bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 9
Jeremiah 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 10 →
1
ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.
2
ڪاش! بيابان ۾ منهنجي لاءِ ڪو مسافرخانو هجي ها، تہ جيئن آءٌ پنهنجي قوم کي ڇڏي کانئن پري وڃي اتي رهان ها، ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ خدا سان بيوفائي ڪندڙ ۽ دغابازن جو ٽولو آهن.
3
خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو پنهنجي زبان کي ڪُوڙ ڳالهائڻ لاءِ ائين تيار ٿا رکن، جيئن ڪو تيرڪمان تير وسائڻ لاءِ تيار رکبو آهي. هو سچ جي ذريعي نہ، بلڪ ڪوڙ جي ذريعي ملڪ ۾ زور وٺندا وڃن ٿا. هو گناهن پٺيان گناهہ ڪن ٿا پيا ۽ منهنجي سڃاڻ ڇڏي ڏني اٿائون.
4
ياد رکو، پنهنجن دوستن کان خبردار رهو، پنهنجن ڀائرن تي بہ اعتبار نہ رکو، ڇاڪاڻ تہ ڀاءُ ڀاءُ سان دغا ٿو ڪري ۽ دوست دوست جي گلا ٿو ڪري.
5
هر دوست پنهنجي دوست سان دوکو ٿو ڪري، ڪوبہ سچ ڪونہ ٿو ڳالهائي. هر ڪو پنهنجي زبان کي ڪوڙ ڳالهائڻ ٿو سيکاري. هو تيستائين گناهہ ڪندا رهن ٿا، جيستائين منجھن گناهہ ڪرڻ جي ٿوري بہ طاقت آهي.
6
اي يرمياہ! تون ٺڳن جي وچ ۾ رهين ٿو، جن پنهنجي ٺڳيءَ جي ڪري منهنجي سڃاڻ ڇڏي ڏني آهي. آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“
7
سو قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم کي ڌاتوءَ وانگر پگھاريندس، هائو، آءٌ پنهنجي بڇڙي قوم کي سيکت ڏيندس، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ رستو ڪونهي.
8
هنن جي زبان هڪ موتمار تير مثل آهي، اُها ٺڳيءَ جون ڳالهيون ٿي ڪري. هائو، هر ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ ٻئي سان خير وَ سلامتيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪري، پر دل ۾ اُن لاءِ مندائي اٿس.
9
ڇا انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ کين سزا نہ ڏيان؟ ڇا آءٌ اهڙيءَ قوم کان بدلو نہ وٺان؟ آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“
10
مون يرمياہ چيو تہ ”آءٌ جبلن جي ويرانيءَ تي روئندس رڙندس، ۽ چراگاهن جي برباديءَ تي مرثيہ چوندس. ڪوئي اتان گذري بہ ڪين ٿو، ۽ نہ اتي ڍورن جي ڍِڪَڻ جو آواز ٻڌجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ پکي توڙي جانور سڀ اتان هليا ويا آهن.“
11
تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس، جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“
12
مون خداوند کان پڇيو تہ ”ڇو اهو ملڪ برباد ٿيو ۽ سڪي سڙي اهڙو ٺوٺ ٿي ويو آهي جو ڪوبہ انهيءَ مان نہ ٿو لنگھي؟ ڪهڙو ڏاهو ماڻهو آهي جيڪو اِها ڳالهہ سمجھي سگھي؟ اُهو ڪير آهي جنهن کي تو خداوند طرفان اها ڳالهہ سمجھائڻ سيکاريو ويو آهي؟“
13
خداوند فرمايو تہ ”اهو انهيءَ ڪري جو هنن انهيءَ شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي جيڪا مون کين ڏني هئي. هنن منهنجي نافرماني ڪئي آهي ۽ شريعت تي عمل نہ ڪيو اٿائون.
14
اٽلندو هنن پنهنجي دلين جي هوڏ موجب بعل ديوتائن کي پوڄيو آهي، جيئن کين سندن ابن ڏاڏن سيکاريو هو.
15
سو ڏس تہ آءٌ قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا ڇا ڪرڻ وارو آهيان. آءٌ هن قوم کي کائڻ لاءِ ٽُوهہ ۽ پيئڻ لاءِ زهريلو پاڻي ڏيندس.
16
آءٌ کين اهڙين قومن منجھہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، جن کان نہ هو ۽ نہ ئي وري سندن ابا ڏاڏا واقف هئا. آءٌ سندن پٺيان لشڪر موڪليندس جيڪي تلوار سان کين ناس ڪري ڇڏيندا.“
17
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”سوچو تہ هاڻ ڇا ٿيندو! ماتمي عورتن کي گھرايو، بلڪ انهيءَ ڪم ۾ اڃا بہ وڌيڪ ماهر عورتن کي گھرايو.“
18
ماڻهن وراڻيو تہ ”بيشڪ اهي جلدي اچن ۽ اچي اسان تي ويڻ ڪن، تان جو اسان جون اکيون ڳوڙهن سان اٿلي پون ۽ اسان جي پنبڻين مان نير جاري ٿين.
19
انهيءَ سبب جو صيئون منجھان واءِويلا جو آواز ٿو اچي تہ ’اسين ڪيئن نہ لٽجي ويا آهيون! اسين ڪيڏا نہ خوار خراب ٿيا آهيون! اسان کي هي ملڪ ڇڏي وڃڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان جا گھر مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا آهن.‘“
20
مون يرمياہ چيو تہ ”اي عورتون! خداوند جي ڳالهہ ٻڌو، سندس لفظن ڏانهن ڌيان ڏيو. اوهين پنهنجين ڌيئرن کي ويڻ ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي واءِويلا ڪرڻ سيکاريو،
21
ڇاڪاڻ تہ موت اسان جي درين منجھان ٽپي اسان جي قلعن اندر گھڙي آيو آهي، ان ننڍڙن ٻارن کي گھٽين ۾ ۽ نوجوانن کي چونڪن تي وڍي اڇلائي ڇڏيو آهي.
22
خداوند مون کي هي اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ’ماڻهن جا لاش کُليل ميدان ۾ گند ڪچري وانگر پکڙيا پيا هوندا، جيئن ڪنهن لاباري ڪندڙ جي پويان اناج جا تِيلا ڪريا پيا هوندا آهن، جن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو نہ هوندو آهي.‘“
23
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نہ ئي ڪو زورآور پنهنجي زور تي فخر ڪري، نہ وري دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري،
24
پر فخر ڪندڙ رڳو انهيءَ ڳالهہ تي فخر ڪري تہ هو مون خداوند کي سڃاڻي ٿو، ۽ مون کي ئي پنهنجو مالڪ سمجھي ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جيڪو ڌرتيءَ تي لافاني شفقت، انصاف ۽ سچائي قائم ڪريان ٿو، بيشڪ، انهن ڳالهين ۾ ئي منهنجي خوشي آهي.“
25
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اُهي ڏينهن اچڻ وارا آهن جڏهن آءٌ هنن سڀني کي سزا ڏيندس، يعني مصر، يهوداہ، ادوم ، عمون ۽ موآب وارن کي ۽ بيابان ۾ رهڻ وارن کي جيڪي لوندڙيون ڪوڙائي ٻچي ڏاڙهي رکن ٿا. اهي سڀ ماڻهو طهريل تہ آهن پر رڳو نالي جا، ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجي عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. منهنجي عهد کي نڪي انهن قومن ۽ نہ ئي وري بني اسرائيل قائم ڪيو آهي.“
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52