bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 32
Jeremiah 32
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 33 →
1
يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي ڏهين سال جيڪو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جو ارڙهون سال هو، خداوند جو فرمان مون يرمياہ تي نازل ٿيو.
2
ان وقت بابل جي بادشاهہ جو لشڪر يروشلم کي گھيرو ڪيو ويٺو هو ۽ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ جي شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس.
3
بادشاهہ صدقياہ مون کي هي چئي قيد ڪرايو هو تہ ”تون منهنجي خلاف خداوند جي نالي جو پيغام ڇو ٿو ٻڌائيندو وتين؟“ انهيءَ سبب جو مون خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ”آءٌ هي يروشلم شهر بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جيڪو ان تي قبضو ڪري وٺندو.
4
بادشاهہ صدقياہ بابلين جي هٿان بچي نہ سگھندو، پر يقيناً بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪيو ويندو. صدقياہ کي پڪڙي سندس آڏو آندو ويندو، جتي هو ساڻس ڳالهائيندو.
5
پوءِ هو صدقياہ کي بابل ڏانهن وٺي ويندو، جتي اهو تيستائين رهندو جيستائين آءٌ هن بابت ڪو فيصلو ڪريان. سو جيڪڏهن صدقياہ بابلين سان وڙهندو بہ تہ ڪامياب نہ ٿيندو.“
6
خداوند جو فرمان هي هو تہ
7
”اي يرمياہ! تنهنجي چاچي سلوم جو پٽ حنمايل تو وٽ اچي تو کي چوندو تہ ’منهنجي ٻني جيڪا عنتوت شهر ۾ آهي، سا پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اباڻي ٻني هجڻ ڪري اها خريد ڪرڻ جو تنهنجو ئي حق آهي.‘“
8
سو خداوند جي فرمان موجب منهنجو سؤٽ حنمايل انهيءَ اڱڻ واري ڪمري ۾ مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين تہ ”منهنجي جيڪا ٻني بنيامين جي علائقي ۾ عنتوت شهر ۾ آهي، سا تون پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها اباڻي ٻني خريد ڪرڻ جو حق تنهنجو ئي آهي.“ مون ڄاتو ٿي تہ اهو خداوند جو حڪم آهي،
9
سو مون عنتوت شهر واري اها ٻني پنهنجي سؤٽ کان چانديءَ جي سترهن سڪن ۾ خريد ڪئي.
10
مون دستاويز تي صحيح ڪئي ۽ ان تي مهر هنئي، شاهد لکرايم ۽ سڪا توري ڏنم.
11
پوءِ مون خريداريءَ وارو پڪو دستاويز کنيو جنهن تي مهر لڳل هئي ۽ منجھس شرط شروط تحرير هئا ۽ انهيءَ سان گڏ ان جو نقل بہ جيڪو مهر بند نہ هو.
12
پوءِ مون پنهنجي سؤٽ حنمايل، دستاويز ۾ ڄاڻايل شاهدن ۽ اڱڻ واري ڪمري ۾ ويٺل ٻين يهوداہ وارن جي روبرو خريداريءَ واري دستاويز جون ٻئي ڪاپيون باروڪ ولد نيرياہ ولد محسياہ کي ڏيئي ڇڏيون.
13
مون انهن سڀني جي روبرو باروڪ کي هي نصيحتون ڪيون تہ
14
”قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو تو لاءِ حڪم آهي تہ ’مهر ٿيل ۽ بغير مهر وارو، اهي ٻئي دستاويز کڻي هڪڙي ٺڪر جي ٿانو ۾ وجھي ڇڏ، تہ جيئن اهي گھڻن سالن تائين محفوظ رهن.‘
15
انهيءَ سبب جو قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا فرمايو آهي تہ ’اڳتي هلي هن ملڪ ۾ گھرن، ٻنين ۽ انگورن جي باغن جي وري خريد وَ فروخت ڪئي ويندي.‘“
16
باروڪ ولد نيرياہ کي خريداريءَ وارا دستاويز ڏيڻ کان پوءِ مون خداوند کان دعا گھري تہ
17
”آہ! اي خداوند منهنجا خدا! تو پنهنجي وڏي قدرت ۽ زورآور هٿ سان زمين ۽ آسمان ٻيئي بڻايا آهن! تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي.
18
تون هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪندو آهين، پر ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ تون سندن اولاد کان وٺندو آهين. تنهنجو نالو عظيم ۽ قادر خدا آهي، تون قادرِمطلق خداوند آهين.
19
تنهنجا مقصد اعليٰ آهن ۽ تنهنجا ڪم عظيم آهن. انسان جون سڀيئي واٽون تنهنجين نظرن اڳيان آهن. تون هر ڪنهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو آهين، جنهن جا هو مستحق هوندا آهن.
20
تو مصر ۾ هيبتناڪ ڪم ۽ معجزا ڏيکاريا، بلڪ اڄ ڏينهن تائين تو بني اسرائيل ۾ توڙي سڄي انسانذات ۾ معجزا ۽ هيبتناڪ ڪم جاري رکيا آهن. تو نالو ڪمايو آهي جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.
21
تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان معجزن ۽ هيبتناڪ ڪمن جي وسيلي وڏي دٻدٻي سان مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.
22
تو کين هي ملڪ ڏنو جنهن جي ڏيڻ جو تو سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، جيڪو هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي.
23
هنن اچي هن ملڪ تي قبضو تہ ڄمايو، پر تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪيائون ۽ نہ وري هو تنهنجي شريعت تي هليا. جيڪي حڪم تو کين ڏنا تن مان ڪوبہ حڪم هنن بجا نہ آندو. تنهنڪري تو هي آفتون هنن تي آنديون آهن.
