bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 23
Jeremiah 23
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 24 →
1
خداوند ، بني اسرائيل جو خدا پنهنجي قوم جي اڳواڻن، جيڪي ڌڻ جي ڌڻيءَ مثل آهن تن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي انهن اڳواڻن لاءِ! جيڪي منهنجي قوم کي تباهہ ۽ ڇڙوڇڙ ڪري ڌڪي ٿا ڪڍن ۽ انهن جي سار سنڀال نہ ٿا لهن. ائين هو جيڪا بڇڙائي ڪن ٿا، تنهن جي آءٌ کين سزا ڏيندس.
3
جن جن ملڪن ڏانهن مون پنهنجيءَ قوم کي هڪالي ڪڍيو آهي، تن مان باقي بچيلن کي آءٌ ئي گڏ ڪري سندن وطن ڏانهن موٽائي آڻيندس. اتي هو گھڻا ٻار ڄڻيندا ۽ تعداد ۾ وڌي ويندا.
4
پوءِ آءٌ انهن تي اهڙا اڳواڻ مقرر ڪندس جيڪي انهن جي سار سنڀال لهندا. منهنجي قوم جا ماڻهو اڳتي وري نہ ڊڄندا ۽ نہ وري ڪو خوف ڪندا، نہ ئي وري آءٌ انهن کي سزا ڏيندس.“
5
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن دائود جي اولاد مان آءٌ هڪڙي سچار کي بادشاهہ ڪري چونڊيندس. اهو بادشاهہ ڏاهپ سان راڄ ڪندو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.
6
انهيءَ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ توڙي اسرائيل جا ماڻهو محفوظ رهندا ۽ سلامتيءَ سان گذاريندا. تڏهن اهو بادشاهہ هن نالي سان سڏبو تہ ’ خداوند اسان سان سچو آهي.‘“
7
خداوند فرمائي ٿو تہ ”تنهنڪري ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن اوهين اڳتي منهنجي نالي جو هيئن قسم نہ کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو.‘
8
بلڪ اوهين هيئن قسم کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي اتر واري ملڪ مان ۽ انهن ملڪن مان ڪڍي آندو جيڏانهن اسان کي جلاوطن ڪري ڇڏيو هئائين.‘ پوءِ اهي پنهنجي ئي ملڪ ۾ رهندا.“
9
نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين جي ڪري منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي، ڇو تہ خداوند جي ڪاوڙ ۽ سندس پاڪ فرمان ۾ ٻڌايل سزا سبب منهنجا سمورا لڱ ڏڪن ٿا. آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ جيان مدهوش ٿي ويو آهيان، جيڪو مئي ۾ الوٽ هجي.
10
جيئن تہ ملڪ خداوند سان بيوفائي ڪندڙن سان ڀرجي ويو آهي، جن بڇڙائيءَ جو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ پنهنجي طاقت کي سچائيءَ جي خلاف استعمال ڪن ٿا. سو خدا جي لعنت جي ڪري ملڪ سڙي ٺوٺ ٿي ويو آهي ۽ چراگاهہ سڪي سڙي ويا آهن.
11
خداوند فرمائي ٿو تہ ” نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن ٻيئي مڪار آهن. آءٌ پنهنجي هيڪل ۾ بہ هنن جي بڇڙائي ڏسان ٿو.
12
انهيءَ ڪري آءٌ مٿن مصيبت آڻيندس. هائو، هنن جي سزا جو وقت اچي رهيو آهي. انهن جون راهون اونداهيون ۽ ترڪڻيون ٿي پونديون، کين اوڏانهن ڌڪيو ويندو جتي هو ڪري پوندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.
13
مون سامريہ جي نبي سڏائيندڙن ۾ اهو گناهہ ڏٺو آهي جو هنن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏيئي منهنجي قوم بني اسرائيل کي گمراهہ ڪيو آهي.
14
يروشلم جي نبي سڏائيندڙن ۾ مون وري انهن کان وڌيڪ ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي جو هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙ تي ٿا گذر ڪن. هو بدڪارن جا هٿ مضبوط ٿا ڪن، تان جو ڪوبہ پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي. سو سڀيئي يروشلم وارا منهنجي نظر ۾ سدوم ۽ عموراہ جي بدڪارن جهڙا آهن.
