bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Isaiah 10
Isaiah 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 11 →
1
ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي بيانصافيءَ سان فيصلو ڪن ٿا، هائو، جيڪي ظلم وارا قانون جاري ٿا ڪن.
2
انهيءَ لاءِ تہ اهي غريبن کي انصاف کان محروم رکن، خداوند جي قوم جي محتاجن جو حق کسي وٺن، ۽ رننزالن ۽ يتيمن جي مال ملڪيت کي لٽين ڦرين.
3
سو اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين پنهنجي سزا واري ڏينهن ڇا ڪندا؟ هائو، جڏهن ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو لشڪر اچي اوهان تي ڪڙڪندو، تڏهن اوهين ڪيڏانهن ڀڄي سگھندا؟ اوهين پنهنجو شان وَ شوڪت ڪيئن بچائي رکندا؟
4
ياد رکو، اوهين لڙائيءَ ۾ قتل ڪيا ويندا، ۽ اوهان مان جيڪي بچي ويندا، سي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيا ويندا. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ اوهان کي سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.
5
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اشور قوم لاءِ! جيڪا منهنجي لٺ مثل آهي، جنهن سان آءٌ انهن کي سزا ٿو ڏيان جن تي آءٌ ڪاوڙ ٿو ڪريان.
6
جيڪا قوم مون کي رد ٿي ڪري، تنهن تي حملي ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي موڪليان ٿو. هائو، پنهنجي غضب نازل ڪرڻ لاءِ آءٌ اشور وارن کي اهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اهي انهيءَ قوم جو مال ملڪيت لٽين ڦرين، بلڪ کين گھٽين جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏين.“
7
پر اشور جو شهنشاهہ خداوند جي اها ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، انهيءَ جي ابتڙ هو پنهنجيءَ دل ۾ ڏاڍائيءَ جا منصوبا پيو جوڙي، تانتہ گھڻين ئي قومن کي ماري چٽ ڪري ڇڏي.
8
اهو ئي سبب آهي جو هو ٻٽاڪ هڻي چوي ٿو تہ ”منهنجي لشڪر جو هر هڪ سالار بادشاهہ مثل آهي.
9
مون اڳ ۾ ئي ڪلنہ توڙي ڪرڪميس شهر، ۽ حمات توڙي ارفاد شهر فتح ڪري ورتا آهن. انهن کان علاوہ سامريہ توڙي دمشق پڻ فتح ڪيو اٿم.
10
مون پنهنجو هٿ وڌائي انهن بتپرست بادشاهتن کي شڪست ڏني آهي، جن جون تراشيل مورتيون يروشلم ، توڙي سامريہ شهرن جي مورتين کان گھڻو بهتر هيون.
11
سو جهڙو حشر مون سامريہ ۽ ان جي بتن جو ڪيو، تهڙو ئي حشر آءٌ يروشلم ۽ ان جي بتن جو ڪندس.“
12
پر پروردگار فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ صيئون جبل تي، يروشلم شهر ۾ پنهنجا سمورا ڪم پورا ڪري ڇڏيندس، تڏهن آءٌ اشور جي شهنشاهہ کي سندس سڄي مغروريءَ ۽ ٻٽاڪن جي سزا ضرور ڏيندس.“
13
اشور جو شهنشاهہ هي ٻٽاڪون ٿو هڻي تہ ”مون هي سڀ پنهنجي طاقت ۽ ڏاهپ سان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سياڻو ۽ چالاڪ آهيان. مون قومن کي شڪست ڏيئي سندن سرحدون مِٽائي ڇڏيون آهن، ۽ انهن جا خزانا لٽي هٿ ڪيا اٿم. مون جھنگلي سانَهہ جيان اتي جي رهاڪن کي، پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيو آهي.
14
دنيا جون قومون مون لاءِ پکين جي آکيري مثل هيون، ۽ جيئن ڪو آسانيءَ سان انهيءَ ۾ پيل انڊا کڻي ٿو وٺي، تيئن مون سندن سڄي زمين ۽ پوري ملڪيت قبضي ڪئي آهي. انهن مان ڪنهن کي اها بہ جرئت نہ ٿي جو ڪو کنڀ چوري سگھي يا وات پٽي چُون بہ ڪري.“
15
پر خداوند هن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڇا ڪهاڙي انهيءَ ماڻهوءَ اڳيان ٻٽاڪ هڻي ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي استعمال ٿو ڪري؟ يا ڪارائي انهيءَ سان وڏائي ڪري ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي هلائي ٿو؟ ڀلا لٺ پنهنجي کڻڻ واري کي ڪيئن ٿي لوڏي سگھي؟ يا لڪڻ ماڻهوءَ کي ڪيئن ٿو کڻي سگھي؟“
16
اشور جي شهنشاهہ جي ٻٽاڪن سبب خداوند ، قادرِمطلق خدا، سندس ٿلهن متارن جوانن کي سزا ڏيڻ لاءِ منجھن ڳاري ڇڏيندڙ بيماريون موڪليندو. هو سندس شان وَ شوڪت جي بجاءِ، هن جي بادشاهت ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏڻ واري باهہ ڀڙڪائي ڇڏيندو.
