان اڳ يقيناً انهن ٻنهي بادشاهن جي ملڪن کي تباهہ وَ برباد ڪيو ويندو جن کان تون ڊڄين ٿو.
17
تنهن هوندي بہ اي آخز! تو تي، تنهنجي پوري شاهي گھراڻي تي بلڪ سڀني يهوداہ وارن تي خداوند اهڙا تہ مصيبت جا ڏينهن آڻيندو، جهڙا اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي هڪٻئي کان جدا ٿيڻ واري ڏينهن کان وٺي هيستائين نہ آيا آهن، يعني اشور جو شهنشاهہ اوهان جي ملڪ يهوداہ تي ڪاهہ ڪري ايندو.
18
انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو جو خداوند سينڍ وڄائيندو تہ مصر جي نيل نديءَ مان نڪرندڙ ڏورانهين نهرن وٽان مکين وانگر ۽ اشور جي ملڪ مان ماکيءَ جي مکين وانگر دشمن لشڪر ڪاهي ايندا.
19
اهي ڪٽڪن جي صورت ۾ اچي ڪڙڪندا ۽ سڪل برساتي نهرن توڙي ٽڪرين جي چرن ۾، ايتري قدر جو سڀني چراگاهن توڙي ڪنڊن ڪانڊيرن تي بہ ڇانئجي ويندا.
20
انهيءَ ڏينهن پروردگار فرات نديءَ جي اوڀر طرف کان يعني اشور ملڪ جي شهنشاهہ کي هڪ حجم جي صورت ۾ آڻي حاضر ڪندو، جيڪو اوهان کي پڪڙي اوهان جي مٿي ۽ ٽنگن جا وار ڪوڙيندو، بلڪ ڏاڙهي بہ چٽ ڪري ڇڏيندو.
21
جڏهن اهو وقت ايندو تڏهن جنهن ماڻهوءَ وٽ رڳو هڪڙي ڳئون ۽ ٻہ ٻڪريون پاليل هونديون، سو بہ انهن مان مليل کير کي ايترو تہ جھجھو سمجھندو جو انهن جو مکڻ کائڻ کي پنهنجي خوشنصيبي ڄاڻيندو. هائو، انهيءَ ملڪ ۾ بچي ويلن منجھہ اهڙي قسم جي حالت کي بہ نهايت آسودگي ۽ خوشحالي سمجھيو ويندو.
23
جڏهن اهو وقت ايندو تڏهن هر باغ ۾ جتي اڳ ۾ هڪ هزار انگورن جون وليون هيون ۽ جن جي قيمت هڪ هزار چانديءَ جا سڪا هئي، اتي انهن ولين جي بجاءِ رڳو ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا هوندا.
24
هائو، سڄو ملڪ ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن سان ڀريل هوندو، جتي ماڻهو رڳو شڪار ڪرڻ لاءِ ايندا.
25
جن ٽڪرين تي هينئر اوهين فصل پوکيو ٿا، تن تي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن جي ڊپ کان ڪوبہ ماڻهو وڃي نہ سگھندو، بلڪ اهو هنڌ رڳو ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جو چراگاهہ هوندو.“
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66