bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 7
Jeremiah 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 8 →
1
خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ آءٌ هيڪل يعني سندس گھر جي دروازي وٽ بيهي يهوداہ جي رهاڪن، جيڪي سندس عبادت ڪرڻ لاءِ هنن دروازن کان اندر لنگھي ايندا آهن، تن سڀني کي سندس هي فرمان ٻڌايان تہ
3
”آءٌ قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو تہ آءٌ اوهان کي هن ملڪ ۾ آباد ڪري ڇڏيندس.
4
باقي اوهين پنهنجي حفاظت جو يقين ڪندي ائين چئي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ’هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.‘
5
جيڪڏهن اوهين واقعي پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريندا ۽ هڪٻئي سان انصاف سان هلندا،
6
جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رنزال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بيڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا،
7
تہ پوءِ آءٌ اوهان کي هن هنڌ تي آباد ڪري ڇڏيندس، يعني هن ملڪ ۾ جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي هميشہ هميشہ لاءِ ڏيئي ڇڏيو هو.
8
پر ان جي ابتڙ اوهين تہ انهن ڪوڙين ڳالهين تي ڀروسو رکو ٿا جن مان ڪوبہ فائدو رسي نہ ٿو سگھي.
9
اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا.
10
توڙي جو اوهين اهڙا ڪم ڪريو ٿا جن کان مون کي سخت نفرت آهي، تڏهن بہ منهنجي نالي تي سڏجڻ واري هن هيڪل ۾ اچي منهنجي اڳيان بيهي اوهين چئو ٿا تہ ’اسين محفوظ آهيون،‘
11
اوهين ڇا ٿا سمجھو تہ هي گھر جيڪو منهنجي نالي تي ٿو سڏجي سو چورن ۽ ڌاڙيلن جو اڏو آهي؟ اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا ڇا آءٌ اهو نہ ٿو ڏسان؟
12
هاڻ اوهين ان هنڌ ڏانهن وڃو جيڪو سيلا ۾ آهي، جتي مون پنهنجي نالي سان پهرين رهائش اختيار ڪئي هئي. اوهين وڃي ڏسو تہ اُتي پنهنجي قوم بني اسرائيل سان مون سندن بڇڙائيءَ جي ڪري ڇا ڇا ڪيو.
13
جڏهن اوهان هي سڀ بڇڙا ڪم ڪيا پئي تڏهن مون اوهان سان بار بار پئي ڳالهايو، پر اوهان منهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي. مون اوهان کي سڏيو، پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو.
14
تنهنڪري آءٌ پنهنجي نالي تي سڏجندڙ هن گھر جو، جنهن تي اوهان جو ڀروسو آهي ۽ انهيءَ جاءِ جيڪا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن جو بہ اهڙو ئي حال ڪندس جهڙو مون سيلا جو ڪيو هو.
15
آءٌ اوهان کي ائين پنهنجي حضور مان ڪڍي اڇلائيندس، جيئن مون اوهان جي همقوم بني افرائيم کي اڇلائي ڇڏيو هو.“
16
خداوند فرمايو تہ ”اي يرمياہ! تون انهيءَ قوم لاءِ دعا نہ گھر، نڪي انهن جي لاءِ آواز اٿار ۽ نہ عرض ڪر، نڪي مون وٽ انهن جي سفارش ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي نہ ٻڌندس.
17
تون نہ ٿو ڏسين ڇا تہ هو کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۾ بلڪ پوري يهوداہ جي شهرن ۾ ڇا ٿا ڪندا وتن؟
18
ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، پيئر باهہ ٻارين ٿا ۽ مائرون اٽو ڳوهين ٿيون تہ جيئن انهيءَ ديويءَ لاءِ لوليون پچائين، جنهن کي هو آسمان جي راڻيءَ ٿا سڏين. هو غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون ٿا پيش ڪن، تہ جيئن مون کي چڙ ڏيارين.
19
پر ڇا ائين ڪرڻ سان هو واقعي ئي مون کي ڪو نقصان پهچائين ٿا؟ هرگز نہ، هو پاڻ کي ئي نقصان پهچائي خوار خراب ڪن ٿا.