15
تنهنڪري آءٌ قادرِمطلق خداوند يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي باري ۾ چوان ٿو تہ آءٌ هنن کي کائڻ لاءِ ٽُوهہ ۽ پيئڻ لاءِ زهريلو پاڻي ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي وسيلي سڄي ملڪ ۾ بدڪاري پکڙجي ويئي آهي.“
16
سو قادرِمطلق خداوند يروشلم وارن کي فرمائي ٿو تہ ”جيڪي نبي سڏائيندڙ اوهان جي اڳيان پيغام ڏين ٿا تن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اهي اوهان کي ڪوڙين اميدن سان ڀرپور ڪن ٿا. اهي مون خداوند جون چيل ڳالهيون نہ، بلڪ پنهنجي دل جا خيال وَ خواب ئي اوهان کي ٻڌائين ٿا.
17
جيڪي مون خداوند جي فرمان جي توهين ٿا ڪن، تن کي هو چوندا ٿا وتن تہ ’ خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير وَ سلامتي هوندي،‘ هائو، جيڪي پنهنجي هوڏ تي هلندڙ آهن، تن کي هو چون ٿا تہ ’اوهان تي ڪابہ آفت ڪانہ ايندي.‘“
18
آءٌ يرمياہ چوان ٿو تہ هنن نبي سڏائيندڙن مان ڪوبہ خداوند جي بارگاهہ ۾ نہ ويو آهي جو سندس ڳجھي مصلحت کي سمجھي سگھي، نڪي هنن مان ڪنهن کيس ڳالهائيندي ٻڌو آهي تانتہ وٽانئس ڪو پيغام حاصل ڪري.
19
خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو، هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.
20
خداوند جي ڪاوڙ تيستائين نہ هٽندي، جيستائين هو پنهنجو ارادو پورو نہ ڪندو. اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهين اها ڳالهہ چڱيءَ طرح سمجھي ويندا.
21
خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون انهن نبي سڏائيندڙن کي نہ موڪليو آهي، بلڪ مون تہ ساڻن ڳالهايو ئي ناهي، تہ بہ هو پنهنجن ذاتي پيغامن کي منهنجي نالي سان ڊوڙيو پيا پهچائين.
22
جيڪڏهن هو منهنجي بارگاهہ ۾ اچي منهنجي ڳالهين کي ڄاڻين ها، تہ جيڪر منهنجو ئي پيغام منهنجي قوم کي پهچائين ها، ۽ انهن کان خراب رستو ۽ سندن برا ڪم ڇڏرائي ڇڏين ها.“
23
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خدا جتي ڪٿي موجود آهيان، ويجھو توڙي ڏور.
24
هائو، آءٌ آسمان ۾ توڙي زمين تي هر هنڌ موجود آهيان، تہ پوءِ ڇا ڪو انسان پاڻ کي ڪنهن اهڙي ڳجھي هنڌ لڪائي سگھي ٿو جتي آءٌ کيس ڏسي نہ سگھان؟
25
منهنجي نالي ۾ هو جيڪو ڪوڙو پيغام ڏين ٿا سو مون ٻڌو آهي. هنن مان هر ڪو چوي ٿو تہ ’مون کي خواب ۾ خدا جو پيغام مليو آهي! مون کي رويا ملي آهي!‘
26
اهي نبي سڏائيندڙ ڪيستائين منهنجي قوم کي انهن ڪوڙين ڳالهين سان گمراهہ ڪندا رهندا، جيڪي پنهنجي دل مان گھڙيون اٿائون؟
27
هو سمجھن ٿا تہ جيڪي خواب هو ٻين کي ٻڌائين ٿا تن جي وسيلي منهنجي قوم کان منهنجو نالو ئي وسارائي ڇڏيندا، بلڪل ائين جيئن سندن وڏن بعل ديوتا جي پوڄا ڪري منهنجو نالو وساري ڇڏيو هو.
