bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 15
Jeremiah 15
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 16 →
1
پوءِ خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”توڙي جو موسيٰ ۽ سموئيل بہ کڻي مون وٽ اچن، تہ بہ هن قوم ڏانهن منهنجي دل ڪين ورندي. سو تون هنن کي منهنجي اکين اڳيان ٽاري ڇڏ.
2
جيڪڏهن هو تو کان پڇن تہ ’اسين ڪيڏانهن وڃون؟‘ تہ پوءِ تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’جن جي مقدر ۾ وبا لکيل آهي، سي انهيءَ موتمار بيماريءَ سان وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ تلوار لکيل آهي، سي جنگ ۾ وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ ڏڪار لکيل آهي، سي اڃ ۽ بک ۾ وڃي مرن، ۽ جن جي مقدر ۾ قيد لکيل آهي، سي ڌارين ملڪن ۾ قيد ٿي وڃن.‘
3
آءٌ خداوند کين چئن مختلف قسمن جون سزائون ڏيندس. هو جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن لاشن کي ڪتا چيريندا ڦاڙيندا، سندن ماس ڳجھون پيون کائينديون ۽ سندن هڏا جھنگلي جانور چٻاڙي ناس ڪري ڇڏيندا.
4
يهوداہ جي بادشاهہ منسي ولد حزقياہ جي يروشلم ۾ نهايت ڪڌن ڪمن ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين اهي سزائون ڏيندس، جن کي ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي.“
5
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! ڪنهن کي اوهان تي رحم ايندو؟ ڪير اچي اوهان جو همدرد ٿيندو؟ ڪير پنهنجي راهہ کان لڙي اچي اوهان کان خير عافيت پڇندو؟
6
اوهان مون کي رد ڪيو آهي. اوهان مون کي پٺي ڏني آهي. سو آءٌ اوهان ۾ پنهنجا هٿ وجھي اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ترس کائي کائي بيزار ٿي پيو آهيان.
7
آءٌ هر شهر مان اوهان کي وائُري بُهہ وانگر واءُ ۾ اُڏائي ڇڏيندس. هائو، اوهين جيڪي منهنجي قوم آهيو، تن کي آءٌ بياولاد ڪندس ۽ اوهان تي تباهي آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان پاڻ کي ڪين سڌاريو آهي.
8
اوهان جي ملڪ ۾ رننزالن جو تعداد سامونڊي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن کان بہ گھڻو ٿي ويندو. آءٌ اوهان جا جوان ڦُوهہ جوانيءَ ۾ ئي قتل ڪرائي سندن مائرن تي عذاب آڻيندس. هائو، آءٌ اوچتو انهن تي مصيبت ۽ دهشت آڻيندس.
9
ست پٽيتي ماءُ پنهنجا ست ئي پٽ وڃائي غش کائي ڪرندي. هن جي اميد جي روشني اونداهيءَ ۾ بدلجي ويندي. هائو، ست ئي پٽ وڃائي هوءَ عزت ۽ شان کان محروم ٿي ويندي. قوم مان باقي بچي ويندڙن کي آءٌ سندن دشمنن هٿان جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
10
ويل آهي مون لاءِ، اي منهنجي امڙ! ڪاش! آءٌ پيدا ئي نہ ٿيان ها. سڄي ملڪ وارن جي نظر ۾ آءٌ جھيڙاڪ ۽ تڪراري بڻيو آهيان. آءٌ نہ ڪنهن کان ڪجھہ وٺان نہ ڪنهن کي ڪجھہ ڏيان، تنهن هوندي بہ هر ڪنهن جو لعنتاڻو مون تي ئي آهي.
11
تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”يقيناً نيڪيءَ جي ڪمن لاءِ آءٌ تو کي قوت بخشيندس. جڏهن مصيبت ۽ تنگيءَ جو وقت ايندو تہ آءٌ تنهنجي مخالفن کان تنهنجي اڳيان نيزاريون ڪرائيندس،
12
هائو، جڏهن اتر واري ملڪ کان لشڪر اچي حملو ڪندا. اهي اهڙي لوهہ وانگر هوندا جنهن ۾ پتل مليل هجي، جنهن کي ڀڃي نہ ٿو سگھجي.
13
يهوداہ ملڪ جي سرحدن اندر ماڻهن جو جيڪو بہ مال ملڪيت ۽ خزانا آهن، نہ رڳو سي سڀ آءٌ سندن گناهن جي ڪري لٽائي ڦرائي ڇڏيندس،
14
بلڪ آءٌ هنن کي سندن دشمنن جو غلام بڻائي هڪڙي اهڙي ملڪ ۾ موڪليندس، جنهن بابت هو ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. منهنجي ڪاوڙ اهڙي باهہ مثل آهي، جيڪا هرگز نہ وسامندي.“
15
پوءِ مون چيو تہ ”اي خداوند! تون منهنجي تڪليفن کي ڄاڻين ٿو. سو مون کي نہ وسار ۽ منهنجي سار لهہ. ڏس، مون تنهنجي خاطر ڪيڏا نہ طعنا ۽ مهڻا سٺا آهن. تون منهنجي مخالفن سان ايتري صبر ۽ تحمل سان پيش نہ اچ، بلڪ انهن کان منهنجو بدلو وٺ، ان کان اڳ جو هو مون کي ماري وجھن.
16
تو جيڪي چيو سو مون ڌيان سان ٻڌو. تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ سرهائيءَ جو باعث هيون، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند ، قادرِمطلق خدا! آءٌ تنهنجو ئي آهيان.
17
آءٌ کل خوشيءَ وارين محفلن ۾ نہ ٿو وڃان، نڪي پنهنجو وقت تفريح ڪندي ٿو گذاريان. اٽلندو آءٌ تنهنجي ڏنل ذميوارين جي ڪري پنهنجي منهن ٿو گذاريان، ڇاڪاڻ تہ هن قوم تي تنهنجي ناراض هجڻ ڪري آءٌ بہ ساڻن ڏاڍو ڪاوڙيل آهيان.
18
ڇو منهنجو ڏک سور ختم ئي نہ ٿو ٿئي هائو، منهنجي دل جو زخم سخت ۽ لاعلاج ڇو آهي؟ ڇا تون منهنجي لاءِ انهيءَ فريب ڏيندڙ نهر وانگر ٿيندين، جنهن وٽ آءٌ اڃ اجھائڻ لاءِ اچان، پر منجھس پاڻي ئي نہ ڏسان؟“
19
تنهن تي خداوند ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن تون توبهہ ڪندين تہ آءٌ بہ تو کي وري بحال ڪندس، تہ جيئن تون ٻيهر منهنجو پيغام ٻڌائي سگھين. جيڪڏهن تون بيڪار ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي ڪارائتيون ڳالهيون ڪندين، تہ آءٌ تو کي وري پنهنجو نبي بڻائيندس. تون يهوداہ جي ماڻهن جي ڳالهين کان دور رهہ، اٽلندو هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين کي قبول ڪري وٺندا،
20
آءٌ تو کي هن قوم جي اڳيان پتل جي هڪڙي مضبوط ڀت بڻائيندس. تنهنجا مخالف تو سان وڙهندا پر تو تي غالب اچي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي ڇڏائڻ ۽ بچائڻ واسطي تو سان گڏ آهيان.
21
آءٌ تو کي شريرن جي هٿ کان بچائيندس، هائو، انهن ظالمن جي پڪڙ مان آءٌ تو کي ڇڏائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52