bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 40
Jeremiah 40
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 39
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 41 →
1
جڏهن يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي قيدين سان گڏ مون يرمياہ کي بہ زنجيرن ۾ ٻڌي اتان کان بابل ڏانهن جلاوطن ڪري نيو پئي ويو، تڏهن شاهي محافظن جي سالار نبوزرادان مون کي رامہ شهر ۾ ئي آزاد ڪرائي ڇڏيو. تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو.
2
آزاد ڪرڻ وقت محافظن جي سالار مون کي سڏائي چيو هو تہ ”هن ملڪ ۾ جيڪا آفت آئي آهي تنهن جو فرمان خداوند تنهنجي خدا جاري ڪيو هو.
3
هاڻ خداوند اها آفت آڻي پوري ڪئي آهي ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ئي ڪيو اٿس. اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ ان جي نافرماني ڪئي آهي.
4
پر اڄ آءٌ تو کي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جيڪي تنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل آهن. جيڪڏهن تون مون سان گڏ بابل ملڪ ڏانهن هلڻ چاهين تہ ڀلي هل، آءٌ تنهنجي سنڀال ڪندس. پر جيڪڏهن تون هلڻ نہ چاهين تہ پوءِ ڀلي نہ هل. ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جيڏانهن تو کي وڻي تيڏانهن هليو وڃ.“
5
آءٌ اڃا اتان روانو ئي نہ ٿيو هئس تہ نبوزرادان مون کي وڌيڪ چيو تہ ”چڱو تہ ائين آهي جو تون موٽي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن وٽ وڃ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي شهرن تي گورنر مقرر ڪيو آهي. تون پنهنجي قوم منجھہ ئي وٽس وڃي رهہ، يا جتي تو کي وڻي اتي وڃي رهہ.“ پوءِ انهيءَ سالار مون کي کاڌو ۽ سوکڙيون ڏيئي روانو ڪيو.
6
سو آءٌ مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ ولد اخيقام وٽ آيس ۽ وٽس باقي بچيل ماڻهن منجھہ رهڻ لڳس.
7
يهوداہ جي لشڪر جي سالارن ۽ يهوداہ جي انهن ماڻهن جيڪي اڃا ٻاهر وڙهي رهيا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ جِدلياہ ولد اخيقام کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ ملڪ جو گورنر مقرر ڪيو آهي ۽ ان کي ملڪ جي بچيل سڀني ماڻهن، يعني اهي غريب ماڻهو جيڪي قيدي بڻائي بابل ڏانهن نہ موڪليا ويا هئا، تن جو نگران بڻايو اٿائين،
8
تڏهن اهي مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا. جيڪي آيا سي هي هئا: اسماعيل ولد نتنياہ، قريح جا پٽ يوحنان ۽ يونتن، سراياہ ولد تنحومت، عيفي نطوفاتيءَ جو اولاد ۽ معڪاتيءَ جو پٽ يازنياہ. اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت وٽس آيا.
9
تڏهن گورنر جِدلياہ انهن سڀني ماڻهن سان واعدو ڪندي کين چيو تہ ”بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر جي تابعداري ڪرڻ کان نہ گھٻرايو. اهو اوهان لاءِ چڱو ٿيندو، اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجي ئي ملڪ ۾ آباد ٿي ويندا.
10
ڏسو، آءٌ پاڻ مصفاہ شهر ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي بابلي اسان وٽ اچن تن اڳيان آءٌ اوهان جي نمائندگي ڪريان. پر اوهين مئي، اونهاري جا ميوا ۽ زيتون جو تيل ڪٺو ڪريو ۽ انهن جو پاڻ وٽ ذخيرو ڪريو ۽ انهن ئي شهرن ۾ رهي پئو جيڪي اوهان هٿ ڪيا آهن.“
11
ساڳيءَ طرح سڀيئي يهوداہ وارا جيڪي موآب، عمون، ادوم ۽ ٻين ملڪن ۾ هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بابل جو بادشاهہ ڪن ماڻهن کي ڇڏي ويو آهي ۽ انهن تي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن کي گورنر مقرر ڪيو اٿس،
12
تڏهن اهي جن هنڌن ڏانهن ڇڙوڇڙ ڪيا ويا هئا اتان موٽي يهوداہ ملڪ جي مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا، جتي هنن مئي ۽ اونهاري جا ميوا جھجھي مقدار ۾ گڏ ڪيا.
13
ڪجھہ ڏينهن بعد يوحنان ولد قريح ۽ يهوداہ جي لشڪر جا سڀ سالار جيڪي اڃا تائين ٻاهر وڙهي رهيا هئا، سي مصفاہ ۾ جِدلياہ وٽ آيا.
14
هنن اچي کيس چيو تہ ”ڇا اوهان کي خبر ناهي تہ اسماعيل ولد نتنياہ نالي هڪ ماڻهوءَ کي بني عمون جي بادشاهہ بعليس اوهان کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي؟“ پر جِدلياہ کي انهن جي ڳالهہ تي يقين نہ آيو.
15
تڏهن يوحنان جِدلياہ کي ڳجھہ ڳوهہ ۾ چيو تہ ”مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ اسماعيل ولد نتنياہ کي قتل ڪريان، انهيءَ ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوندي. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ هو اوهان جي جان وٺي ۽ پوءِ جيڪي يهوداہ وارا اوهان وٽ اچي گڏ ٿيا آهن سي وري ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو پڻ ناس ٿي وڃن.“
16
پر گورنر جِدلياہ يوحنان کي چيو تہ ”اهڙو ڪم هرگز نہ ڪجانءِ! ڇاڪاڻ تہ اسماعيل بابت جيڪي ڪجھہ تون چوين ٿو سو سچ ناهي.“
← Chapter 39
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 41 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52