bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 29
Isaiah 29
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 30 →
1
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي يروشلم لاءِ! جنهن کي منهنجي قربانگاهہ سڏيو ٿو وڃي. اهو يروشلم شهر، جنهن جي چوڌاري دائود پنهنجا خيما کوڙي اچي ويٺو. ڀلي تہ سال ٻہ سال گذرن ۽ عيدون ملهايون وڃن.
2
پر ان کان پوءِ آءٌ انهيءَ شهر تي اهڙي مصيبت آڻيندس، جو اهو حقيقي قربانگاهہ بڻجي ويندو. هائو، اهو شهر، جنهن کي منهنجي قربانگاهہ سڏيو وڃي ٿو، سو رت سان ڀرجي ويندو، ۽ اتي روڄ راڙو پئجي ويندو.
3
آءٌ انهيءَ جي چوڌاري گھيرو ڪندس، ۽ ان جي چئني طرفن کان دِڪا ٻڌي مٿس حملي جي تياري ڪندس.
4
بيشڪ، يروشلم کي پست ڪيو ويندو، ۽ هيٺان پاتال مان ڍري آواز سان اهو مدد لاءِ پڪاريندو. هائو، انهيءَ جو آواز مئل ماڻهوءَ جي روح جي آواز وانگر جھيڻو هوندو، جيڪو زمين جي اندران کان ٻڌڻ ۾ ايندو، بلڪ انهيءَ جو آواز مٽيءَ مان آيل ڀڻڪي وانگر هوندو.
5
پر اي يروشلم وارؤ! اوهان جي دشمنن جو ڪٽڪ ناس ٿي سنهيءَ دز وانگر ٿي ويندو. هائو، اهو خوفناڪ لشڪر طوفان ۾ اُڏامندڙ بُهہ وانگر غائب ٿي ويندو. انهيءَ سبب جو هڪ لحظي ۾ ۽ اوچتو ئي اوچتو
6
آءٌ قادرِمطلق خداوند اوهان کي بچائڻ لاءِ، گجگوڙ سان، زلزلي سان، وڏي آواز سان، واچوڙي سان، طوفان سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان اچي نازل ٿيندس.
7
تڏهن انهن سڀني قومن جا ڪٽڪ، جيڪي منهنجي قربانگاهہ واري ان شهر سان اچي جنگ جوٽيندا. هائو، اهي دشمن جيڪي انهيءَ شهر جو گھيرو ڪري سندس قلعي تي اچي حملو ڪري ان کي مصيبت ۾ وجھندا، سي سڀ هڪڙي خواب مثل گم ٿي ويندا.
8
جيڪي بہ قومون يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيون هونديون، تن جو حال انهيءَ بکايل ماڻهوءَ جهڙو ٿيندو، جيڪو خواب ۾ تہ پاڻ کي کاڌو کائيندي ڏسي ٿو، پر جاڳڻ تي معلوم ٿئيس ٿو تہ سندس پيٽ خالي آهي. هائو، اهي قومون انهيءَ اڃايل ماڻهوءَ جيان هونديون، جيڪو خواب ۾ تہ پاڻ کي پاڻي پيئندي ڏسي ٿو، پر جاڳڻ تي معلوم ٿئيس ٿو تہ هو اڃايل ۽ ساڻو آهي.“
9
اوهين پاڻ کي بيوقوف بڻايو، ڀلي اوهين بيوقوف ٿي گذاريو، پنهنجو پاڻ کي انڌو بڻايو، ڀلي اوهين ڏسڻ ڇڏي ڏيو. ڏسو، اوهين بنا مئي پيئڻ جي ديوانا ٿي ويا آهيو، اوهين بنا ڪنهن نشي ڪرڻ جي ٿاٻڙجو ٿا.
10
خداوند اوهان جي دل ۽ دماغ کي بيهوش ڪري ڇڏيو آهي. هن اوهان جي اکين يعني اوهان جي نبين کي انڌو ڪيو آهي، هائو، هن ڄڻ اوهان جي چهري تي چادر وجھي ڇڏي آهي، جو اوهان جي انهن غيبدانن کي ڏسڻ کان محروم ڪيو اٿس.
