bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 13
Jeremiah 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 14 →
1
خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”وڃي پنهنجي لاءِ هڪڙو پوتڙو خريد ڪر ۽ اهو چيلهہ سان ٻڌ. پر ڏس، انهيءَ تي پاڻي نہ لڳي.“
2
سو مون خداوند جي حڪم موجب هڪڙو پوتڙو خريد ڪري پنهنجي چيلهہ سان ٻڌي ڇڏيو.
3
پوءِ ٻيو ڀيرو خداوند مون کي فرمايو تہ
4
”جيڪو پوتڙو تو خريد ڪيو آهي ۽ تنهنجي چيلهہ سان ٻڌل آهي، سو لاهي فرات نديءَ ڏانهن کڻي وڃ ۽ اتي ٽڪريءَ جي ڪنهن سوراخ ۾ اهو لڪائي ڇڏ.“
5
سو مون خداوند جي حڪم موجب اهو کڻي وڃي فرات نديءَ وٽ لڪايو.
6
گھڻن ڏينهن کان پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اُٿ، فرات نديءَ ڏانهن وڃ ۽ جيڪو پوتڙو مون تو کي لڪائڻ لاءِ چيو هو سو وڃي اتان ڪڍي اچ.“
7
سو آءٌ فرات نديءَ ڏانهن ويس ۽ جتي اهو پوتڙو لڪايو هئم سو اتان کوٽي ڪڍيم. مون ڏٺو تہ اهو پوتڙو اهڙو تہ خراب ٿي پيو هو جو ڪنهن بہ ڪم جو ڪين رهيو هو.
8
تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ
9
”انهيءَ پوتڙي وانگر آءٌ يروشلم وارن، بلڪ سڄي يهوداہ وارن جي وڏي مغروريءَ کي ناس ڪري ڇڏيندس.
10
هيءَ خراب قوم، جيڪا منهنجي ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري ۽ پنهنجي دل جي هوڏ سببان غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ٿي ڪري، سا بہ انهيءَ پوتڙي جهڙي ٿيندي، جيڪو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي رهيو.
11
جيئن پوتڙو ماڻهوءَ جي چيلهہ سان ٻڌل هوندو آهي، تيئن مون بہ اسرائيل ۽ يهوداہ وارن کي پاڻ سان ٻڌو هو تہ جيئن هو منهنجي ئي قوم رهندي منهنجي نالو جي واکاڻ ڪن ۽ منهنجي عظمت ظاهر ڪن. پر هنن ان پاسي ڪو ڌيان ئي ڪونہ ڏنو.“
12
خداوند مون کي چيو تہ ”بني اسرائيل کي ٻڌاءِ تہ هو مئي جو هر مٽ مئي سان ڀري رکن. جيڪڏهن هو تو کي چون تہ ’اسان کي خبر ناهي ڇا تہ هر مٽ مئي سان ڀربو آهي؟‘
13
تڏهن تون کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ آءٌ سندن ملڪ يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ڪاهنن کي، نبي سڏائيندڙن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ڄڻ تہ نشو پيئاري مدهوش ڪري ڇڏيندس.
14
آءٌ هنن مان سڀني کي پوءِ اهي توڙي جو پيئر هجن يا پٽ، مَٽن جيان هڪٻئي مٿان اڇلائي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، انهن تي ڪو قياس نہ ڪندس، نڪي ترس کائيندس. کين ناس ڪرڻ وقت رحم نہ ڪندس.“
15
اي بني اسرائيل! خداوند جو فرمان ٻڌو، هٺيلا نہ ٿيو، بلڪ انهيءَ تي عمل ڪريو.
16
اوهين خداوند پنهنجي خدا جي تعظيم ڪرڻ سکو، انهيءَ کان اڳ جو هو اونداهي آڻي ۽ اوهان جا پير اونداهين ٽڪرين تي ٿاٻڙجڻ لڳن. هائو، انهيءَ کان اڳ جو جڏهن اوهين روشنائيءَ جا منتظر هجو، تڏهن هو ان کي موت جي پاڇي ۾ بدلائي گھُگھُہ اونداهيءَ ۾ ڦيرائي ڇڏي.
