bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 46
Jeremiah 46
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 45
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 47 →
1
هي آهي خداوند جو اهو فرمان جيڪو قومن جي باري ۾ مون يرمياہ تي نازل ٿيو،
2
جنهن جي شروعات مصر جي باري ۾ ٿئي ٿي. هائو، اهو مصر جي نڪوہ نالي فرعون جي لشڪر جي باري ۾ آهي، جنهن کي ڪرڪميس شهر ۾ فرات نديءَ جي ڪناري بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شڪست ڏني هئي. اهو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال ٿيو.
3
خداوند فرمائي ٿو تہ ”مصر جا سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڪن تہ ’پنهنجيون ڍالون تيار ڪريو ۽ جنگ لاءِ نڪري هلو.
4
گھوڙن تي سنج وجھي مٿن سوار ٿيو. پنهنجا لوها ٽوپ پائي جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيهو. پنهنجن نيزن کي تيز ڪريو ۽ زرهون پائي ڇڏيو.‘
5
پر آءٌ هي ڇا ٿو ڏسان؟ مصر جي لشڪر وارا تہ خوف ۾ وٺجي ويا آهن، هو پٺ تي هٽي ويا آهن. هنن جا جوڌا جوان شڪست کائي ويا آهن. هو پٺ تي نهارڻ بنا ڀڳا ٿا وڃن. هر طرف ڏهڪاءُ ئي ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.
6
جيڪي ڀڄڻ ۾ تکا آهن سي ڀڄڻ کان قاصر آهن، بهادر بہ بچي نڪرڻ جي سگھہ کان محروم آهن. اتر ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هو ٿاٻڙبا ڪرندا ٿا وڃن.
7
مصر وارن سوچيو ٿي تہ ’اسين ٻوڏ وانگر چڙهندا وينداسين، ۽ ڌرتيءَ کي ڍڪي ڇڏينداسين. اسين شهرن کي سندن رهاڪن سميت ناس ڪري ڇڏينداسين.‘ هو ڪيئن نہ نيل نديءَ جي پاڻيءَ وانگر مٿي چڙهندا ٿي آيا، ۽ درياءَ جي ڇولين جيان سندن لشڪر اٿل ٿي کاڌي.
9
سندن سالارن حڪم ٿي ڪيو تہ ’اي گھوڙي سوارؤ! اوهين گھوڙن کي ڌوڪيندا هلو. اي جنگي گھوڙي گاڏين وارؤ! طوفاني رفتار سان هلو. اوهين اي سوڊان ۽ لبيا وارؤ! جيڪي ڍالون کڻندڙ آهيو، ۽ اوهين اي لود وارؤ! جيڪي تيرڪمان کڻندڙ آهيو، هائو، اي جوڌا جوانؤ! اوهين اڳتي وڌندا هلو.‘“
10
اهو ڏينهن خداوند قادرِمطلق خدا جو ڏينهن آهي، اهو بدلو وٺڻ جو ڏينهن آهي. انهي ڏينهن هو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو. سندس تلوار دشمنن کي ڳڙڪائي ڍءُ ڪندي، ايستائين جو اها هنن جو رت پيئندي پيئندي مست ٿي پوندي. انهيءَ سبب جو خداوند ، قادرِمطلق خدا اتر واري ملڪ بابل ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني پيش ڪندو.
11
اي مصر وارؤ! اوهين هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ مثل آهيو، جيڪا ڀلي پنهنجي لاءِ دوا وٺڻ واسطي جِلعاد ڏانهن پيئي ڊوڙي. هائو، هوءَ طرح طرح جون دوائون ڪم ٿي آڻي، جيڪي بلڪل بيفائدي آهن، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ شفا تہ آهي ئي ڪونہ.
12
قومن ۾ هن جي خواري مشهور ٿي ويندي، ۽ دنيا هن جي روڄ راڙي سان ڀرجي ويندي. اي مصر وارؤ! اوهان جا جنگي جوڌا هڪٻئي مٿان ٿاٻڙجي ٿا ڪِرن.
13
هي آهي اهو پيغام جيڪو خداوند مون يرمياہ کي ٻڌايو تہ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ڪيئن اچي مصر ملڪ کي شڪست ڏيندو.
