bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 39
Jeremiah 39
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 38
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 40 →
1
يروشلم تي هيئن قبضو ٿيو جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي نائين سال جي ڏهين مهيني ۾، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سڄو لشڪر ساڻ ڪري يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ ان کي گھيرو ڪري ويهي رهيو.
2
هنن صدقياہ جي بادشاهيءَ جي يارهين سال، چوٿين مهيني جي نائين تاريخ تي شهر جي ڀت ڀڃي وڌي.
3
تڏهن بابل جي بادشاهہ جا سڀ علمدار جن ۾ نيرگلسراضر، سمگرنبو، سرسڪيم، ٻيو نيرگلسراضر نالي اعليٰ عملدار پڻ شامل هئا، سي اندر لنگھي آيا ۽ شهر جي وچين دروازي وٽ انتظام سنڀالي ويهي رهيا.
4
جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سڄي لشڪر بابلين کي شهر اندر گھڙندي ڏٺو تڏهن وٺي ڀڳا. هو رات جي وڳڙي ۾ بادشاهہ جي باغ واري رستي کان ٻن ڀتين جي وچ واري دروازي مان ٻاهر نڪري شهر ڇڏي هليا ويا ۽ اردن ماٿري ڏانهن کڻي رخ رکيائون.
5
پر بابلي لشڪر هنن جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي بيابان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو. هو صدقياہ کي پڪڙي حمات جي علائقي ۾ ربلہ شهر منجھہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر وٽ وٺي آيا، جتي هن صدقياہ لاءِ سزا جو اعلان ڪيو.
6
تڏهن اتي ربلہ شهر ۾ صدقياہ جي پٽن کي بابل جي بادشاهہ سندس اکين اڳيان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ يهوداہ جا سڀ امير بہ مارائي ڇڏيائين.
7
پوءِ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍائي کيس زنجيرن ۾ بند ڪرايو تہ جيئن کيس بابل ڏانهن نيو وڃي.
8
بابلين عام ماڻهن جي گھرن سان گڏ بادشاهہ جي محل کي بہ باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيائون.
9
شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي اڳي ڀڄي بابلين سان وڃي مليا هئا، تن سڀني کي بابل جي شاهي محافظن جو سالار نبوزرادان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو.
10
پر يهوداہ جا ڪجھہ غريب ماڻهو، جن کي ڪابہ ملڪيت ڪانہ هئي، تن کي هن اتي ئي ڇڏي ڏنو ۽ انهيءَ کان علاوہ کين انگورن جا باغ ۽ ٻنيون بہ ڏنائين.
11
ان وقت بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شاهي محافظن جي سالار نبوزرادان کي هي حڪم ڏنو تہ
12
”تون يرمياہ کي قيد مان ڪڍي وڃي سندس سنڀال ڪر، کيس ڪوبہ ايذاءُ نہ رسائج. هو تو کي جيڪي چوي سو سندس لاءِ ڪج.“
13
سو نبوزرادان، نبوشزبان، ٻيو نيرگلسراضر ۽ بابل جي بادشاهہ جي ٻين اعليٰ علمدارن پنهنجا ڪي ماڻهو موڪلي
14
مون کي شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري مان گھرائي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن جي حوالي ڪيو ۽ کيس حڪم ڪيائون تہ ”يرمياہ کي موٽائي سندس گھر ڇڏي اچ.“ اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي قوم وارن سان گڏ رهڻ لڳس.
15
جڏهن آءٌ شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد هئس، تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ
16
”اي يرمياہ! تون وڃي عبدملڪ سوڊانيءَ کي مون قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ پنهنجيون چڱائيءَ واريون ڳالهيون نہ، بلڪ اڳ مقرر ڪيل مصيبت واريون ڳالهيون هن شهر تي آڻي پوريون ڪرڻ وارو آهيان. هائو، اهي مقرر ڏينهن تي تنهنجي اکين اڳيان پوريون ٿينديون.
17
پر انهيءَ ڏينهن آءٌ تو کي ڇڏائيندس ۽ جن ماڻهن کان تون ڊڄين ٿو، تن جي هٿن ۾ وڃڻ کان تو کي بچائيندس.
18
هائو، آءٌ تو کي محفوظ رکندس. سو تون قتل نہ ڪيو ويندين ۽ تنهنجي جان بچي ويندي، ڇاڪاڻ تہ تون مون تي ڀروسو رکندڙ آهين. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“
← Chapter 38
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 40 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52