bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 28
Jeremiah 28
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 29 →
1
ساڳئي سال، يعني يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال جي پنجين مهيني ۾ جِبعون جي رهاڪو نبي سڏائيندڙ حننياہ ولد عزور خداوند جي گھر ۾ ڪاهنن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي روبرو مون يرمياہ کي چيو تہ
2
”قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون بابل جي بادشاهہ جي غلاميءَ واري پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي.
3
ٻن سالن اندر آءٌ هيڪل جو اهو سڄو سامان هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جيڪو بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هتان بابل ڏانهن کڻي ويو هو.
4
آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي بابل ڏانهن جلاوطن ڪيل يهوداہ جي ٻين سڀني ماڻهن سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“
5
تڏهن مون ڪاهنن ۽ خداوند جي گھر ۾ بيٺل ٻين ماڻهن جي روبرو نبي سڏائيندڙ حننياہ کي چيو تہ
6
”آمين! شل خداوند ائين ئي ڪري! جيڪي ڳالهيون اڳڪٿي ڪري تو ڪيون آهن سي شل خداوند پوريون ڪري ۽ هيڪل جو سامان ۽ سڀ جلاوطن ڪيل ماڻهو بابل مان موٽائي هن هنڌ آڻي.
7
تنهن هوندي بہ هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، جيڪا آءٌ تنهنجي ۽ هنن سڀني ماڻهن جي روبرو ڪريان ٿو.
8
مون کان ۽ تو کان اڳي جيڪي نبي قديم زماني کان ٿي گذريا آهن، تن گھڻن ئي ملڪن ۽ وڏين بادشاهتن جي خلاف اڪثر ڪري جنگ، مصيبت ۽ وبا بابت اڳڪٿيون پئي ڪيون هيون.
9
پر جيڪو امن وَ امان بابت اڳڪٿي ڪري ٿو، تنهن کي خداوند جو موڪليل نبي تڏهن ئي تسليم ڪبو جڏهن ان جي اڳڪٿي سچي ثابت ٿئي.“
10
تڏهن نبي سڏائيندڙ حننياہ منهنجي ڳچيءَ مان پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏي.
11
پوءِ حننياہ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ” خداوند فرمائي ٿو تہ ’انهيءَ ئي طرح آءٌ ٻن سالن اندر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي غلاميءَ جي پاڃاري سڀني قومن جي ڳچيءَ مان ڪڍي ڀڃي ڇڏيندس.‘“ پوءِ آءٌ پنهنجي واٽ وٺي هليو ويس.
12
جڏهن حننياہ منهنجي ڳچيءَ مان پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏي، تنهن کان ٿوري دير پوءِ خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيو تہ
13
”وڃ، تون حننياہ کي وڃي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’تو ڪاٺيءَ جي پاڃاري ڀڳي آهي، پر هاڻ ان جي عيوض آءٌ لوهہ جي پاڃاري جوڙيندس.
14
آءٌ قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ هنن سڀني قومن جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجھندس، تہ جيئن هو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي تابعداري ڪن، يقيناً هو ائين ئي ڪندا. آءٌ جھنگ جا جانور بہ هن جي تابع ڪري ڇڏيندس.‘“
15
سو مون وڃي حننياہ کي اهو پيغام ٻڌائيندي وڌيڪ چيو تہ ”اي حننياہ! ٻڌ، جيئن تہ خداوند تو کي ڪونہ موڪليو آهي، تہ بہ تو هن قوم کي ڪوڙ مٿان يقين ڪرڻ تي قائل ڪيو آهي.
16
تنهنڪري خداوند تو بابت فرمائي ٿو تہ ’آءٌ تو کي روءِزمين تان مِٽائڻ وارو آهيان. هن ئي سال تون مري ويندين، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“
17
سو انهيءَ ساڳئي سال جي ستين مهيني ۾ نبي سڏائيندڙ حننياہ مري ويو.
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52