bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 41
Jeremiah 41
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 40
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 42 →
1
پر انهيءَ سال جي ستين مهيني ۾ اسماعيل ولد نتنياہ ولد اليسمع جيڪو شاهي نسل جو هو ۽ بادشاهہ جي عملدارن مان هڪڙو هو، سو ڏهن ماڻهن سميت جِدلياہ ولد اخيقام وٽ مصفاہ شهر ۾ آيو. جِدلياہ جي دعوت تي جڏهن اهي سڀ ساڻس گڏ ماني کائي رهيا هئا،
2
تڏهن اسماعيل پنهنجي ڏهن ئي ساٿين سميت اُٿي جِدلياہ کي تلوار جا وار ڪري ماري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهو بابل جي بادشاهہ طرفان مٿن گورنر مقرر ڪيو ويو هو.
3
پوءِ اسماعيل ۽ سندس ساٿين اتي موجود بابلي سپاهين توڙي انهن سڀني يهوداہ وارن کي بہ قتل ڪري ڇڏيو، جيڪي جِدلياہ سان مصفاہ شهر ۾ رهڻ لڳا هئا.
4
جِدلياہ جي قتل ٿي وڃڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ جڏهن اڃا ڪنهن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر ئي نہ هئي،
5
تڏهن سڪم، سيلا ۽ سامريہ شهرن مان اسي ڄڻن جو هڪڙو ٽولو يروشلم وڃڻ لاءِ مصفاہ شهر وٽان لنگھي رهيو هو. هنن ڏک وچان پنهنجيون ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيون هيون، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ کي زخم رسايا هئائون. هنن خداوند جي هيڪل ۾ نذر ڪرڻ لاءِ اناج جون قربانيون ۽ لوبان پاڻ سان کنيا هئا.
6
انهيءَ وقت اسماعيل هنن سان ملڻ لاءِ مصفاہ شهر مان نڪري آيو ۽ هو بہ ڏک جو اظهار ڪندي سڄي واٽ رئندو آيو. جڏهن هو ساڻن مليو تڏهن کين چيائين تہ ”مون سان گڏ هلي گورنر جِدلياہ ولد اخيقام سان ملو.“
7
پوءِ جيئن ئي اهي شهر جي وچ ۾ اچي پهتا تہ اسماعيل ۽ سندس ساٿين انهن کي قتل ڪري هڪڙي کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيو.
8
پر کين مارڻ وقت انهن مان ڏهن ڄڻن اسماعيل کي منٿون ڪيون تہ ”اسان کي نہ مار! اسان وٽ ڪڻڪ، جَوَ، زيتون جي تيل ۽ ماکي جو ذخيرو آهي جيڪي هڪ ٻنيءَ ۾ لڪائي رکيا اٿئون.“ تڏهن هن انهن ڏهن ئي ڄڻن کي ڇڏي ڏنو ۽ کين قتل نہ ڪيائين.
9
اهو کوهہ جنهن ۾ اسماعيل انهن سڀني ماڻهن جا لاش اڇلايا هئا سو ساڳيو وڏو کوهہ هو جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ آسا اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي گھيري جي ڊپ کان کوٽرايو هو. اسماعيل ولد نتنياہ ان کي لاشن سان ڀري ڇڏيو.
10
تڏهن اتي جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا تن سڀني کي اسماعيل قيد ڪري مصفاہ مان وٺي ويو. قيد ٿي وڃڻ وارن ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جون ڌيئر ۽ اتي رهندڙ اهي سڀ ماڻهو شامل هئا، جن مٿان محافظن جي سالار نبوزرادان جِدلياہ ولد اخيقام کي گورنر مقرر ڪيو هو. اسماعيل انهن کي وٺي بني عمون جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو.
11
هيڏانهن جڏهن يوحنان ولد قريح ۽ ساڻس گڏ لشڪر جي وڏن سالارن اسماعيل ولد نتنياہ جي ڪيل انهيءَ سڄي شرارت بابت ٻڌو،
12
تڏهن هو پنهنجا سمورا ماڻهو ساڻ ڪري اسماعيل سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. هو جِبعون واري پهاڙي کوهہ وٽ اچي کيس پهتا.
13
اسماعيل جن ماڻهن کي قيد ڪري وٺي وڃي رهيو هو، تن سڀني جڏهن يوحنان ولد قريح ۽ ساڻس گڏ لشڪر جي سالارن کي ڏٺو، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا.
14
پوءِ هو اسماعيل وٽان ڀڄي يوحنان ولد قريح سان اچي مليا.
15
جڏهن تہ اسماعيل پاڻ بہ پنهنجي اٺن ساٿين سميت يوحنان وٽان کسڪي نڪتو ۽ بني عمون جي علائقي ڏانهن ڀڄي ويو.
16
پوءِ يوحنان ولد قريح ۽ ساڻس گڏ لشڪر جا سالار انهن ماڻهن کي ساڻ ڪري هليا، جن کي گورنر جِدلياہ جي قتل ڪرڻ کان پوءِ اسماعيل مصفاہ مان قيد ڪري وٺي ٿي ويو، يعني اهي جنگي جوڌا، عورتون، ٻار ۽ درٻاري عملدار.
17
جيئن تہ يوحنان ۽ سندس لشڪر وارا بابلين کان ڊنا ٿي، ڇاڪاڻ تہ اسماعيل جِدلياہ ولد اخيقام کي قتل ڪيو هو، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهيءَ ملڪ تي گورنر مقرر ڪيو هو، سو هو بابلين کان بچڻ لاءِ ماڻهن کي وٺي مصر ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي اهي بيتلحم جي ويجھو گيروتڪمهام ۾ ترسيا.
← Chapter 40
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 42 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52