14
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي يرمياہ! تون مصر ۾ هي اعلان ڪر، بلڪ ان جي شهرن مجدال، نوف ۽ تحفنيس ۾ پڌرائي ڪر تہ ’اوهين جنگ لاءِ سنبري بيهو ۽ تيار ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ توهان جي آسپاس وارن کي ڳڙڪائيندي ٿي اچي.
15
ڇو توهان جو حف نالي معبود هيٺ ڪري پيو آهي؟ ڇو توهان جو اهو زورآور بيهي ڪونہ سگھيو آهي؟ خداوند کيس چماٽ هڻي هيٺ ڪيرايو آهي.‘
16
پر مصري لشڪر وارا ٺوڪرون کائي هڪٻئي تي ڪرن ٿا ۽ چون ٿا تہ ’اُٿو تہ ظالم جي تلوار کان ڀڄي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي وطن ڏانهن هلون.‘
17
پوءِ مصر جي فرعون کي ’ٻٽاڪي فرعون ‘ جي لقب سان سڏيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي هٿان اهو موقعو وڃائي ڇڏيو آهي.“
18
اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو قادرِمطلق جيئرو خداوند آهي، سو قسم کڻي فرمائي ٿو تہ ”جيئن تبور جبل سڀني جبلن کان مٿاهون آهي، ۽ جيئن ڪرمل جبل سمنڊ کان تمام اوچو آهي، تيئن ئي اهو شخص اوهان کان زورآور آهي، جيڪو اوهان تي حملو ڪرڻ اچي ٿو.
19
سو اي مصر جا رهاڪؤ! قيد ٿي جلاوطن ٿيڻ لاءِ پنهنجا هنڌ ٽپڙ ٻڌي رکو، ڇاڪاڻ تہ نوف شهر ويران ٿيندو، ۽ منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ بچندو.
20
مصر هڪڙي ڏاڍي سهڻي گابيءَ مثل آهي، پر اتر مان هڪڙي ڏنگيندڙ مک مٿس حملو ڪرڻ لاءِ اچي ٿي.
21
مصر جا ڀاڙي ڪيل سپاهي بہ پليل گابن وانگر آهن، سي بہ پٺ ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا. اهي ميدان ۾ بيهي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ سندن مصيبتن جو ڏينهن مٿن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.
22
مصر وارا ائين ٿا ڀڄن، جيئن ڪو ڀڄندڙ نانگ سرڙاٽ ڪندو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تہ دشمن لشڪر هنن ڏانهن وڌندا ٿا اچن، هائو، اهي ڪاٺيرن وانگر ڪهاڙا کڻي مٿن ڪاهيو ٿا اچن.
23
هو کين ائين وڍي اڇلائين ٿا، جيئن ٻيلي ۾ واڍي وڌي ويندي آهي، پوءِ اهو ٻيلو ڪيترو بہ گھاٽو ڇو نہ هجي. اهي دشمن مڪڙن جي ڪٽڪن کان بہ گھڻا آهن، بلڪ بيشمار آهن.
24
مصر وارا خوار خراب ڪيا ويندا، اهي اتر وارن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏنا ويندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
25
قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ نوآمون نالي شهر واري معبود آمون کي توڙي فرعون ، مصر وارن، سندن معبودن، سندن اتحادي بادشاهن ۽ جيڪي فرعون تي ڀاڙين ٿا تن سڀني کي سزا ڏيندس.
26
آءٌ انهن کي سندن جاني دشمنن، يعني بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر وارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. پر بعد ۾ مصر ملڪ وري آباد ٿي ويندو جيئن اهو قديم زماني ۾ هوندو هو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
27
خداوند ٿو فرمائي تہ ”پر اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين ڪو خوف نہ ڪريو. يقيناً آءٌ پنهنجي قوم کي ڏورانهن ملڪن مان بچائي وٺندس، يعني اوهان جي اولاد کي سندن جلاوطنيءَ وارن ملڪن مان بچائي آڻيندس. اهي موٽي پنهنجي وطن ۾ ايندا. اهي امن وَ سلامتي ماڻيندا ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.
28
اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. توڙي جو آءٌ انهن سڀني قومن کي صفا ناس ڪري ڇڏيندس، جن ۾ اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ اوهان کي ختم نہ ڪندس. ان جي باوجود آءٌ اوهان کي صفا بيسزا بہ نہ ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 45
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 47 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52