bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 16
Jeremiah 16
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 17 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”اي يرمياہ! تون هرگز شادي نہ ڪر ۽ نہ وري يهوداہ جي ملڪ ۾ تو کي ڪو ٻار ئي پيدا ٿئي،
3
ڇاڪاڻ تہ هن ملڪ ۾ ڄاول پٽن ۽ ڌيئرن ۽ انهن جي پيئرن ۽ مائرن بابت آءٌ خداوند ٻڌايان ٿو تہ
4
اهي موتمار بيمارين وگھي مرندا. هنن تي نہ تہ ڪو روئڻ پٽڻ وارو هوندو ۽ نہ وري کين ڪو دفن ڪرڻ وارو هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا. هو جنگ ۽ ڏڪار سان ناس ٿي ويندا ۽ سندن لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻبا.
5
آءٌ خداوند تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ تون ڪنهن بہ اهڙي گھر ۾ داخل نہ ٿيءُ جتي ڪو مري ويو هجي. تون اتي افسوس ڪرڻ ۽ همدردي ڏيکارڻ لاءِ نہ وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن قوم تان سلامتي، شفقت ۽ رحمت کڻي ورتي آهي.
6
تنهنڪري هن ملڪ جا غريب توڙي امير مري ويندا. انهن کي نہ دفن ڪيو ويندو ۽ نہ مٿن رنو پٽيو ويندو. ڪوبہ سندن سوڳ ۾ پاڻ کي نہ زخمي ڪندو، نہ وري مٿو ڪوڙائيندو.
7
سوڳوارن کي سندن مئلن جي تسليءَ واسطي ڪوبہ ويلو نہ کارائيندو، نہ وري سندن پيءُ ماءُ جي غم ۾ ڪو تسلي ڏيندي کين پاڻيءَ ڍڪ ئي پيئاريندو.
8
اي يرمياہ! تون خوشيءَ جي مجلس واري گھر ۾ بہ داخل نہ ٿج جو هنن سان گڏ ويهي کائين پيئين.
9
تون يهوداہ وارن کي خبردار ڪري ڇڏ تہ آءٌ قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا هن ملڪ مان شادين مرادين بلڪ خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي هر طرح جي محفلن جو خاتمو آڻي ڇڏيندس. اهو سڀ هي ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسندا.
10
جڏهن تون انهيءَ قوم کي اهي ڳالهيون ٻڌائين ۽ هو تو کان پڇن تہ ’ڇو خداوند هيڏي ساري مصيبت اسان تي آندي آهي؟ اسان ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي؟ اسان خداوند پنهنجي خدا جو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟‘
11
تڏهن تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائجانءِ تہ ’اهو سڀ انهيءَ ڪري آهي جو اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڇڏي ڏنو ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي سجدا ڪري کين پوڄيائون. اهڙيءَ طرح هنن مون کي ڇڏي ڏنو ۽ منهنجي شريعت تي نہ هليا.
12
اوهان تہ وري پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ ليڪو لنگھي ويا آهيو. ڏسو تہ اوهين ڪيئن نہ منهنجي فرمانبرداري ڪرڻ بدران پنهنجي شرير دل جي هوڏ تي ٿا هلو.
13
سو آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ اڇلائيندس، جنهن بابت نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڪا ڄاڻ هئي نہ وري اوهين ئي ان بابت ڪجھہ ڄاڻو ٿا. اتي اوهين ڏينهن رات غير معبودن جي پوڄا ۾ لڳا رهندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ڪابہ عنايت نہ ڪندس.‘“
14
خداوند ٿو فرمائي تہ ”انهيءَ هوندي بہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن اوهين اڳتي منهنجي نالي جو هيئن قسم نہ کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو.‘
15
بلڪ اوهين هن طرح قسم کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي اتر واري ملڪ مان ۽ انهن ملڪن مان ڪڍي آندو جيڏانهن اسان کي جلاوطن ڪري ڇڏيو هئائين.‘ اهو انهيءَ ڪري جو آءٌ اوهان کي وري پنهنجي وطن ۾ موٽائي آڻيندس جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.“
16
خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻ آءٌ گھڻن ئي لشڪرن کي اوهان تي چاڙهي موڪليندس، جيڪي اوهان کي هر هڪ جبل تان، هر هڪ ٽڪريءَ تان ۽ ٽڪرن جي چُرن مان ائين ڦاسائي وٺندا جيئن مڇي ڦاسائبي آهي، يا جيئن ڪو شڪاري شڪار ڪري وٺندو آهي.
17
ڏسو، اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا تنهن تي منهنجي نظر آهي. ڇا اوهان جا ڪم مون کان ڳجھا آهن؟ ڇا اوهان جي ڪا بدڪاري مون کان لڪل آهي؟
18
ياد رکو، آءٌ اوهان کي اوهان جي بدڪاريءَ ۽ گناهہ جي ٻيڻي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي ڪراهت جهڙن ديوتائن جي بيجان مورتين سان منهنجو ملڪ پليت ڪيو آهي. هائو، اوهان منهنجي ملڪ کي پنهنجي انهن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو آهي.“
19
اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہگاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.
20
ڀلا ماڻهن جي هٿن جا ٺاهيل معبود بہ حقيقي معبود ٿي سگھن ٿا ڇا؟“
21
تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”اهو ئي سبب آهي جو آءٌ هنن کي پنهنجي طاقت ۽ قدرت ڏيکارڻ ٿو گھران. تڏهن تہ کين خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 17 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52