bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 2
Jeremiah 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 3 →
1
خداوند مون کي فرمايو تہ
2
”وڃ، وڃي يروشلم ۾ منادي ڪري مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون کي اوهان جي اُها بيانتها محبت ياد آهي، جيڪا اوهين شروعات ۾ مون سان ڪندا هئا، هائو، ڪنوار جهڙي اوهان جي اُها محبت ياد اٿم، جيڪا اوهين مون سان ڪندا هئا. اهو بہ ياد اٿم تہ ڪيئن اوهين غير آباد رڻپٽ ۾ منهنجي پٺيان هلندا هئا.
3
اي بني اسرائيل! ان وقت اوهين منهنجا ئي هئا، اوهين منهنجي لاءِ ئي مخصوص، ۽ فصل جي پهرين پيداوار جيان هئا. مون انهن سڀني کي مصيبت ۽ ڏک ۾ وڌو، جيڪي اوهان کي ايذائيندا هئا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“
4
اي يعقوب جو اولاد! اي بني اسرائيل جا قبيلؤ! اوهين خداوند جو پيغام ٻڌو.
5
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جي ابن ڏاڏن مون وٽ ڪهڙي ڪمي ڏٺي هئي، جو هو مون کان ڦري ويا؟ هو بيڪار بتن جي پوڄا ڪري پاڻ بہ بيڪار بڻيا.
6
هنن کي تہ منهنجي يادگيري ئي ناهي رهي، توڙي جو مون کين مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو، بلڪ کين ويران بيابان مان پڻ ٻاهر وٺي آيس، يعني رڻپٽ ۽ کڏن کوٻن جي علائقي مان ڪڍي آيس، هڪ اهڙي علائقي مان جيڪو خشڪ ۽ انڌيري وارو هو. اهو اهڙو علائقو هو جنهن مان نہ ڪو لنگھندو هو ۽ نہ وري منجھس ڪو رهندو هو.
7
مون هنن کي زرخيز زمين ۾ آندو تہ جيئن هو ان جو ميوو ۽ چڱي پيداوار کائين. پر هنن ان ۾ داخل ٿي منهنجي انهيءَ ملڪ کي پليت ڪيو، يعني منهنجي ڏنل ميراث کي برباد ڪري ڇڏيائون.
8
ڪاهنن بہ مون خداوند کي ياد نہ ڪيو، جن جو واسطو شريعت سان آهي تن بہ مون کي ڪين ڄاتو. اڳواڻن بہ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. نبي سڏائيندڙن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏنا، ۽ بيڪار بتن جي پوڄا ۾ لڳي ويا.“
9
”تنهنڪري آءٌ خداوند پنهنجي قوم جي خلاف مقدمو اٿلائيندس، هائو، آءٌ وري سندن اولاد جي خلاف مقدمو هلائيندس.
10
اي منهنجي قوم! اولهہ ۾ قبرص جي ٻيٽن تائين پار وڃي ڏس، اوڀر ۾ قيدار تائين ماڻهو موڪلي جاچ ڪري ڏس، تون جتي بہ ويندينءَ ڪٿي بہ ائين نظر نہ ايندءِ جو
11
اڳ ڪڏهن ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا هجن، جڏهن تہ حقيقت ۾ اهي معبود ئي ناهن. پر اي منهنجي قوم! تو مون حقيقي خدا کي ڇڏي، بيڪار بتن جي ڪري پنهنجو شان وَ شوڪت مِٽائي ڇڏيو آهي.
12
سو اي آسمانؤ! هيبت وچان ڪنبڻ لڳو، عجب کائو ۽ ششدر ٿيو.
13
انهيءَ سبب جو منهنجي قوم ٻہ گناهہ ڪيا آهن: هڪ تہ هو زندگيءَ جي چشمي يعني مون کان ڦري ويا آهن، ٻيو پنهنجي لاءِ ڀڳل حوض ٺاهيا اٿائون، جن ۾ پاڻي ڪونہ ٿو ٽِڪي سگھي.“
14
”بني اسرائيل قوم نہ تہ زرخريد ٻانهي آهي، ۽ نہ وري اها پيدائشي غلام هئي، تہ پوءِ ڪهڙي سبب ڪري انهيءَ کي لٽيو ڦريو ويو؟
15
غير قوم وارا جوان شينهن جيان مٿس رڙيا ۽ گجيا، ۽ سندس ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيائون. سندس شهر ساڙيا ويا، ايتري قدر جو انهن ۾ ڪو رهڻ وارو نہ بچيو.
