bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 4
Jeremiah 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 5 →
1
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! جيڪڏهن اوهين توبهہ ڪندءُ، هائو، جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہتائب ٿيندءُ، جيڪڏهن اوهين انهن نفرت ڏياريندڙ بتن کي پنهنجي اڳيان هٽائي ڇڏيندءُ، منهنجا فرمانبردار ٿيندءُ،
2
۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“
3
خداوند يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن کي فرمائي ٿو تہ ”جيئن خالي پيل زمين کي کيڙي تيار ڪبو آهي، تہ جيئن ٻج ڪنڊن جي بجاءِ انهيءَ ۾ پوکجي، تيئن اوهين پنهنجي دلين کي تيار ڪريو.
4
اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين مون خداوند سان پنهنجو ٻڌل عهد قائم رکو، ۽ پنهنجي دلين تان ڪٽ لاهي اڇلائي ڇڏيو. جيڪڏهن ائين نہ ڪندءُ، تہ پوءِ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪو کائي اٿندي، ۽ اها اهڙي تہ ڀڙڪي اٿندي جو ڪوبہ ان کي وسائي نہ سگھندو.“
5
يروشلم ۾ بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ اعلان ڪرايو وڃي، هائو، پڙها ڏياري ۽ نفيلون وڄائي وڏي واڪي پڪاريو وڃي تہ ”اچو تہ گڏجي ڪوٽ وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون.“
6
صيئون ڏانهن وڃڻ لاءِ جھنڊو کڻو، بنا دير پناهہ لاءِ ڀڄو! ڇاڪاڻ تہ خداوند اتر پاسي کان آفت بلڪ تباهي آڻيندڙ لشڪر آڻڻ وارو آهي.
7
اهو شينهن جيان پنهنجي چر مان نڪري چڪو آهي، قومن کي ناس ڪندڙ روانو ٿي چڪو آهي. اوهان جي ملڪ کي ويران ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي هنڌان هلي چڪو آهي. توهان جا شهر کنڊر بڻجي ويندا ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ بچندو.
8
انهيءَ ڪري اوهين کٿو چيلهہ سان ٻڌو، روئو رڙو ۽ واءِويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اسان يهوداہ وارن تان ٽري ناهي.
9
خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن بادشاهہ ۽ امير بيهمت ٿي پوندا، ڪاهنن کي دهشت وٺي ويندي ۽ نبي دهلجي ويندا.“
10
تڏهن مون يرمياہ چيو تہ ”اي خداوند خدا! تو ڪيئن نہ هن قوم ۽ يروشلم کي صفا دوکو ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو چيو هو تہ ’اوهين سلامت رهندا،‘ پر هاڻي تہ تلوار اسان جي ڪنڌ تي اچي پهتي آهي.“
11
انهيءَ وقت هن قوم ۽ يروشلم کي خداوند جو هي پيغام ٻڌايو ويندو تہ ”بيابان مان وارياسن دڙن کان منهنجي قوم ڏانهن تباهيءَ جو واءُ گھُلندو، جيڪو نہ تہ وائر ڪرڻ لاءِ هوندو ۽ نہ صفائيءَ لاءِ،
12
پر اهو هڪڙو سخت واءُ هوندو جيڪو منهنجي طرفان هوندو. انهن تي اها فتويٰ آءٌ خداوند ڏيان ٿو.“
13
ڏسو، دشمن ڪڪرن وانگر وڌندو ٿو اچي. هن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي وانگر آهن، ۽ سندن گھوڙا عقابن کان بہ تيز آهن. اسان تباهہ ٿي وياسين، اسان برباد ٿي وياسين.
14
اي يروشلم وارؤ! پنهنجين دلين کي بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪريو، تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڪيستائين اوهين برا خيال پچائيندا رهندءُ؟
15
دان شهر ۽ افرائيم جي جابلو علائقي مان آيل قاصد مصيبت جو اعلان ڪن ٿا.
16
هائو، هو قومن کي آگاهہ ٿا ڪن ۽ يروشلم ۾ هن ڳالهہ جي منادي ٿا ڪن تہ ”ڏورانهين ملڪ مان هڪ گھيرو ڪندڙ لشڪر يهوداہ جي شهرن خلاف جنگي نعرا هڻندو اچي ٿو.“
17
اهو لشڪر يروشلم کي چوڌاري ائين وڪوڙي ڇڏيندو جيئن ڪنهن جاءِ جي چوڌاري پهريدار بيٺا هوندا آهن، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ خداوند خلاف بغاوت ڪئي آهي. خداوند ائين فرمايو آهي.
