bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 35
Jeremiah 35
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 36 →
1
يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ مون يرمياہ تي خداوند جو هي فرمان نازل ٿيو تہ
2
”تون ريڪابي گھراڻي وارن وٽ وڃ ۽ کين چئُہ تہ هو منهنجي هيڪل جي ڪوٺين مان هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ اچي گڏ ٿين ۽ پوءِ تون کين مئي پيئڻ لاءِ ڏي.“
3
تڏهن آءٌ يازنياہ ولد يرمياہ ولد حبصنياہ ۽ سندس سڀني ڀائرن ۽ پٽن، يعني سڄي ريڪابي گھراڻي کي ساڻ ڪري
4
خداوند جي گھر ۾ خدا جي ٻانهي حنان ولد يجدلياہ جي مريدن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيس. اها ڪوٺي عملدارن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربانن جي نگران مسعياہ ولد سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي.
5
پوءِ مون ريڪابي گھراڻي جي ماڻهن جي اڳيان مئي سان ڀريل گھُگھيون ۽ پيالا رکيا ۽ کين چيم تہ ”مئي پيئو.“
6
پر هنن وراڻيو تہ ”اسين مئي نہ پيئنداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي وڏي يهوناداب ولد ريڪاب اسان کي حڪم ڏنو هو تہ ’اوهين يا اوهان جو اولاد ڪڏهن بہ مئي نہ پيئي.
7
نڪي اوهين گھر تعمير ڪجو، نہ وري پوک ڪرڻ يا انگورن جا باغ لڳائڻ لاءِ اوهان وٽ ڪا زمين هجي. اوهان کي انهن مان ڪابہ ملڪيت نہ هجي، بلڪ اوهين هميشہ تنبن ۾ پيا رهجو. تڏهن اوهين جنهن ملڪ ۾ مسافر طور رهو ٿا تنهن ۾ اسان جو گھراڻو وڏي ڄمار ماڻيندو.‘
8
سو اسان جي وڏي يهوناداب جن ڳالهين جو اسان کي حڪم ڏنو هو، تن تي عمل ڪندي اسان، اسان جي زالن، پٽن ۽ ڌيئرن ڪڏهن بہ مئي نہ پيتي آهي،
9
نڪي ڪڏهن رهڻ لاءِ گھر تعمير ڪيا آهن، نہ وري انگورن جا باغ لڳائڻ يا فصل پوکڻ لاءِ ٻنيون رکيون آهن.
10
اسان تنبن ۾ ئي پئي رهيا آهيون ۽ پنهنجي وڏي يهوناداب جي هر حڪم تي چڱيءَ طرح عمل ڪيو آهي.
11
پر جڏهن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر هن ملڪ تي ڪاهہ ڪئي تڏهن اسان فيصلو ڪيو تہ بابلين ۽ ارامين جي لشڪرن کان ڀڄي پري يروشلم شهر ڏانهن هليو وڃجي. ائين اسين يروشلم ۾ اچي رهڻ لڳاسون.“
12
تڏهن قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا مون کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن ڏانهن پنهنجي هي فرمان ٻڌائڻ لاءِ موڪليو تہ ”ڇا اوهان اڃا تائين سبق نہ سکيو آهي جو منهنجي فرمانبرداري ڪريو؟
14
يهوناداب ولد ريڪاب، جنهن پنهنجي اولاد کي حڪم ڏنو هو تہ ’مئي نہ پيئجو،‘ تنهن جي حڪم تي عمل ڪيو ٿو وڃي. اڄ ڏينهن تائين هو مئي نہ ٿا پيئن، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي وڏي جي حڪم تي عمل ڪندا ٿا اچن. پر مون بار بار اوهان کي هميشہ تاڪيد پئي ڪيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان منهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي.
15
مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.
16
يهوناداب ولد ريڪاب جي اولاد پنهنجي وڏي جو ڏنل حڪم بجا آندو، پر اوهان منهنجي حڪم کي رد ڪري ڇڏيو.
17
تنهنڪري ياد رکو، آءٌ قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي اُهي سڀ مصيبتون آڻڻ وارو آهيان جن جي آڻڻ بابت آءٌ اڳي ئي ٻڌائي چڪو آهيان. مون اوهان سان ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو. مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب نہ ڏنو.“
18
پوءِ مون قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ريڪابي گھراڻي کي ڏنو تہ ”جيئن تہ اوهان پنهنجي وڏي يهوناداب جو حڪم پوريءَ طرح مڃيو آهي ۽ سندس سڀني نصيحتن تي عمل ڪيو اٿوَ،
19
تنهنڪري آءٌ قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ يهوناداب ولد ريڪاب جي گھراڻي ۾ ڪڏهن بہ اهڙي ماڻهوءَ جي کوٽ نہ ٿيندي جيڪو منهنجو خدمتگار ٿي رهي.“
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 36 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52