17
خدا، جيڪو بني اسرائيل جو نور آهي سو باهہ بڻجي ويندو، هائو، بني اسرائيل جو پاڪ معبود شعلو بڻجي ويندو. پوءِ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هو سندس هر شيءِ کي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن جيان ساڙي ناس ڪري ڇڏيندو.
18
تڏهن شهنشاهہ جا گھاٽا ٻيلا ۽ سرسبز ٻنيون انهيءَ مريض وانگر بلڪل فنا ٿي وينديون، جنهن کي موتمار بيماري چٽ ڪيو ڇڏي.
19
انهيءَ جي ٻيلي جا وڻ ايترا تہ ٿورا باقي وڃي بچندا، جو انهن کي ڪو ننڍو ٻار بہ ڳڻي سگھندو.
20
اهو وقت ايندو جڏهن يعقوب جي نسل مان اسرائيل جا باقي بچيل ماڻهو انهيءَ قوم تي وڌيڪ ڀروسو نہ ڪندا جنهن کين ذري گھٽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، بلڪ اهي دل جي سچائيءَ سان خداوند ، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو ڪندا.
21
هائو، بني يعقوب مان اهڙا باقي بچيل ماڻهو هوندا، جيڪي قادر خدا تي ئي توڪل رکندا.
22
تڏهن اي بني اسرائيل! توڙي جو اوهين هاڻي سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترا گھڻا آهيو، تڏهن بہ اوهان مان ڪي ٿورا ئي جلاوطنيءَ مان موٽي پنهنجي وطن ايندا. بيشڪ اوهان لاءِ جيڪا بربادي مقرر ڪئي ويئي آهي، سا پوري انصاف تي ٻڌل آهي.
23
خداوند ، قادرِمطلق خدا جيئن فرمايو آهي تيئن پوري ملڪ تي مقرر ڪيل بربادي آڻي پوري ڪندو.
24
هاڻي خداوند ، قادرِمطلق خدا يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! جيڪي صيئون جبل تي رهو ٿا، اوهين اشور وارن کان نہ ڊڄو، توڙي جو اهي لڪڻ يا لٺ سان اوهان تي ظلم ڪن، جيئن مصر وارا ڪندا هئا.
25
ڏسو، هاڻي آءٌ ٿوريءَ ئي دير ۾ پنهنجي غضب کي ڍرو ڪري اوهان کي سزا ڏيڻ بند ڪندس ۽ پوءِ آءٌ انهن اشورين تي پنهنجو قهر نازل ڪري کين ناس ڪندس.
26
آءٌ قادرِمطلق خداوند انهن تي هڪڙو چهبڪ کڻندس، جيئن عوريب جي ٽڪر تي مديان جي خونريزيءَ وقت کنيو هئم. هائو، آءٌ پنهنجي لٺ ائين ئي کڻندس جيئن مصر ۾ سمنڊ جي مٿان کنئي هئم.
27
جڏهن اهو وقت ايندو تہ آءٌ اشور جو بار اوهان جي ڪلهن تان لاهي ڦٽو ڪندس. هائو، اوهان جي ڳچيءَ مان سندن ظلم جي پاڃاري ڀڃي ٽڪرا ڪري ڇڏيندس.“ دشمن لشڪر وارن رمون جي ٽڪر وٽان ٿيندي
28
عئي شهر تي اچي قبضو ڪيو آهي، ۽ مجرون مان لنگھي ويا آهن. هنن مڪماس ۾ پنهنجو سامان رکيو آهي.
29
هو لنگھہ کان گذري ويا آهن، ۽ جِبع شهر ۾ رات رهي پيا آهن. رامہ جا رهاڪو خوف وچان ڏڪي رهيا آهن، بادشاهہ سائول جي شهر جِبعت جا ماڻهو ڀڄي نڪتا آهن.
30
جليم شهر جي رهاڪن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ پيون اچن. سو اي ليس جا رهاڪؤ! ٻڌو، اي عنتوت جا رهاڪؤ! اوهين بہ هوشيار ٿيو.
31
مدمينہ ۽ جبيم جا رهاڪو پنهنجي حياتي بچائڻ لاءِ ڀڄندا ٿا وتن.
32
اڄ دشمن نوب شهر ۾ اچي خيما کوڙيا آهن، ۽ اتان هو صيئون جبل، يعني يروشلم شهر تي پنهنجو هٿ اُلاري ٿو.
33
پر ڏسو، اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند ، انهن دشمنن کي وڻ جي ٽارين جيان وڍي زور سان اڇلائيندو. هو هر ڊگھي قد واري وڻ کي وڍي ڪيرائيندو. هائو، هر ڪنهن مضبوط وڻ کي وڍي خداوند پٽ ڪري ڇڏيندو.
34
خداوند انهن کي ٻيلي جي گھاٽن وڻن جيان ڪهاڙي سان وڍي ڪيرائيندو. هائو، جهڙيءَ طرح لبنان جا وڏا وڻ وڍي ڪيرايا ويندا آهن، تهڙيءَ طرح خدا دشمن لشڪر کي ڪيرائي ناس ڪندو.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66