bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 30
Jeremiah 30
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 31 →
1
خداوند طرفان مون يرمياہ تي هي فرمان نازل ٿيو تہ
2
”آءٌ خداوند ، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ هڪڙي ڪتاب ۾ لک.
3
ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم يعني اسرائيل وارن ۽ يهوداہ وارن جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. هو انهيءَ ملڪيت جا وارث ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
4
خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ وارن بابت هي فرمائي ٿو تہ
5
”ڊپ جو آواز ٻڌجي پيو، يعني دهشت جو، نہ امن وَ سلامتيءَ جو.
6
سوچي سمجھي ٻڌايو تہ ڇا ڪو مرد بہ ٻار ڄڻيندو آهي؟ تہ پوءِ ڇو آءٌ ڏسان ٿو تہ هر مرد کي پنهنجي ڍاڪن تي هٿ آهن، جيئن ڪا سورن واري عورت ڪندي آهي؟ ڇو هر چهرو خوف وچان ڦري ڦڪو ٿي پيو آهي؟
7
آہ! اهو ڏينهن ڪيڏو نہ هيبتناڪ هوندو! ان جهڙو ڏينهن نہ ڪڏهن ٿيو آهي ۽ نہ ٿيندو. اهو ڏينهن منهنجي قوم لاءِ مصيبت جو ڏينهن هوندو، پر هو انهيءَ منجھان بچي نڪرندا.“
8
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن آءٌ سندن ڳچين مان غلاميءَ جي پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏيندس ۽ سندن قيد جا رسا ٽوڙي ڇڏيندس. پوءِ ڌاريا ماڻهو وري اڳتي کين پنهنجو غلام بڻائي نہ سگھندا.
9
ان جي برعڪس هو مون خداوند پنهنجي خدا جي ۽ دائود جي نسل واري بادشاهہ جي خدمت ڪندا، جنهن کي آءٌ هنن لاءِ کڙو ڪندس.
10
سو، اي منهنجي قوم بني اسرائيل! اوهين نہ ڊڄو، نڪي اوهين پريشان ٿيو. آءٌ اوهان کي يقيناً ڏورانهن هنڌن کان بچائيندس، يعني اوهان جي نسل کي جلاوطنيءَ وارن ملڪن کان موٽائي آڻيندس. آءٌ اوهان کي وري امن ۽ سلامتي عطا ڪندس، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڊيڄاري نہ سگھندو.
11
آءٌ اوهان سان آهيان ۽ اوهان کي بچائيندس. جن قومن ۾ مون اوهان کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو آڻيندس. آءٌ اوهان کي ختم نہ ڪندس، پر اوهان کي صفا بيسزا بہ نہ ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
12
خداوند پنهنجي قوم کي وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اوهان جو زخم لاعلاج آهي، اوهان جو ڦٽ ڇٽڻ محال آهي.
13
اوهان جو اهڙو ڪوبہ حمايتي ڪونهي، جيڪو اوهان جي ملم پٽي ڪري، اوهان جي دردن جو دارون ڪونهي، هائو، اوهان لاءِ شفا آهي ئي ڪونہ.
14
اوهان جي سڀني اتحادين اوهان کي وساري ڇڏيو آهي، اهي اوهان جي سار ڪين ٿا لهن. مون اوهان کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي، جهڙو ڪو دشمن ڪنهن کي هڻي، ۽ اهڙي سزا ڏني اٿم جهڙي ڪو ظالم ڪنهن کي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جون بدڪاريون تمام گھڻيون آهن، ۽ اوهان جا گناهہ بيشمار آهن.
15
اوهين پنهنجي انهن زخمن تي ڇو ٿا روئو رڙو، جيڪي ڇٽي ئي نہ ٿا سگھن؟ اوهان جي وڏي بدڪاريءَ ۽ بيشمار گناهن جي ڪري ئي مون اوهان سان ائين ڪيو آهي.
16
پر هاڻي اڳتي جيڪي اوهان کي ڳڙڪائيندا، سي پاڻ ڳڙڪجي ويندا، اوهان جا سڀ دشمن جلاوطن ٿي ويندا. جيڪي اوهان کي لٽين ٿا سي پاڻ لٽجي ويندا. جيڪي اوهان کي شڪار بڻائين ٿا، تن کي آءٌ شڪار بڻائي ڇڏيندس.
17
پر اوهان کي آءٌ وري تندرست ڪندس ۽ اوهان جا ڦٽ ڇٽائيندس، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي دشمن ائين نہ چون تہ ’اي صيئون! تون تہ رد ڪيل آهين، ڪنهن کي بہ تنهنجي پرواهہ ناهي.‘“
18
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي نسل تي رحم ڪندس، ۽ سندن گھرن ۾ وري خوشحالي آڻيندس، يروشلم شهر پنهنجي دڙي تي وري اڏيو ويندو، ۽ انهيءَ جو قلعو پنهنجي اصلي هنڌ تي وري قائم ٿيندو.
19
ماڻهو شڪرگذاري ڪندا ۽ خوشيون ملهائيندا. آءٌ انهن جو تعداد وڌائيندس، سو هو گھٽبا ئي ڪين. آءٌ انهن کي عزت وارو ڪندس، سو هو ذليل نہ ڪيا ويندا.
20
آءٌ انهن جو ٽڙيل پکڙيل اولاد پهريان وانگر گڏ ڪندس، ۽ اهي منهنجي حضور ۾ عبادت ڪندا رهندا. جيڪي انهن کي ستائيندا تن کي آءٌ سزا ڏيندس.
21
انهن جو اڳواڻ انهن منجھان ئي هوندو. هائو، انهن جو حاڪم سندن منجھان ئي ٿيندو. آءٌ هن کي سڏيندس تڏهن هو منهنجي ويجھو ايندو، نہ تہ ڪنهن جي مجال آهي جو ڪو پاڻ منهنجي ويجھو اچي سگھي؟ سو آءٌ ئي سندن خدا هوندس ۽ اهي منهنجي قوم هوندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
23
خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو، هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.
24
خداوند جو خوفناڪ غضب تيستائين نہ هٽندو، جيستائين هو پنهنجو ارادو پورو نہ ڪندو. اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهين اها ڳالهہ سمجھي ويندا.
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52