bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 3
Jeremiah 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 4 →
1
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي ۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي، تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟ ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟ ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر گھڻن ئي يارن سان رهي آهين، انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟
2
ٽڪر تي ٺهيل جاين ڏانهن پنهنجيون اکيون کڻي نهاري ڏس تہ اتي ڪابہ اهڙي جاءِ آهي جتي تو سان ڪو ستو نہ هجي؟ تون بيابان جي رستن جي ڪناري پنهنجي يارن لاءِ ائين انتظار ۾ ويٺي آهين، جيئن بدوي رستن تي ويهي ايندڙ ويندڙ سان وهنوار ڪندا آهن. تو هن ملڪ کي پنهنجي اهڙي زناڪاري ۽ بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.
3
اهو ئي سبب آهي جو مينهن جھلجي ويو آهي، ۽ بهار وارو وسڪارو بہ ناهي ٿيو. انهيءَ هوندي بہ تنهنجي چال چلت ڪڃريءَ جهڙي آهي، ۽ شرم وچان ٻڏي بہ نہ ٿي مرين.
4
پنهنجي اهڙيءَ حالت ۾ تون مون کي چوين ٿي تہ ’اي منهنجا ابا! تو منهنجي ننڍپڻ کان وٺي مون سان پيار ڪيو آهي.
5
پوءِ تون هميشہ لاءِ مون سان ڪاوڙيل رهندين ڇا؟‘ اي اسرائيل ملڪ جي قوم! تو ائين بہ چيو آهي، پر تو کان جيڪا بڇڙائي پڳي آهي سا بہ ڪندي رهي آهين.“
6
يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”ڏٺئِہ، اسرائيل ملڪ جي بيوفا قوم ڇا ڇا ڪيو؟ هن ٽڪر تي ٺهيل هر ڪنهن جاءِ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ وڃي بتپرستي ڪندي ڪڃريءَ وانگر زناڪاري ڪئي آهي.
7
مون سوچيو تہ هوءَ اهو سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ توبهہتائب ٿي مون ڏانهن موٽي ايندي، پر ائين نہ ٿيو. سندس بيوفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم اهو سڀ ڪجھہ پئي ڏٺو آهي.
8
مون اسرائيل ملڪ جي بيوفا قوم کي سندس زناڪاريءَ جي ڪري طلاق نامو ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. اهو ڏسندي بہ سندس بيوفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم ڪانہ ڊني، اٽلندو اها بہ وڃي زناڪاري ڪرڻ لڳي.
9
کيس ڪوبہ شرم نہ آيو. هن پٿرن ۽ وڻن جي پوڄا ڪندي ڄڻ زناڪاري ڪري ملڪ کي پليت ڪيو آهي.
10
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سندس بيوفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم مون ڏانهن پوريءَ دل سان موٽ نہ ڪئي آهي، رڳو رياڪاري ڪئي اٿن. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“
11
خداوند مون کي فرمايو تہ ”اهو ئي سبب آهي جو اسرائيل ملڪ جي بيوفا قوم پنهنجو پاڻ کي يهوداہ ملڪ جي بيوفا قوم کان وڌيڪ سچو ثابت ڪيو آهي.
12
سو تون وڃ ۽ اترادي ملڪ اسرائيل ۾ وڃي مون خداوند جو هي فرمان وڏي واڪي چئي ٻڌاءِ تہ ’اي اسرائيل ملڪ جا بيوفا رهاڪؤ! موٽي اچو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي وڌيڪ غضب نازل نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحيم آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙيل نہ رهندس.
13
اوهين رڳو پنهنجو گناهہ باسيو تہ اوهان منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڌارين معبودن ڏانهن رجوع ڪيو اٿوَ ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪانہ ڪئي اٿوَ.
14
اي مون کان ڦري ويل قوم وارؤ! موٽي اچو، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجا ئي آهيو. آءٌ اوهان جي هر شهر مان هڪ هڪ ۽ هر قبيلي مان ٻہ ٻہ نمائندا ڪري چونڊيندس ۽ ائين صيئون جبل سان اوهان جو رابطو ڳنڍي ڇڏيندس.
15
آءٌ اوهان کي اهڙا حڪمران ڏيندس جيڪي منهنجي مرضيءَ تي هلندڙ هوندا. اهي علم ۽ سمجھہ سان اوهان جي اڳواڻي ڪندا.
16
پوءِ جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ اندر تعداد ۾ وڌي ويندا، تڏهن اوهين منهنجي عهد واري صندوق جي باري ۾ ڳالهائڻ ئي ڇڏي ڏيندا. اوهين ان متعلق سوچيندا بہ نہ ۽ نہ وري اُها اوهان کي ياد ئي رهندي. اوهان کي نہ انهيءَ جي ڪا ضرورت هوندي ۽ نہ وري اوهين ڪا ٻي اهڙي عهد واري صندوق ٺاهيندا.
17
انهيءَ وقت تہ اوهين يروشلم کي ” خداوند جو تخت“ سڏيندا ۽ سڀ قومون مون خداوند جي نالي کي تعظيم ڏيڻ لاءِ يروشلم ۾ گڏ ٿينديون، ۽ اڳتي اوهين پنهنجي شرير دل جي هوڏ مطابق نہ هلندا.
18
انهن ڏينهن ۾ اوهين اسرائيل جا رهاڪو يهوداہ جي رهاڪن سان ملي ويندا ۽ گڏجي اُتر واري ملڪ جي جلاوطنيءَ مان نڪري انهيءَ ملڪ ۾ ايندا جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“
19
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! منهنجو ارادو هو تہ آءٌ تو کي پنهنجي اولاد جو رتبو ڏيان، ۽ تو کي سٺو ملڪ، يعني ٻين قومن کان چڱي ۾ چڱو ملڪ ورثو ڪري ڏيان. مون سوچيو هو تہ تون مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندينءَ، ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان ڦري نہ ويندينءَ.
20
پر ان جي بدران اي منهنجي قوم! تو هڪ بيوفا زال وانگر مون سان بيوفائي ڪئي آهي. آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“
21
جيئن تہ بني اسرائيل پنهنجي رستي کان هٽي ويا آهن، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو اٿن، سو سندن روئڻ ۽ منٿن ڪرڻ جو آواز پهاڙن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
22
اي ڦري ويل قوم وارؤ! خداوند آڏو توبهہتائب ٿيو، هو اوهان جي گمراهيءَ جو علاج ڪندو. اوهين هي چئو تہ ”اسين خداوند آڏو توبهہتائب ٿا ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هو ئي خداوند ، اسان جو خدا آهي.
23
سچ آهي تہ بتپرستيءَ واريون ٽڪريون ۽ جبل دوکو آهن. پر بني اسرائيل جو ڇڏائجڻ يقيني طور خداوند اسان جي خدا ۾ ئي آهي.
24
پر بدڪاريءَ جي پتلي بعل ديوتا جي پوڄا، جيڪا اسان جي قوم شروعات کان ئي پيئي ڪئي، سا اسان جي ابن ڏاڏن جو پورهيو، سندن ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ سندن پٽ ۽ ڌيئرون بہ کائي ويئي آهي.
25
اسان کي خواريءَ سبب شرم ۾ ٻڏي مرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ۽ نافرماني پئي ڪئي آهي.“
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52