24
ڏس، ڪيئن نہ يروشلم تي قبضي ڪرڻ لاءِ شهر جي ديوار سان لڳولڳ دِڪا ٺاهيا ويا آهن. جنگ، ڏڪار ۽ وبا هيٺ آيل شهر بابلين جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس حملو ڪري آيا آهن. جيئن تو چيو هو تيئن ٿيڻ وارو آهي، تون پاڻ ئي ڏسي سگھين ٿو.
25
جيتوڻيڪ شهر بابلين جي حوالي ڪيو وڃڻو هو، تہ بہ اي خداوند خدا! تو مون کي چيو تہ ’پئسا ڏيئي هيءَ ٻني خريد ڪر ۽ ان سودي جا شاهد رک.‘“
26
تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ
27
”آءٌ خداوند سڄي انسانذات جو خدا آهيان. ڇا منهنجي لاءِ ڪو ڪم مشڪل آهي؟
28
تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو هن تي قبضو ڪري وٺندو.
29
بابلي شهر تي حملو ڪري انهيءَ ۾ اندر داخل ٿيندا ۽ شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا. انهن گھرن کي بہ ساڙيو ويندو، جن جي ڇتين تي بعل ديوتا جي لاءِ لوبان ساڙيو ويندو آهي ۽ ٻين غير معبودن جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون وينديون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ آئي آهي.
30
اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي اهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب آهن. حقيقت ۾ بني اسرائيل قوم پنهنجي هٿن جي ڪيل ڪمن سان مون کي رڳو پئي ڪاوڙايو آهي،
31
ڇاڪاڻ تہ جنهن ڏينهن يروشلم شهر بڻايو ويو هو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن شهر منهنجي ڪاوڙ کي ايترو تہ پئي اڀاريو آهي جو هاڻ ضروري آهي تہ آءٌ انهيءَ شهر کي مِٽائي ڇڏيان.
32
هائو، بني اسرائيل جون بدڪاريون ايتريون ئي وڌي ويون آهن. يروشلم وارن، بلڪ سڄي يهوداہ وارن پنهنجي بادشاهن، عملدارن، ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن سميت مون کي ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.
33
هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون.
34
هيڪل، جيڪا منهنجي نالي سان ٿي سڏجي، تنهن ۾ هنن پنهنجا ڪراهت جهڙا بت کوڙي ان کي پليت ڪيو آهي.
35
هنن بعل ديوتا جي پوڄا لاءِ هنوم ماٿريءَ ۾ پوڄا گھر ٺاهيا، جتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي مولڪ ديوتا جي لاءِ باهہ ۾ قربان ڪيائون. انهيءَ ڳالهہ جو مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نہ وري اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن ۽ اهڙيءَ طرح سڀ يهوداہ وارا گناهن ۾ غرق ٿي وڃن.“
36
يروشلم شهر بابت چيو وڃي ٿو تہ ”جنگ، ڏڪار ۽ وبا هيٺ آيل اهو شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندو.“ تنهن هوندي بہ خداوند ، بني اسرائيل جو خدا وڌيڪ فرمائي ٿو تہ
37
”جن ملڪن ڏانهن مون بني اسرائيل کي پنهنجي سخت غضب ۾ هڪالي ڪڍيو هوندو، تن سڀني مان آءٌ يقيناً آڻي کين گڏ ڪندس. آءٌ هنن کي هن هنڌ موٽائي وٺي ايندس ۽ کين سلامتيءَ سان آباد ڪندس.
38
پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.
39
آءٌ کين وفادار دل عطا ڪندس تہ جيئن هو منهنجي سڌي رستي تي ئي هلن ۽ پنهنجي ڀلائيءَ ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي اولاد جي ڀلائيءَ لاءِ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن.
40
آءٌ ساڻن هڪڙو دائمي عهد ٻڌندس، ۽ پوءِ آءٌ ساڻن چڱائي ڪرڻ کان ڪڏهن بہ باز نہ ايندس. آءٌ هنن جي دل ۾ پنهنجو خوف پيدا ڪندس، تہ جيئن هو مون کان ڦري نہ وڃن.
41
هنن سان چڱائي ڪري آءٌ خوشي محسوس ڪندس ۽ يقيناً آءٌ هنن کي هن ملڪ ۾ پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان ڄمائي ڇڏيندس.“
42
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن مون ئي هيءَ وڏي مصيبت هن قوم تي آندي آهي، تيئن آءٌ ئي آهيان جيڪو هنن کي پوريءَ طرح اها خوشحالي عطا ڪندس، جنهن جو مون ساڻن واعدو ڪيو آهي.
43
جيتوڻيڪ هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونهي، بلڪ اهو بابلين جي حوالي ڪيو ويو آهي،‘ تنهن هوندي بہ هن ملڪ ۾ هڪ دفعو وري ٻنين جي خريد وَ فروخت ڪئي ويندي.
44
پئسن سان ٻنيون خريد ڪيون وينديون، دستاويزن تي صحيحون ٿينديون، انهن تي مهرون لڳنديون ۽ شاهدن جون شاهديون لکبيون. جهڙو بنيامين جي علائقي ۾، تهڙو يروشلم جي آسپاس ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾، جهڙو جابلو علائقي ۾ تهڙو هيٺاهين زمين ۾ ۽ ڏکڻ وارن شهرن ۾ ائين ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻي خوشحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 33 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52