bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 10
Jeremiah 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 11 →
1
اي اسرائيل وارؤ! ٻڌو، خداوند اوهان کي ڇا ٿو فرمائي.
2
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين ٻين قومن وارا طور طريقا نہ سکو ۽ آسمان وارين نشانين کان خوفزدہ نہ ٿيو، جن کان ٻيون قومون خوفزدہ ٿين ٿيون.
3
انهيءَ ڪري جو انهن قومن جا مذهبي رسم وَ رواج باطل آهن. هو ٻيلي مان وڻ وڍين ٿا ۽ پوءِ ڪو ڪاريگر ان کي واهوليءَ سان گھڙي ڪا شڪل ٺاهي ٿو.
4
ان کي هو سون ۽ چانديءَ سان سينگارين ٿا. هو انهيءَ کي مترڪن سان ڪوڪا هڻي قابو ڪن ٿا تہ جيئن لچڪي نہ.
5
واڙيءَ ۾ فصل جي حفاظت لاءِ کوڙيل بوتي جيان هنن جا بت ڳالهائي نہ ٿا سگھن. اهي گھمي ڦري نہ ٿا سگھن، تنهنڪري ضروري آهي تہ کين کڻي هلجي. سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، هو ڪوبہ نفعو يا نقصان پهچائي نہ ٿا سگھن.“
6
بيشڪ اي خداوند! تنهنجو ثاني ڪوبہ ڪونهي، تون عظيم آهين، ۽ تنهنجو نالو وڏيءَ قدرت وارو آهي.
7
اي قومن جا بادشاهہ! ڪير نہ تنهنجو خوف رکندو؟ ڇو تہ رڳو تون ئي انهيءَ لائق آهين. قومن جي سڀني دانائن ۾، ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
8
جڏهن تہ هي سڀ بيعقل ۽ بيوقوف آهن، هي ڪاٺ جي بتن مان ڪهڙي تعليم ٿا پرائي سگھن!
9
هنن جي بتن تي نج سون ۽ عمدي چانديءَ جا پترا چڙهيل آهن، جيڪي ڪاريگرن ۽ سونارن جي هٿن جي ڪاريگري آهن. انهن کي نيري ۽ واڱڻائي رنگ جي پوشاڪ پهرائي وڃي ٿي، جيڪا ماهر ڪاريگر جي هٿ جو ڪم آهي.
10
پر اي خداوند! تون سچو خدا آهين، تون جيئرو خدا ۽ قائم وَ دائم بادشاهہ آهين. جڏهن تون ڪاوڙجين ٿو تہ دنيا ڪنبي ٿي وڃي، ۽ قومون تنهنجي ڪاوڙ سهي نہ ٿيون سگھن.
11
(اوهين انهن کي ٻڌايو تہ اهي معبود، جن زمين ۽ آسمان پيدا نہ ڪيو آهي سي روءِزمين تان ناس ٿي ويندا).
12
خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.
13
هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.
14
اهو ڏسندي هر بتپرست ماڻهو بيسمجھہ ۽ اڻڄاڻ ثابت ٿئي ٿو. هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت مان نااميد ٿئي ٿو، ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن، منجھن ساهہ ئي ڪونهي.
15
اهي مورتيون باطل ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، جڏهن انهن جي سزا جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون.
16
يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.
17
اي يروشلم جا رهاڪؤ! اوهين جيڪي گھيري هيٺ آهيو، پنهنجو وطن ڇڏي وڃڻ جي تياري ڪندي پنهنجي مڏي ميڙي گڏ ڪريو.
18
انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، جيڪي هن ملڪ ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ کانڀاڻيءَ ۾ پيل پٿر وانگر اڇلائڻ وارو آهيان. آءٌ مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس جو پاڻيهي ياد ڪندا.“
19
يروشلم جا رهاڪو دانهون ڪري چون ٿا تہ ”هاءِ! اسان جي خستہحالي! اسان جا زخم لاعلاج آهن! اسان تہ سمجھي ورتو آهي تہ اها مصيبت برداشت ڪرڻ کان سواءِ اسان کي ٻيو ڪوبہ رستو ڪونهي.
20
اسان جا گھر ڊاهي تباهہ ڪيا ويا آهن. اسان جا ٻار اسان کان کسيا ويا آهن، ڪوبہ ڪونهي جيڪو اسان جي پناهہ لاءِ وري گھر جوڙي.“
21
مون کين وراڻيو تہ ”اسان جا اڳواڻ بيسمجھہ آهن، ڇوجو خداوند کان ڪابہ پڇا نہ ٿا ڪن. تنهنڪري ئي هو ناڪام ٿي ويا آهن، ۽ اسين رڍن وانگر ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهيون.
22
ٻڌو، خبر آئي آهي تہ اتر واري قوم ۾ وڏو هل هنگامو آهي! انهيءَ جو لشڪر يهوداہ جي شهرن کي ويران ڪري گدڙن جي جوءِ بڻائي ڇڏيندو.“
23
اي خدواند! مون کي خبر آهي تہ انسان جو رستو سندس وس ۾ ناهي. اهو سندس اختيار ۾ ناهي تہ جيڏانهن وڻيس تيڏانهن پنهنجيون وکون کڻي.
24
اي خداوند! جيتري سيکت جا اسين لائق آهيون سا ڀلي ڏي، پر پنهنجي ڪاوڙ سان نہ، متان اسين ناس ٿي وڃون.
25
بلڪ پنهنجو غضب تون انهن قومن تي نازل ڪر، جيڪي تو کي نہ ٿيون مڃين، هائو، انهن پيڙهين تي جيڪي تنهنجو نالو نہ ٿيون وٺن، ڇاڪاڻ تہ انهن تنهنجي قوم کي ماري ڇڏيو آهي. هائو، انهن اسان کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي ملڪ کي مٽيءَ جا ڍير ڪري ڇڏيو اٿن.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52