28
جنهن وٽ خواب آهن سو پنهنجي خوابن کي منهنجو پيغام نہ چوي، پر جنهن وٽ منهنجو پيغام آهي سو ايمانداريءَ سان منهنجو ٻڌايل پيغام ئي بيان ڪري. ڀلا اناج جي ڀيٽ ۾ بُهہ جي ڪهڙي اهميت آهي؟
29
منهنجو فرمان باهہ وانگر آهي، هائو، ان هٿوڙي وانگر آهي جيڪو پٿر کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“
30
خداوند فرمائي ٿو تہ ”سو ڏس، آءٌ انهن نبي سڏائيندڙن جي خلاف آهيان، جيڪي هڪٻئي وٽان هٿ ڪيل ڳالهيون منهنجيون ڪري ٻڌائين ٿا.
31
آءٌ انهن نبي سڏائيندڙن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجي طرفان ڳالهيون گھڙي پوءِ چون ٿا تہ اهي خداوند جي طرفان آهن.
32
آءٌ سچ پچ انهن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجن ڪوڙن خوابن کي منهنجو پيغام ڪري ٻڌائين ٿا. هو انهن ڪوڙن خوابن جو تعبير ٻڌائي ۽ ٻٽاڪون هڻي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا، جڏهن تہ مون هنن کي ڪين موڪليو آهي ۽ نہ ئي وري مون کين مقرر ڪيو آهي. سو انهن مان هن قوم کي ڪوبہ فائدو هرگز نہ ٿو ملي سگھي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“
33
پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! جيڪڏهن منهنجي قوم مان ڪو نبي سڏائيندڙ، ڪو ڪاهن يا ڪو ٻيو ماڻهو تو کان پڇي تہ ’اسان تي خدائي پيغام جو ڪهڙو بار رکيو ويو آهي؟‘ تڏهن تون کين چئج تہ ’اوهين تہ پاڻ خدا تي بار آهيو، جنهن کي هو لاهي ڦٽو ڪندو.‘
34
هاڻ مون خداوند جو حڪم آهي تہ انهن مان ڪوبہ نبي سڏائيندڙ، ڪاهن يا ڪو ٻيو ماڻهو ’خدائي پيغام جو بار‘ جا لفظ هرگز استعمال نہ ڪري. جيڪڏهن ڪو ’خدائي پيغام جو بار‘ جا اهي لفظ چوندو تہ هن لاءِ اهو سزا جو بار ٿي پوندو. هائو، آءٌ انهيءَ شخص ۽ سندس گھراڻي کي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هر ڪو ماڻهو پنهنجي لفظن کي ’خدائي پيغام جو بار‘ چئي پنهنجي قادرِمطلق خداوند جيئري خدا جي فرمان کي ٽوڙيو مروڙيو ڇڏي. سو جيڪڏهن ڪو خداوند جي پيغام کي ڳولڻ چاهي ٿو تہ هو اهي لفظ استعمال نہ ڪري، بلڪ هاڻ انهن مان هر ڪو هڪٻئي کان هن طرح پڇي تہ ’ خداوند ڪهڙو جواب ڏنو آهي؟‘ يا ’ خداوند ڇا ٿو فرمائي؟‘
37
پوءِ اي يرمياہ! تون نبي سڏائيندڙن مان هر هڪ کان آزمائش وٺندي پڇ تہ ’تو کي خداوند ڪهڙو جواب ڏنو آهي؟ خداوند ڇا فرمايو اٿيئي؟‘
38
هاڻ جيڪڏهن هو منهنجو حڪم نہ مڃن ۽ اڃا بہ ’خدائي پيغام جو بار‘ جا لفظ استعمال ڪن،
39
تہ آءٌ انهن کي پڪ پنهنجي حضور مان ڪڍي اڇلائي ڇڏيندس ۽ انهيءَ شهر کي بہ، جيڪو مون انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.
40
آءٌ هنن تي هميشہ جي خواري ۽ هميشہ جي شرمندگي آڻيندس، جيڪا ڪنهن کان بہ ڪين وسرندي.“
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52