bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 27
Jeremiah 27
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 28 →
1
يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي شروعات ۾ ئي خداوند وٽان مون يرمياہ تي فرمان نازل ٿيو.
2
خداوند مون کي حڪم فرمايو تہ ”اي يرمياہ! پنهنجي لاءِ ڪاٺيءَ جي هڪڙي پاڃاري ٺاهہ، جيڪا پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي چمڙي جي پٽن سان ٻڌي ڇڏ.
3
تنهن کان پوءِ جيڪي قاصد يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ وٽ يروشلم ۾ آيا آهن تن کي چئُہ تہ هو پنهنجي آقائن يعني ادوم ، موآب، عمون، صور ۽ صيدا جي بادشاهن کي وڃي
4
مون قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌائين تہ
5
’مون خداوند هيءَ پوري دنيا پنهنجيءَ قدرت سان خلقي آهي. مون پنهنجي زورآور هٿ سان ان جا ماڻهو، جانور ۽ جيڪي ڪجھہ روءِزمين تي آهي سو سڀ جوڙيو آهي. سو اها زمين آءٌ جنهن کي چاهيندو آهيان تنهن کي ڏيندو آهيان.
6
هاڻ آءٌ ئي آهيان جيڪو توهان جا سڀ ملڪ نبوڪدنضر جي حوالي ٿو ڪريان، بلڪ جھنگ جا سڀ جانور بہ آءٌ هن جي تابع ٿو ڪريان، جنهن کي مون انهيءَ ڪم لاءِ چونڊيو آهي.
7
سموريون قومون هن جي، سندس پٽ جي ۽ سندس پوٽي جي تابعداري ڪنديون، ايستائين جو خود سندس ملڪ جو زوال اچي. پوءِ هن جي قوم ٻين زورآور قومن ۽ وڏن وڏن بادشاهن جي تابعداري ڪندي.
8
پر جيڪا قوم ۽ حڪومت بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي تابعداري نہ ڪندي ۽ پنهنجي ڳچي ان جي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجھندي، تنهن قوم کي آءٌ خداوند جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، جيستائين انهيءَ جي هٿان هنن کي بلڪل نابود ڪري نہ ڇڏيان.
9
تنهنڪري اوهين پنهنجن انهن نبي سڏائيندڙن، غيبدانن، خواب جو تعبير ڪندڙن، فال وجھندڙن يا جادوگرن جي ڳالهہ نہ ٻڌجو، جيڪي اوهان کي اڳڪٿي ڪري ٻڌائين ٿا تہ ”اوهين بابل جي بادشاهہ جي تابعداري نہ ڪندا.“
10
اهي اڳڪٿيون بلڪل ئي ڪوڙيون آهن، جن تي يقين ڪرڻ سان اوهين پنهنجن ملڪن مان پري ڌڪجي هليا ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍندس ۽ اوهين ناس ٿي ويندا.
11
پر جيڪا قوم پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي غلاميءَ واري پاڃاريءَ ۾ آڻي وجھندي، يعني سندس تابعداري ڪندي، تنهن قوم کي ئي آءٌ سندس سرزمين ۾ رهڻ ڏيندس. اها قوم اتي ئي آباد رهندي ۽ پنهنجيون ٻنيون ٻارا سنڀاليندي رهندي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.‘“
12
مون اهي ئي ڳالهيون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي بہ چيون تہ ”اي صدقياہ! جيڪڏهن تون ۽ تنهنجي قوم زندہ رهڻ گھرو ٿا تہ پوءِ اوهين پنهنجيون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي غلاميءَ واري پاڃاريءَ ۾ آڻي وجھو ۽ انهيءَ جي ۽ سندس قوم جي تابعداري ڪريو.
13
ڇو تون ۽ تنهنجي قوم جنگ، ڏڪار ۽ وبا ۾ مرڻ ٿا گھرو؟ جهڙيءَ طرح خداوند ، بابل جي بادشاهہ جي تابعداري نہ ڪرڻ واري قوم بابت فرمايو آهي.
14
سو اوهين انهن نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، جيڪي اڳڪٿي ڪري اوهان کي چون ٿا تہ ’اوهين بابل جي بادشاهہ جي تابعداري نہ ڪندا.‘ اهي اوهان کي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪري ٿا ٻڌائين.
15
خداوند پاڻ فرمائي ٿو تہ ’مون هنن کي ڪونہ موڪليو آهي. هو منهنجي نالي تي ڪوڙيون اڳڪٿيون ٿا ڪن. سو جيڪڏهن اوهين انهن تي يقين ڪندا تہ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهين انهن نبي سڏائيندڙن سان گڏ ناس ٿي ويندا، جيڪي اوهان کي اڳڪٿيون ڪري ٻڌائين ٿا.‘“
16
پوءِ مون يرمياہ وڃي ڪاهنن ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”اوهين انهن نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، جيڪي اڳڪٿي ڪري چون ٿا تہ ’هاڻ سگھو ئي خداوند جي هيڪل جو سامان بابل مان موٽائي آندو ويندو.‘ اهي اوهان کي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪري ٿا ٻڌائين.
17
اوهين انهن ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، بلڪ بابل جي بادشاهہ جي تابعداري ڪريو تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڀلا ڇو هي شهر مٽيءَ جو ڍير ٿي وڃي؟
18
پر جيڪڏهن هو سچ پچ نبي آهن ۽ وٽن مون خداوند جو فرمان آهي، تہ پوءِ اهڙيون اڳڪٿيون ڪرڻ بدران کين مون قادرِمطلق خداوند وٽ اهو عرض ڪرڻ گھرجي تہ جيڪو سامان منهنجي هيڪل ۾، يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ ۽ يروشلم ۾ باقي بچيل آهي سو بابل ڏانهن نہ کڄي وڃي.
19
پر منهنجي هيڪل ۾، يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ ۽ يروشلم شهر ۾ جيڪو باقي بچيل سامان يعني پتل جا ٿنڀا، پتل جو حوض، پتل جون ريڙهيون ۽ ٻيو سامان، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر کڻي نہ ويو هو، جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي سڀني اميرن کي بابل ڏانهن قيد ڪري وٺي ويو هو، تنهن سامان بابت آءٌ قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ
22
اهو سامان بابل ڏانهن کڄي ويندو ۽ ان ڏينهن تائين اتي رهندو جيستائين آءٌ پاڻ اهو موٽائي آڻڻ جو فيصلو نہ ڪريان. تڏهن آءٌ اهو اتان موٽائي آڻي يروشلم ۾ سندس جاءِ تي رکائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52