11
اوهان جي لاءِ هن رويا جون سڀيئي ڳالهيون هڪڙي مهربند دستاويز وانگر ٿي ويون آهن. هاڻ جيڪڏهن اهو دستاويز عالم شخصن کي ڏيئي چيو وڃي تہ ”مهرباني ڪري هي پڙهي ٻڌايو،“ جنهن تي هو چوندا تہ ”اسين هي پڙهي نہ ٿا سگھون، ڇو تہ هن تي مهر لڳل آهي.“
12
وري جيڪڏهن اهو اڻپڙهيلن کي ڏيئي چيو وڃي تہ ”مهرباني ڪري هي پڙهي ٻڌايو،“ تہ هو چوندا تہ ”اسان کي تہ پڙهڻ ئي ڪونہ ٿو اچي.“
13
پروردگار اوهان بابت فرمائي ٿو تہ ”هي ماڻهو منهنجي عبادت جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن لفظ بيمعنيٰ ۽ سندن دليون ڪنهن ٻئي طرف آهن. هنن جو دين انهن انساني دستورن، ۽ روايتن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ناهي، جن کي هو رڳو رواجي طور ياد ڪري ٿا ڇڏين.
14
تنهنڪري ڏسو، آءٌ هن قوم ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم. ان وقت انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ سندن عقلمندن جو عقل خطا ٿي ويندو.“
15
ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي خداوند سان ويساگھاتي ڪندي پنهنجا منصوبا هن کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. اهي ڳجھيءَ طرح منصوبا جوڙي سمجھن ٿا تہ ”اسان کي ڪوبہ نہ ٿو ڏسي ۽ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.“
16
اهڙيءَ طرح اهي حقيقت کي ابتو ڪري ٿا ڇڏين. ڀلا ڇا ڪنڀر کي مٽيءَ جي برابر ليکيو ويندو؟ ڇا ڪنهن جي جوڙيل شيءِ پنهنجي جوڙيندڙ بابت چوندي تہ ”هن مون کي نہ جوڙيو آهي“؟ ڇا مخلوق پنهنجي خالق کي چوندي تہ ”تون مون بابت ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻين“؟
17
سو هاڻي خداوند ٿوريءَ دير ۾ ئي ابتڙ ڪم ڪندي، لبنان جي ٻيلن کي مَٽائي هڪڙي آباد ٻني ٺاهيندو، ۽ آباد ٻنيءَ کي بدلائي هڪڙو ٻيلو ڪري ڇڏيندو.
18
هائو، جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن ٻوڙا بہ دستاويز جون پڙهيون ويندڙ ڳالهيون ٻڌي سگھندا، ۽ انڌا، جيڪي اونداهيءَ دنيا ۾ ٿا گذارين، تن جون اکيون روشن ٿينديون ۽ اهي ڏسي وائسي سگھندا.
19
تڏهن غريب ۽ مسڪين ماڻهو خداوند ، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي ڪري وڌيڪ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا.
20
ظالم ۽ ٽوڪباز هميشہ لاءِ نابود ٿي ويندا. هائو، بدڪاريءَ ۾ زندگي گذاريندڙ سڀيئي نيست وَ نابود ڪيا ويندا.
21
خدا انهن کي برباد ڪري ڇڏيندو، جيڪي بيگناهن کي مقدمي ۾ ڏوهاري ٿا قرار ڏين، ۽ شهر جي دروازي وٽ ويهي عدالت ڪندڙ کي ڦندي ۾ ٿا ڦاسائين، ۽ سچار کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان انصاف کان دور ٿا رکن.
22
تنهنڪري خداوند ، بني اسرائيل جو خدا جنهن ابراهيم کي مصيبت مان ڇڏايو هو، سو بني اسرائيل کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! هاڻي اوهين وڌيڪ شرمندا نہ ٿيندا. نڪي اوهان کي خوار ڪيو ويندو.
23
بلڪ جڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي ڏسندا، جنهن کي آءٌ هڪ عظيم قوم بڻائيندس، تڏهن اوهين منهنجي نالي کي پاڪ مڃيندا. هائو، اوهين مون خداوند، بني يعقوب جي خدا کي پاڪ ڪري ڄاڻيندا، ۽ مون بني اسرائيل جي خدا جي تعظيم ڪندا.
24
تڏهن ڀلجي ويل ماڻهن کي بہ سمجھہ ايندي، ۽ جيڪي هميشہ ڪِرڪِر ڪندا ٿا رهن، سي خوشيءَ سان تعليم حاصل ڪندا.“
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66