17
پر جيڪڏهن اوهين نہ ٻڌندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي مغروريءَ جي ڪري لڪي لڪي روئندس. هائو، ان وقت منهنجيون اکيون زار وَ قطار روئنديون ۽ ڳوڙها ڳاڙينديون، جڏهن خداوند جي پياري قوم قيد ڪئي ويندي.
18
خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون يهوداہ جي بادشاهہ ۽ سندس والدہ راڻيءَ کي چئُہ تہ ’پنهنجي پنهنجي تخت تان هيٺ لهو، ڇو تہ اوهان جو شان وَ شوڪت وارو تاج اوهان جي مٿي تان لاٿو وڃي ٿو.
19
اوهان جا ڏکڻ وارا شهر گھيري ۾ اچي ويا آهن، ۽ ڪوبہ اندر اچي يا ٻاهر وڃي نہ ٿو سگھي. سڄي يهوداہ کي قيد ڪيو ٿو وڃي، انهن مان ڪوبہ باقي نہ بچندو.‘“
20
اي يروشلم جي وسندي! پنهنجيون اکيون کڻي اتر کان چڙهائي ڪري آيل پنهنجي دشمنن کي ڏس. هاڻ ٻڌاءِ تہ تنهنجي ملڪ جو پاليل ڌڻ ڪٿي آهي؟ هائو، تنهنجا اهي رهاڪو ڪٿي آهن جن تي تو کي وڏو ناز هو؟
21
هاڻي تون ڇا ٿي چوين جو اها قوم تو تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڪاهہ ڪيو ٿي اچي، جنهن کي تو پنهنجو سڄڻ ٿي سمجھيو؟ هاڻ تہ تون ڪنهن ويم ڪندڙ عورت جهڙن سورن ۾ هوندينءَ.
22
پوءِ جي تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ ”مون سان ائين ڇو ٿيو آهي؟“ تہ پوءِ ٻڌ، اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي گناهن جي گھڻائيءَ ڪري آهي، جو ڪپڙا ڦاڙي تو کي اگھاڙو ڪيو ويو آهي، ۽ تو سان زوريءَ زنا ڪئي ويئي آهي.
23
ڇا ڪو حبشي پنهنجي کل جو رنگ بدلائي سگھي ٿو؟ يا ڪو چيتو پاڻ تان دٻڪن جا نشان مَٽائي سگھي ٿو؟ ساڳيءَ طرح تون بہ نيڪي ڪري نہ ٿي سگھين، جيڪا بڇڙائيءَ جي عادي آهين.
24
خداوند ٿو فرمائي تہ ”آءٌ تنهنجي رهاڪن کي ان بُهہ وانگر ٽيڙي پکيڙي ڇڏيندس، جيڪو بيابان جي هوا سان اڏامي ڪڻو ڪڻو ٿي ويندو آهي.
25
اهو ئي تنهنجي رهاڪن جو مقدر آهي، اهو ئي هنن جو حصو آهي، جيڪو مون سندن لاءِ مقرر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ باطل معبودن تي ڀروسو ڪيو اٿائون.“
26
سو اي يروشلم جي وسندي! خداوند پاڻ تنهنجا ڪپڙا لاهيندو ۽ تنهنجو شرم اُگھاڙيندو.
27
اي يروشلم! خدا تنهنجي رهاڪن کي اهي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي، جن ڪراهت جهڙن ڪمن کان هن کي نفرت آهي. هن کين ٽڪرين ۽ ٻنين ۾ ڌارين معبودن پٺيان ويندي ڏٺو آهي، جيئن ڪو زناڪار ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پوندو آهي، يا جيئن ڪو سانهِي گھوڙو گھوڙيءَ جي پٺيان پوندو آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان لاءِ ويل آهي! ڪيستائين اوهين ناپاڪ رهندءُ.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52