bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 14
Jeremiah 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 15 →
1
خداوند مون يرمياہ کي خشڪ ساليءَ جي باري ۾ فرمايو تہ
2
”يهوداہ جا رهاڪو روڄ راڙو ڪن ٿا. خشڪ ساليءَ سبب سندن شهرن تي ويراني ڇانيل آهي. هو ڪارا ڪپڙا پهريو خاڪ تي پيا آهن ۽ يروشلم مان دانهون ٿيون اٿن.
3
امير امراءَ پنهنجن نوڪرن کي پاڻي ڀرڻ لاءِ موڪلين ٿا. اهي تلائن ڏانهن وڃن ٿا پر پاڻي هٿ ڪونہ ٿو اچين. سو اهي پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا اچن. پريشاني ۽ نااميديءَ سببان سندن ڪنڌ جھڪيل آهن.
4
زمين سڪي ٺوٺ ٿي پيئي آهي، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ مينهن ڪونهي پيو. نااميديءَ سببان هارين جا ڪنڌ جھڪيل آهن.
5
هرڻي ٻنيءَ ۾ ٻچو ڄڻي ٿي، پر گاهہ نہ هئڻ ڪري پنهنجي ٻچي کي بہ ڇڏي هلي وڃي ٿي.
6
جھنگلي گڏهہ ويران ٽڪرين تي گدڙن وانگر سهڪن ٿا پيا، گاهہ نہ ملڻ ڪري سندن نظر بہ ڪمزور ٿي ويئي آهي.
7
منهنجي قوم مون کي پڪاري چوي ٿي تہ ’جيتوڻيڪ اسان جا گناهہ اسان تي شاهدي ٿا ڏين، تہ بہ اي خداوند! پنهنجي نالي خاطر ڪجھہ ڪر. بيشڪ اسان جون نافرمانيون وڌي ويون آهن، ۽ اسين تنهنجا گنهگار آهيون.
8
اي بني اسرائيل جي اميد! اي مصيبت ۾ اسان کي بچائيندڙ! ڇو تون پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين وانگر ٿو رهين؟ ڇو تون انهيءَ مسافر وانگر ٿو رهين، جنهن کي رڳو هڪڙي رات رهڻي هجي؟
9
ڇو تون حيرت ۾ ورتل ماڻهوءَ وانگر ٿيو آهين؟ يا وري هڪ اهڙي بهادر وانگر جيڪو طاقت رکڻ جي باوجود بہ ڪنهن کي بچائي نہ ٿو سگھي؟ اي خداوند! تون تہ اسان منجھہ ٿو رهين، ۽ اسين تنهنجا ئي ٿا سڏجون، سو اسان کي ڇڏي نہ ڏي.‘
10
پر آءٌ خداوند هن قوم بابت چوان ٿو تہ هنن کي منهنجي راهہ کان ڀٽڪڻ تمام گھڻو پسند آيو آهي، هنن پنهنجن پيرن کي رُلڻ کان نہ روڪيو آهي. تنهنڪري آءٌ خداوند هنن کي قبول نہ ٿو ڪريان. هاڻ آءٌ هنن جي بدڪارين کي ياد ڪري کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس.“
11
پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! تون هن قوم جي چڱائيءَ لاءِ دعا نہ گھر.
12
جيتوڻيڪ هو روزا رکندا تہ بہ آءٌ سندن دانهن نہ ٻڌندس. توڙي جو هو ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون پيش ڪندا تہ بہ آءٌ اهي کانئن قبول نہ ڪندس. اٽلندو آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان کين ناس ڪري ڇڏيندس.“
13
تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! اهي نبي سڏائيندڙ آهن جيڪي تنهنجو نالو کڻي ماڻهن کي چوندا رهندا آهن تہ ’نہ ڪو اوهان سان جنگ ڪرڻ ايندو ۽ نہ ئي اوهين ڏڪار ۾ ڦاسندا، بلڪ هن ملڪ ۾ اوهين خير ۽ سلامتيءَ سان گذاريندا.‘“
14
تڏهن خداوند مون کي وراڻي ڏني تہ ”اهي نبي سڏائيندڙ منهنجي نالي تي ڪوڙو پيغام ڏين ٿا. مون انهن کي نڪي موڪليو آهي، نڪي کين ڪو حڪم ڏنو اٿم ۽ نہ وري مون ساڻن ڳالهايو ئي آهي. اهي ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون، ڪوڙيون فالون ۽ پنهنجيون ٺڳيءَ سان ٺاهيل ڳالهيون ٿا ٻڌائين.
15
تنهنڪري هي نبي سڏائيندڙ، جن کي مون ڪين موڪليو آهي ۽ جيڪي منهنجي نالي تي ماڻهن کي چون ٿا تہ ’ڪابہ جنگ يا ڏڪار هن ملڪ ۾ ڪين ايندو،‘ تن بابت مون خداوند جو فرمان آهي تہ اهي ساڳيا نبي سڏائيندڙ پڻ جنگ ۽ ڏڪار ذريعي ناس ڪيا ويندا.
16
جن ماڻهن کي هو اهو پيغام ٻڌائين ٿا، تن جا لاش ڏڪار ۽ جنگ جي سببان يروشلم جي گھٽين ۾ اڇلايا ويندا. ڪوبہ کين دفنائڻ وارو نہ هوندو، نہ انهن کي، نہ انهن جي زالن کي ۽ نہ وري انهن جي پٽن يا ڌيئرن کي. آءٌ مٿن اها مصيبت آڻيندس جنهن جا هو حقدار آهن.“
17
خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ آءٌ يهوداہ وارن بابت پنهنجي ڏک جو اظهار ڪريان تہ ”منهنجيون اکيون رات ڏينهن لڳاتار ڳوڙها ٿيون ڳاڙين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم، جيڪا خداوند جي ڪنواري ڌيءَ مثل آهي، تنهن کي هڪ وڏو زخم، هڪ وڏي چوٽ رسي آهي.
18
جڏهن آءٌ ٻهراڙيءَ ڏانهن نڪري ٿو وڃان تہ آءٌ انهن کي ڏسان ٿو جيڪي جنگ ۾ ماريا ويا آهن. جڏهن آءٌ شهر ۾ اچان ٿو تہ ڏڪار سبب مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتلن کي ڏسان ٿو. نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن وائڙن وانگر پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن، کين ڪابہ خبر نہ ٿي پوي تہ قوم سان هي ڇا ٿي رهيو آهي.“
19
يهوداہ وارا پڪاري چون ٿا تہ ”اي خداوند! ڇا تو يهوداہ کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا تون صيئون کان نفرت ٿو ڪرين؟ ڇو تو اسان کي اهڙو زخم رسايو آهي جيڪو ڇٽي ئي نہ ٿو سگھي؟ اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون، پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي. اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون، پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي.
20
اي خداوند! اسين پنهنجي ڪيل بڇڙائي قبول ڪريون ٿا، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري پڻ قبول ٿا ڪريون، بيشڪ اسين تنهنجا ڏوهاري آهيون.
21
اسان کي نہ ڌڪار، متان تنهنجي نالي جي گھٽتائي ٿئي. تون يروشلم شهر ۾ پنهنجي عظمت واري تخت جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. اسان سان ٻڌل پنهنجي عهد کي ياد ڪر ۽ انهيءَ کي نہ ٽوڙ.
22
ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52