18
اي يهوداہ وارؤ! اوهان جي پنهنجي هلت چلت ۽ اوهان جن پنهنجن افعالن اها مصيبت اوهان جي سر تي آندي آهي. اها اوهان جي بڇڙاين جي سزا آهي. اها ڪيڏي نہ سخت آهي! اها ڪيڏي نہ دل ۾ چڀندڙ آهي!
19
هاءِ منهنجي دل! هاءِ منهنجي دل! منهنجي دل ڏاڍي تڪليف ۾ آهي. منهنجي دل ڏاڍي تڙپي ٿي! مون کان ماٺ ٿي نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ نفيلن جو آواز ۽ جنگ جا نعرا ٻڌان ٿو.
20
مصيبت پٺيان مصيبت ٿي اچي، ۽ سڄو ملڪ ويران ٿي ويو آهي. اوچتو ئي اوچتو اسان جا گھر، اسان جا جھُڳا، هڪ پل ۾ ڀورا ڀورا ٿي ويا آهن.
21
آءٌ ڪيستائين جنگ جو جوش ڏسان ۽ ڪيستائين نفيلن جا آواز ٻڌان؟
22
خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ منهنجي قوم بيعقل آهي، اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي. اهي بيسمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي. اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“
23
مون ڌرتيءَ ڏانهن نهاريو، ڇا ڏسان تہ اُها ويران ۽ سڃي لڳي پيئي آهي. آسمان ڏانهن نهاريم، ڇا ڏسان تہ ان ۾ ڪا روشني ئي ڪانهي.
24
جبلن ڏانهن نهاريم، ڇا ڏسان تہ اهي ڏڪن ٿا پيا. ٽڪرين ڏانهن نهاريم، ڇا ڏسان تہ اهي سڀ هيڏي هوڏي پيون لرزن.
25
مون هيڏي هوڏي نهاريو، ڇا ڏسان تہ ڪو ماڻهو ئي نظر نہ ٿي آيو، پکي بہ اُڏامي هليا ويا هئا.
26
مون وري نهاريو، ڇا ڏسان تہ سرسبز ٻنيون بيابان لڳيون پيون آهن، ۽ ان ملڪ جا سمورا شهر خداوند جي سخت غضب ڪري ڊهي ڍير ٿيا پيا آهن.
27
انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”سڄي دنيا ويران ٿي ويندي، جيتوڻيڪ اڃا مون ان کي صفا تباهيءَ تي نہ پهچايو آهي.
28
انهيءَ سبب ڌرتي ماتم ڪندي ۽ آسمان ڪاراٽجي ويندو. آءٌ اهو فيصلو ڪري چڪو آهيان ۽ پنهنجو ارادو نہ بدلائيندس.“
29
مون ڏٺو تہ گھوڙي سوارن ۽ تيراندازن جي گوڙ شور تي سڀني شهرن وارا ڀڄندا ٿا وڃن. ڪي گھاٽن جھنگن ۾ گھڙيا ٿا وڃن تہ ڪي ٽڪرين تي چڙهندا ٿا وڃن. سمورن شهرن ۾ سڃ لڳي پيئي آهي. منجھن ڪوبہ رهڻ وارو باقي نہ بچيو آهي.
30
اي يروشلم جي بستي! تنهنجي مقدر ۾ بربادي لکيل آهي، پوءِ تون هي ڇا ٿي ڪرين؟ تون ڇو ٿي کهنبا ڪپڙا ڍڪين ۽ ڇو ٿي سونا زيور پائين؟ ڇو ٿي ڪڃريءَ جيان ڪجل سان پنهنجيون اکيون سينگارين؟ تنهنجو سينگار اجايو آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا عاشق تو کان نفرت ڪن ٿا ۽ تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن.
31
آءٌ هڪڙو آواز ٻڌان ٿو، جيڪو ڄڻ تہ ڪنهن ويم جي سورن واري عورت جو آهي، هڪ اهڙي عورت جو آواز، جيڪا ڄڻ تہ پهريون ٻار ڄڻيندي هجي. اهو آواز يروشلم جي وسنديءَ جو آهي جيڪا سهڪي ٿي پيئي، ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ ”هاءِ! آءٌ تہ برباد ٿي ويس! خوني منهنجو خون ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.“
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52