bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 12
Jeremiah 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 13 →
1
اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ تو سان بحث ڪريان تہ تون ئي سچو ثابت ٿيندين. تنهن هوندي بہ آءٌ تو سان تنهنجي انصاف بابت ڳالهائڻ ٿو گھران تہ بڇڙائي ڪندڙ ڇو خوشحال رهن ٿا؟ سمورا دغابازي ڪندڙ ڇو آرام ۾ ٿا گذارين؟
2
تو هنن کي وڻ وانگر پوکيو آهي ۽ هاڻي هو پاڙ هڻي ويا آهن. هو وڌن ويجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا. تون هنن جي چپن تي تہ آهين، پر سندن دلين کان دور آهين.
3
پر اي خداوند! تون مون کي ڄاڻين ٿو. تون مون کي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل کي پرکين ٿو تہ اها تو سان ئي آهي. سو تون انهن بڇڙن کي رڍن وانگر ڪهڻ لاءِ ڇڪي ٻاهر ڪڍ. انهن کي ذبح ڪرڻ جي ڏينهن لاءِ الڳ ڪري بيهار.
4
هيءَ زمين ڪيستائين سڪي سڙي پيئي هوندي ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومايل رهندي؟ منجھس رهندڙ بدڪارن جي ڪري پکي ۽ جانور بہ ناس ٿي ويا آهن. اهي بدڪار ائين بہ چون ٿا پيا تہ ”اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو خدا نہ ٿو ڏسي.“
5
خداوند ورندي ڏيندي چيس تہ ”اي يرمياہ! جيڪڏهن تون پيادن سان ڊوڙيو آهين ۽ انهن تو کي ٿڪائي وڌو آهي، تہ پوءِ تون گھوڙيسوارن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگھندين؟ جيڪڏهن تون کُليل ميدان ۾ ئي ٿاٻڙجين ٿو، تہ پوءِ تون اردن درياءَ جي ٻيلن ۾ ڪيئن ڪندين؟
6
سو تون ان شڪايت کي ڇڏ ۽ پنهنجي مائٽن ڏانهن نهار، جيڪي تنهنجي ابي جو اولاد آهن تن بہ تو سان دغا ڪئي آهي. انهن بہ تنهنجي خلاف وڏيون دانهون ڪيون آهن. سو انهن تي اعتبار نہ ڪر، توڙي جو هو تو سان مٺو ٿا ڳالهائين.“
7
خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون يهوداہ وارن کي ڇڏي ڏنو آهي، هائو، پنهنجي چونڊيل قوم کي وساري ڇڏيو اٿم. مون پنهنجي پياري قوم کي سندس دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.
8
منهنجي چونڊيل قوم منهنجي خلاف ٿي پيئي آهي، اها ٻيلي جي شينهن جيان مون تي گجگوڙ ٿي ڪري. تنهنڪري مون کي ساڻس نفرت ٿي پيئي آهي.
9
هاڻ منهنجي چونڊيل قوم جو ملڪ ڄڻ تہ گدڙن جي جُوءِ بڻجي ويو آهي، جنهن جي چوڌاري مردار خور پکي لامارا ڏيندا ٿا وتن. سو وڃ، وڃي جھنگ جي سڀني جانورن کي سڏي اچ، تہ اهي اچي هنن گدڙن جو شڪار کائي چٽ ڪري ڇڏين.
10
جيئن ڌنار انگورن جي باغ کي ڀيلي ٿا ڇڏين، ۽ ٻنيءَ کي لتاڙي ناس ٿا ڪن، تيئن ڪيترن ئي ڌارين بادشاهن منهنجي قوم جي سرسبز ملڪ کي اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيو آهي.
11
هنن ان کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، ويران ٿي اهو منهنجي اڳيان دانهون پيو ڪري. سڄو ملڪ بيابان بڻجي ويو آهي، پر ڪنهن کي بہ انهيءَ جي پرواهہ ڪانهي.
12
تباهي مچائڻ وارا حملي ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ کُليل ٽڪرين تي اچي پهتا آهن. اهي مون خداوند جي موتمار تلوار بڻجي هڪڙيءَ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏيندا، ۽ ملڪ ۾ ڪوبہ سلامت نہ رهندو.
13
منهنجي قوم ڪڻڪ پوکي، پر لڻڻ لاءِ وٽن ڪنڊا ئي رهيا آهن، هنن سخت پورهيو ڪيو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ڪيو اٿائون. منهنجي سخت ڪاوڙ جي ڪري اهي پنهنجي پيداوار کان نااميد ٿيا آهن.“
14
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏس، آسپاس جي بڇڙن غير قوم وارن ان ملڪ کي نقصان رسايو آهي، جيڪو مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنو هو. سو آءٌ انهن سڀني کي سندن ملڪن مان وڻ وانگر پاڙان پٽي ڪڍندس ۽ يهوداہ وارن کي کانئن بچائي وٺندس.
15
کين ائين جلاوطن ڪري ڇڏڻ کان پوءِ، آءٌ وري مٿن رحم ڪندس ۽ منجھائن هر قوم کي سندس ورثي واري ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس.
16
جيڪڏهن هو پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي قوم جا رستا سکندا ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ ’ خداوند جيئري جو قسم آهي،‘ جيئن هنن منهنجي قوم کي بعل ديوتا جو قسم کڻڻ سيکاريو هو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم منجھہ قائم ٿي ويندا.
17
پر جيڪڏهن ڪا قوم منهنجي نہ ٻڌندي تہ پوءِ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ان کي پٽي آءٌ بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس.“
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52