20
تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ منهنجو قهر ۽ غضب هن هيڪل تي، انسان ۽ حيوان تي، جھنگلي وڻن ۽ زمين جي پيداوار تي نازل ٿيندو ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجھامندو ئي ڪين.“
21
قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين قاعدي مطابق ڪي قربانيون مون لاءِ مخصوص ڪري قربانگاهہ تي ساڙي ڇڏيندا آهيو ۽ ڪي کائيندا آهيو. پر هاڻي انهن جي ڪابہ اهميت ناهي. سو ڀلي تہ اوهين سڀ جون سڀ کائي ڇڏيو.
22
انهيءَ سبب جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو هو، تنهن ڏينهن ساڙڻ وارين قربانين يا جانورن جي قربانين بابت مون انهن کي ڪوبہ حڪم ڪونہ ڏنو هو.
23
پر مون کين اهو حڪم ڏنو هو تہ ’منهنجي فرمانبرداري ڪريو تہ آءٌ اوهان جو خدا هوندس ۽ اوهين منهنجي قوم هوندا. جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان، تنهن تي هلو تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي.‘
24
پر هنن منهنجي اها ڳالهہ نہ ٻڌي ۽ نہ ڪو ڌيان ئي ڏنائون، اُٽلندو هو پنهنجي بڇڙي دل جي هوڏ تي هليا. اهڙيءَ طرح اهي سڌرڻ بجاءِ وڌيڪ بڇڙا ٿي ويا.
25
جنهن ڏينهن اوهان جا ابا ڏاڏا مصر ملڪ مان نڪري آيا تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، هميشہ بروقت مون پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن موڪليا آهن.
26
پر اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي ۽ ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو. اوهان هٺ کان ڪم وٺندي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪئي.“
27
سو خداوند فرمايو تہ ”اي يرمياہ! تون جيتوڻيڪ اهي سڀ ڳالهيون هنن کي ٻڌائيندين تہ بہ هو تنهنجي نہ ٻڌندا. تون جڏهن کين سڏيندين تڏهن هو تو کي ڪوبہ جواب نہ ڏيندا.
28
تنهنڪري تون کين چئُہ تہ ’اوهين اهڙي قوم آهيو جنهن خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي ۽ نہ وري سڌرڻ قبوليو اٿوَ. وفاداري اوهان مان ايتري قدر تہ ختم ٿي ويئي آهي جو اوهان جي وات مان انهيءَ بابت ڪا ڳالهہ ئي نہ ٿي نڪري.‘“
29
اي يروشلم وارؤ! سوڳ وچان پنهنجا وار ڪوڙي اڇلايو، ٽڪرين تي آہ وَ زاري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي موجودہ پيڙهي خداوند جي ڪاوڙ هيٺ آهي، جنهن کي هن رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي.
30
خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ وارن اُهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ برا آهن. هنن ڪراهت جهڙيون شيون يعني بت ٺاهي منهنجي نالي پٺيان سڏجندڙ هيڪل ۾ رکي ان کي پليت ڪيو آهي.
31
هنوم ماٿريءَ ۾ توفت نالي جڳهہ تي هنن پوڄا جون جايون ٺاهيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ اتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي قرباني پيش ڪن. پر مون کين اهڙو ڪوبہ حڪم نہ ڏنو هو ۽ نہ ئي وري منهنجي ڌيان ۾ ڪا اهڙي ڳالهہ هئي.
32
تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ياد رکو، اُهو ڏينهن اچي رهيو آهي جنهن ڏينهن ماڻهو ان کي آئيندہ ’توفت‘ يا ’هنوم ماٿري‘ نہ سڏيندا پر ’ڪوس جي ماٿري‘ ڪري سڏيندا، ڇاڪاڻتہ قتل ٿي ويلن جي لاشن پورڻ جي جاءِ نہ هئڻ سبب توفت بہ قبرستان بڻجي ويندو.
33
پوءِ هن قوم جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻجي پوندا ۽ ڪوبہ اهڙو ماڻهو نہ هوندو جيڪو انهن پکين ۽ جھنگلي جانورن کي اتان هڪالي ڪڍي.
34
اهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي گھٽين مان بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ويران ٿي ويو هوندو.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52