bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 20
Jeremiah 20
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 21 →
1
تڏهن هيڪل جي مک عملدار ۽ ڪاهن فشحور ولد امير منهنجيون اهي اڳڪٿيون ٻڌي
2
مون کي مار ڏياري ۽ پوءِ پڪڙي هيڪل ۾ بنيامين نالي مٿئين دروازي وٽ مون کي زنجيرن ۾ ٻڌرائي ڇڏيائين.
3
ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن فشحور مون کي زنجيرن مان آزاد ڪرايو، تڏهن مون کيس خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”اڄ کان وٺي مون تنهنجو نالو فشحور نہ بلڪ ’خوف ۾ وڪوڙيل‘ رکيو آهي.
4
آءٌ تو کي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي دوستن لاءِ خوف جو سبب بڻائيندس. تون پنهنجين اکين سان هنن کي سندن دشمنن جي تلوار سان ڪرندو ڏسندين. آءٌ سڀني يهوداہ وارن کي بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو ڪن کي تلوار سان قتل ڪرائي ڇڏيندو ۽ ڪن کي قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويندو.
5
هن شهر جي سڄي دولت، ان ۾ تيار ٿيندڙ هر شيءِ، ان جون سڀ قيمتي شيون ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا سڀ خزانا پڻ آءٌ سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو انهن شين کي لٽ جي مال جيان هٿ ڪري بابل ڏانهن کڻي ويندا.
6
هاڻ اي فشحور! تون بہ بابل ڏانهن قيد ڪري نيو ويندين. تون اتي مرندين ۽ اتي ئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجو گھراڻو بلڪ تنهنجا اهي سڀيئي دوست بہ جن جي اڳيان تو منهنجي نالي سان ڪوڙا پيغام ٻڌايا آهن.“
7
اي خداوند! تو پنهنجو فرمان ٻڌائڻ جي مون کي ترغيب ڏني، جيڪا مون مڃي. تون مون کان طاقتور هئين، سو مون تي غالب ٿئين. هاڻ سڄو ڏينهن مون تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي، هر ڪو مون تي چٿرون ٿو ڪري.
8
جنهن بہ وقت آءٌ ڳالهايان ٿو تہ، ظلم ۽ تباهيءَ جو ئي اعلان ٿو ڪريان. اهڙيءَ طرح تو خداوند جو فرمان سڄو ڏينهن مون لاءِ بيعزتي ۽ کل ٺٺوليءَ جو سبب ٿو بڻجي.
9
پر جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تو بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ تنهنجي نالي سان اڳتي وري ڪجھہ بہ نہ چوندس، تہ پوءِ تنهنجو فرمان منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي اهڙي باهہ وانگر ڀڙڪي ٿو جيڪا منهنجي هڏن منجھہ لڪل آهي. آءٌ انهيءَ کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪريان ٿو، پر ڪري نہ ٿو سگھان.
10
آءٌ ٻڌان ٿو تہ هر ڪو اها سُس پُس پيو ڪري تہ ”يرمياہ هر ڪنهن کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، سو هي موقعو آهي تہ اسين سندس خلاف ڪا شڪايت ڪريون.“ جن کي مون پنهنجو دوست ٿي سمجھيو سي بہ منهنجي ٺوڪر کائي ڪرڻ جا منتظر آهن، بلڪ هو سازش ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ ”ڀل تہ هي ٺڳجي وڃي، پوءِ اسين مٿس غالب اينداسين ۽ هن کان پنهنجو بدلو وٺنداسين.“
11
پر اي خداوند! تون هڪڙي زورآور بهادر جيان مون سان گڏ آهين. تنهنڪري منهنجا ستائيندڙ ٿاٻڙجي پوندا، ۽ مون تي غالب نہ ايندا. هو ناڪام ٿيندا ۽ تمام گھڻو خوار خراب ٿيندا. هنن جي خواري هميشہ تائين رهندي ۽ ڪڏهن بہ نہ وساري ويندي.
12
سو اي قادرِمطلق خداوند! تون جيڪو سچارن کي آزمائين ٿو، ۽ هر دل وَ دماغ کي پرکين ٿو، تنهن جي آڏو مون پنهنجي دانهن آندي آهي، سو تون منهنجي دشمنن کان منهنجو بدلو وٺ تہ آءٌ ڏسان.
13
بيشڪ اي خداوند! آءٌ تنهنجي واکاڻ ٿو ڳايان، اي خداوند! آءٌ تنهنجي ساراهہ ٿو ڪريان. تون ئي تہ آهين، جيڪو مظلومن جي جان بدڪارن جي هٿان ڇڏائين ٿو.
14
لعنت هجي انهيءَ ڏينهن تي جنهن ڏينهن آءٌ ڄائو هئس. جنهن ڏينهن منهنجي ماءُ مون کي ڄڻيو، سو ڏينهن شل برڪت وارو هرگز نہ ٿئي.
15
لعنت هجي انهيءَ ماڻهوءَ تي جنهن منهنجي پيءُ کي اها خوشخبري ٻڌائي تہ ”تو کي پٽ ڄائو آهي.“
16
اهو ماڻهو شل انهن شهرن وانگر ٿئي، جن تي ڪو رحم نہ ڪندي تو خداوند کين اونڌو ڪري ڇڏيو آهي. شل صبح جي مهل هو ظلم وَ ستم جا آواز ٻڌي، ۽ منجھند جي مهل جنگ جا نعرا.
17
هائو، مٿس لعنت هجي، جو هن مون کي ماءُ جي پيٽ ۾ ئي ڪهي نہ ڇڏيو، تانتہ منهنجي ماءُ منهنجي قبر ٿئي ها! ۽ آءٌ هميشہ سندس پيٽ ۾ ئي پيو رهان ها!
18
آءٌ پيدا ئي ڇو ٿيس جو تڪليفون ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا سڀيئي ڏينهن خواريءَ ۾ گذرن.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52