bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 8
Jeremiah 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 9 →
1
انهيءَ وقت يهوداہ جي بادشاهن ۽ سندن عملدارن جا هڏا، ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن جا هڏا ۽ يروشلم جي رهاڪن جا هڏا سندن قبرن مان ڪڍيا ويندا.
2
سندن اهي هڏا سج، چنڊ ۽ آسمان جي ستارن اڳيان پکيڙيا ويندا، جن سان کين محبت هئي ۽ جن جي خدمت ۽ پوڄا ڪندا هئا ۽ جن جي پٺيان لڳي کين سجدا ڪندا هئا. اهي هڏا دفن ڪرڻ لاءِ ميڙي گڏ نہ ڪيا ويندا بلڪ گند ڪچري وانگر زمين تي پکڙيا پيا هوندا.
3
انهيءَ خراب قوم مان جيڪي باقي بچندا ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هوندو، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا. آءٌ قادرِمطلق خداوند ائين ٿو چوان.“
4
خداوند مون کي پنهنجي قوم لاءِ هي پيغام ڏنو تہ ”جيڪڏهن ڪو ڪري پوندو آهي تہ اهو وري اٿندو ناهي ڇا؟ جيڪڏهن ڪو پنهنجو رستو وڃائي ويهندو آهي تہ هو وري ان تي موٽندو ناهي ڇا؟
5
تہ پوءِ اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ڦري وڃڻ بعد مون ڏانهن موٽي ڇونہ آيا آهيو؟ اوهين بتن کي چنبڙي پيا آهيو ۽ وري مون آڏو توبهہتائب نہ ٿا ٿيو.
6
مون ڌيان سان ٻڌو آهي، پر اوهان مان ڪوبہ سچ نہ ٿو ڳالهائي. ڪوبہ ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي ۽ ائين نہ ٿو چوي تہ ’هاءِ! هي مون ڇا ڪيو؟‘ بلڪ هر ڪو پنهنجي بڇڙائيءَ واري واٽ وٺيو پيو ٿو هلي، جيئن ڪو گھوڙو جنگ ۾ ڊوڙندو ئي رهندو آهي.
7
لقلق پکي بہ پنهنجي لاءِ مقرر ڪيل موسم کان باخبر هوندو آهي. ڳيرا، ابابيل ۽ ڪنگ بہ پنهنجي لڏپلاڻ جي مند ڄاڻن ٿا. مگر اوهان منهنجي قوم کي اها خبر ئي ناهي تہ مون خداوند اوهان کي ڪهڙا قاعدا قانون ڏنا آهن.
8
اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’اسين تہ داناءَ آهيون ۽ اسان وٽ خداوند جي شريعت آهي‘؟ پر ڏسو، عالمن پنهنجي ڪوڙي قلم سان شريعت جي سچائيءَ کي ڦيرائي ڇڏيو آهي.
9
سو داناءَ شرمندا ڪيا ويندا. اهي نراس ڪيا ويندا ۽ پنهنجي دام ۾ پاڻ ڦاسندا. جيئن تہ هنن مون خداوند جي فرمان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تہ پوءِ وٽن ڪهڙي دانائي باقي بچي آهي؟
10
انهيءَ ڪري آءٌ سندن زالون ٻين کي ڏيئي ڇڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون ٻين جي قبضي ۾ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.
11
منهنجي قوم جا ڦٽ بہ هنن کي معمولي رهڙون نظر اچن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هو ’خير آهي، خير آهي،‘ چوندا ٿا وتن، جڏهن تہ ڪوبہ خير ڪونهي.
12
ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هو بلڪل شرمندا ڪونہ آهن. کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
13
خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس. اهي انگور جي اهڙي ول جيان ٿيندا، جنهن ۾ ڪو انگور نہ بچيو هجي. اهي انجير جي اهڙي وڻ جيان ٿيندا، جنهن ۾ ڪو انجير نہ بچيو هجي ۽ جنهن جا پن بہ سڪي سڙي ويندا. جيڪي ڪجھہ مون کين ڏنو آهي، سو سڀ کانئن کسيو ويندو.“
14
تڏهن ماڻهو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”جيئن تہ خداوند اسان جي خدا اسان لاءِ ناس ٿيڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسان کي زهريلو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو تہ اسين هن جا ڏوهاري آهيون، پوءِ اسين ڇو هتي ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ پاڻ ۾ گڏ ٿيو ۽ هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون، پوءِ ڀلي اتي ناس ٿيون.
15
اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون، پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي. اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون، پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي،
16
ڇاڪاڻ تہ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ دشمنن جا گھوڙا دان شهر ۾ پهچي ڦوڪارين پيا. هائو، هنن جي جنگي گھوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄي ملڪ کي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي. اهي دشمن ان لاءِ آيا آهن تہ اهو ملڪ ۽ جيڪي منجھس آهي ۽ شهر ۽ جيڪي منجھن رهن ٿا تن سڀني کي ڳهي وڃن.“
17
خداوند ٿو فرمائي تہ ”خبردار ٿجو، آءٌ اوهان منجھہ اهڙا زهريلا نانگ موڪليندس، جن تي ڪو منتر اثر نہ ڪندو، ۽ اُهي اوهان کي ڏنگي وجھندا.“
18
منهنجو ڏک حد کان ٻاهر آهي، منهنجي دل اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي!
19
ٻڌو، منهنجي قوم جي دانهن جو آواز پوري ملڪ ۾ گونجي ٿو تہ ”ڇا خداوند صيئون مان هليو ويو آهي؟ ڇا هاڻي هو صيئون جو بادشاهہ ناهي رهيو؟“ خداوند ورندي ٿو ڏئي تہ ”مون اوهان کي ان ڪري ڇڏي ڏنو آهي، جو اوهين پنهنجين اُڪريل مورتين ۽ ڌارين بيڪار بتن کي پوڄي مون کي چڙ ٿا ڏياريو.“
20
ماڻهو دانهون ڪندي چون ٿا تہ ”بهار ۽ اونهارو آيا بہ، ۽ اهي گذري بہ ويا، پر اڃا تائين اسان کي ڇڏايو نہ ويو آهي.“
21
منهنجي قوم کي ايذاءُ رسيو آهي، ڄڻ تہ آءٌ ايذايو ويو آهيان. آءٌ ڏکويل ٿي پيو آهيان ۽ منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي.
22
جِلعاد ۾ ڪا دوا ڪانهي ڇا؟ اتي ڪو حڪيم ڪونهي ڇا؟ پر منهنجي قوم جا زخم انهن کان ڇٽڻ جا ناهن.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52