bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 38
Isaiah 38
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 39 →
1
انهن ئي ڏينهن ۾ حزقياہ بادشاهہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ کي وڃي پهتو. تڏهن يسعياہ نبي وٽس ويو ۽ کيس چيائين تہ ” خداوند فرمائي ٿو تہ ’پنهنجي گھر جي باري ۾ تو کي جيڪو ڪجھہ ڪرڻو آهي، سو ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ تون مرڻ وارو آهين ۽ وري صحتياب نہ ٿيندين.‘“
2
تڏهن حزقياہ پنهنجو منهن ڦيري ڀت ڏانهن ڪيو ۽ خداوند کان دعا گھريائين تہ
3
”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.
4
تڏهن خداوند يسعياہ کي حڪم ڏنو تہ
5
هو موٽي وڃي حزقياہ کي سندس هي پيغام ٻڌائي تہ ”مون خداوند ، تنهنجي ابي ڏاڏي دائود جي خدا تنهنجي دعا ٻڌي ورتي آهي ۽ تنهنجا لڙڪ ڏٺا اٿم. سو ڏس، آءٌ تنهنجيءَ عمر ۾ پندرهن سالن جو اضافو ٿو ڪريان.
6
آءٌ تو کي ۽ هن شهر يروشلم کي اشور جي شهنشاهہ کان بچائيندس ۽ شهر جي حفاظت ڪندو رهندس.“
7
يسعياہ کيس وراڻيو تہ ”جيڪا ڳالهہ خداوند فرمائي آهي سا هو ضرور پوري ڪندو. ڏس، انهيءَ جي ثابتيءَ لاءِ خداوند وٽان تنهنجي واسطي هيءَ نشاني هوندي تہ
8
آخز بادشاهہ جي ڌوپ گھڙيءَ تان جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويندو آهي، تنهن کي خداوند ڏهہ قدم پٺتي موٽائي ڇڏيندو.“ سو ڌوپ گھڙيءَ تان جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويو هو، سو ڏهہ قدم پٺتي موٽي ويو.
9
يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ بيماريءَ مان شفاياب ٿيڻ بعد شڪرگذاريءَ لاءِ هي لکيو تہ
10
”مون سوچيو ٿي تہ منهنجي حياتيءَ جا باقي رهيل سال مون کان کسيا ويا آهن، سو آءٌ پنهنجي ڦوهہ جوانيءَ ۾ ئي مري وڃي مئلن جي دنيا ۾ داخل ٿيندس.
11
هائو، مون سوچيو ٿي تہ جيئرن جي هن جهان ۾، آءٌ پاڻ جهڙن انسانن کي وري ڪين ڏسندس، نڪي وري خداوند جي هيڪل ۾ وڃي سندس آڏو حاضر ٿيندس.
12
منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڄڻ تہ خانہبدوش جي تنبوءَ وانگر وقت کان اڳ ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن. اي خداوند! مون سمجھيو ٿي تہ تو انهيءَ ڪوريءَ وانگر منهنجي حياتي ويڙهي رکي ڇڏي آهي، جيڪو آڏاڻي مان تاني اڌ ۾ ڇنيو ڇڏي. هائو، مون سمجھيو ٿي تہ تو منهنجي حياتي ڏينهن کان رات ٿيڻ وارين چند گھڙين تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.
13
سڄي سڄي رات آءٌ تڪليف وچان رڙندو رهندو هئس، ڄڻ ڪنهن شينهن وانگر تو منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا هجن. مون سمجھيو ٿي تہ تو منهنجي حياتي ڏينهن کان رات ٿيڻ وارين چند گھڙين تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.
14
آءٌ ابابيلن ۽ ڪنگن جهڙي جھيڻي آواز ۾ رڙندو ٿي رهيس، مون ڳيري وانگر اوسارا پئي ڪڍيا. منهنجيون اکيون عرش ڏانهن نهاري نهاري ساڻيون ٿي پيون هيون. سو مون چيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ستايل آهيان، تون اچي منهنجو ساڻي ٿيءُ.
15
اي خداوند! آءٌ تہ ڪجھہ چئي بہ نہ ٿو سگھان، ڇاڪاڻ تہ مون سان هي سڀ تو ئي تہ ڪيو آهي. جيتوڻيڪ منهنجي حياتي زهر ٿي پيئي آهي، تنهن هوندي بہ مون کي پنهنجا ڏينهن پورا ڪرڻا آهن.‘
16
اي پروردگار! تنهنجيون ڳالهيون ۽ تنهنجا ڪم مون سميت هر ڪنهن کي حياتي ٿا بخشين. سو تو ئي مون کي چڱو ڀلو ڪيو آهي، ۽ نئين حياتي بخشي اٿيئي.
17
بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.
18
مئلن جي دنيا ۾ ڪوبہ تنهنجي شڪرگذاري يا واکاڻ نہ ٿو ڪري سگھي، نڪي اهي قبر وارا تنهنجي رحمتن کي ڏسڻ جي ڪا اميد رکي ٿا سگھن.
19
جيئرا، هائو، جيئرا ئي تنهنجي واکاڻ ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان. هر پيڙهي پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي وفا جا ڪم بيان ڪري ٻڌائيندي.
20
اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. تنهنڪري اسين سڀيئي پنهنجي سڄي عمر تنهنجي هيڪل ۾ تار وارن سازن تي تنهنجي واکاڻ ڳائيندا رهنداسين.“
21
پوءِ يسعياہ حزقياہ جي نوڪرن کي چيو تہ ” انجير جي هڪڙي ٽڪي آڻي بادشاهہ جي ڦرڙيءَ تي رکو تہ هو چڱو ڀلو ٿي ويندو.“
22
تڏهن حزقياہ يسعياہ کان پڇيو تہ ”مون لاءِ ڪهڙي نشاني آهي تہ آءٌ اُٿي وري هيڪل ۾ عبادت لاءِ وڃي سگھندس؟“
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 39 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66