bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 37
Jeremiah 37
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 36
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 38 →
1
بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صدقياہ ولد يوسياہ کي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيو، جيڪو يهوياڪين ولد يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
2
هاڻ نہ صدقياہ، نڪي سندس عملدارن ۽ نہ وري سندس عوام ئي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان ڏنو، جيڪي منهنجي معرفت خداوند فرمايون هيون.
3
تنهن هوندي بہ صدقياہ بادشاهہ يهوڪل ولد سلمياہ ۽ ڪاهن صفنياہ ولد معسياہ جي معرفت مون ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اسان جي قوم لاءِ خداوند اسان جي خدا کان دعا گھر.“
4
ان وقت تائين آءٌ آزاديءَ سان ماڻهن منجھہ ايندو ويندو هئس، ڇاڪاڻ تہ اڃا مون کي قيد نہ ڪيو ويو هو.
5
فرعون جو لشڪر مصر مان نڪري چڪو هو، سو يروشلم کي گھيري هيٺ رکيو ويٺل بابلين جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو يروشلم کي ڇڏي هليا ويا.
6
تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو
7
۽ جن کي صدقياہ بادشاهہ خدا کان دعا گھرڻ لاءِ مون ڏانهن موڪليو هو، تن جي معرفت مون صدقياہ بادشاهہ کي خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان چوائي موڪليو تہ ” فرعون جو لشڪر جيڪو تنهنجي مدد لاءِ نڪتو آهي سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏانهن هليو ويندو.
8
پوءِ بابلي واپس اچي هن شهر يروشلم تي ڪاهہ ڪندا. هو انهيءَ تي قبضو ڪري ان کي ساڙي ڇڏيندا.
9
آءٌ خداوند اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ اوهين هي سوچيندي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ’هاڻي بابلي يقيناً اسان تي موٽي ڪاهہ نہ ڪندا.‘ پر اهي ضرور موٽي ايندا.
10
پوءِ بابلين جو لشڪر جيڪو اوهان تي حملو ڪري ايندو، تنهن کي جيڪڏهن اوهين شڪست بہ کڻي ڏيو ۽ سندن خيميگاهہ ۾ رڳو زخمي ئي وڃي بچن، تہ بہ اهي ٻاهر نڪري هن شهر کي ضرور ساڙي ڇڏيندا.“
11
جڏهن فرعون جي لشڪر جي ڊپ کان بابلين جو لشڪر يروشلم ڇڏي ڀڄي هليو ويو،
12
تڏهن آءٌ يروشلم مان نڪري بنيامين جي علائقي ۾ وڃڻ وارو هئس، انهيءَ لاءِ تہ اتي مائٽن وٽ جيڪو منهنجي ملڪيت جو حصو هو سو انهن کان وٺان،
13
پر جڏهن آءٌ اڃا يروشلم شهر جي بنيامين دروازي وٽ مس پهتس، تڏهن ارياہ ولد سلمياہ ولد حننياہ نالي پهريدارن جي سالار مون کي روڪي ورتو ۽ چيائين تہ ”تون غداري ڪري بابلين ڏانهن ڀڳو ٿو وڃين!“
14
مون وراڻيو تہ ”اهو ڪوڙ آهي، آءٌ بابلين ڏانهن ڀڳو ڪونہ ٿو وڃان.“ پر ارياہ منهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، اٽلندو مون کي گرفتار ڪري عملدارن وٽ پيش ڪيائين.
15
هو مون تي ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ مون کي چهبڪ هڻائي شاهي محرر يونتن جي گھر ۾ کڻي قيد ڪيائون. ان وقت يونتن جو گھر قيدخاني ۾ تبديل ڪيو ويو هو.
16
سو مون کي ان قيدخاني جي تهہخاني ۾ رکيو ويو، جتي آءٌ گھڻو عرصو رهيس.
17
پوءِ بادشاهہ صدقياہ مون کي پنهنجي محل ۾ گھرائي ورتو جتي ڳجھيءَ طرح مون کان پڇيائين تہ ” خداوند وٽان ڪو پيغام آيو آهي يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”هائو، تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.“
18
پوءِ مون بادشاهہ صدقياہ کان پڇيو تہ ”مون تنهنجو يا تنهنجي عملدارن جو يا تنهنجي رعيت جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو تو مون کي قيد ۾ وڌو آهي؟
19
تون پنهنجي انهن نبي سڏائيندڙن کي تہ ڪا سزا نہ ٿو ڏين، جن ڪوڙي اڳڪٿي ڪري تو کي چيو هو تہ ’بابل جو بادشاهہ تو تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو.‘
20
پر هاڻي اي بادشاهہ سلامت! منهنجي ڳالهہ تي ڪجھہ ڌيان ڏيو، منهنجو هي عرض قبول ڪريو جو مون کي موٽائي شاهي محرر يونتن جي گھر نہ موڪليو، نہ تہ آءٌ اتي مري ويندس.“
21
تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم جاري ڪيو تہ مون کي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ڪيو وڃي ۽ روزانو نانوائين جي بازار مان مون کي ماني ڏني وڃي. پوءِ جيستائين شهر مان ماني بلڪل کپي نہ ويئي، تيستائين آءٌ محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس.
← Chapter 36
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 38 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52