16
هائو، بني نوف ۽ بني تحفنيس بني اسرائيل قوم جي کوپڙي ڏاري وڌي آهي.
17
اي بني اسرائيل! ڇا اهو سڀ ڪجھہ تو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي؟ ڇوجو تو مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو، جڏهن تہ مون تنهنجي رهنمائي پئي ڪئي.
18
هاڻي نيل نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ مصر ڏانهن وڃڻ مان تو کي ڪهڙو فائدو آهي؟ يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ اشور ملڪ ڏانهن وڃڻ مان تو کي ڪهڙو فائدو آهي؟
19
ٻڌ، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا تو کي کولي ٿو ٻڌايان تہ تنهنجي اها بڇڙائي ئي تو کي سزا ڏيندي، تنهنجي اها سرڪشي تو کي ملامت ڪندي. سو تو کي خبر پئجي ويندي تہ مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي تو ڪيڏي نہ خراب ۽ غلط ڳالهہ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تو کي منهنجو ڪو ڊپ ئي نہ رهيو آهي.“
20
خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! گھڻو اڳي مون تنهنجي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي هئي، ۽ تنهنجا قيد وارا رسا ٽوڙي ڇڏيا هئا. پر تو چيو تہ ’آءٌ خدا جي تابعداري نہ ڪنديس،‘ جڏهن تہ تون بتن جي پوڄا ۾ هر ڪنهن اوچي ٽڪريءَ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڪڃريءَ وانگر ٽنگون ٽيڙيو پيئي آهين.
21
مون تہ تو کي سٺي ۾ سٺي ٻج مان انگورن جي ول جو عمدو ٻوٽو ڪري پوکيو هو، پوءِ تون ڪيئن منهنجي لاءِ جھنگلي ۽ کريل ول وانگر ٿي پئينءَ؟
22
هاڻ تون ڪيتري بہ صابڻ سان غسل ڪرين، ۽ کڻي ڪيترو ئي پاڻ کي کار سان ڌوئين، تہ بہ منهنجي نظر ۾ تنهنجي بدڪاريءَ جو چُٽو تو تان ڪين لهندو.
23
تون ڪيئن ٿي چوين تہ ’مون پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪيو آهي، نڪي بعل ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿم‘؟ ياد ڪر، تو ماٿريءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو. تون هڪڙي وهريل ڏاچيءَ وانگر آهين، جيڪا يَل پئي ڊوڙي.
24
تون بيابان جي هِريل انهيءَ گڏهِہ جيان آهين، جيڪا پنهنجي شهوت جي پورائي لاءِ نوسيندي وتندي آهي، جڏهن وهر کڻيس ٿي تہ پوءِ ڪير ٿو کيس روڪي سگھي؟ ڪوبہ نر ان جي پٺيان لڳي پاڻ کي ڪين ٿڪائيندو، ڇو تہ لڳ جي وقت تي اُها پنهنجو پاڻ کيس هٿ اچي ويندي.
25
اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! ڌارين معبودن پٺيان لڳي پنهنجي پيرن ۾ لڦون نہ وجھہ، نڪي سندن پٺيان لڳي سهڪندي پنهنجي نڙي سڪاءِ. پر تون چوين ٿي تہ ’نہ، آءٌ هرگز نہ مڙنديس. مون کي ڌارين معبودن سان عشق آهي ۽ آءٌ انهن جي ئي پوڄا ڪنديس.‘“
26
خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”جيئن ڪو چور پڪڙجي پوڻ تي خوار خراب ٿيندو آهي، تيئن ئي اوهان بني اسرائيل وارا پنهنجن بادشاهن ۽ اميرن، ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن سميت خوار خراب ٿيا آهيو.
27
اوهين ڪاٺ کي چئو ٿا تہ ’تون اسان جو پيءُ آهين،‘ ۽ پٿر کي چئو ٿا تہ ’تو اسان کي ڄڻيو آهي.‘ اوهان مون ڏانهن منهن نہ پر پٺي ڪئي آهي، پر جڏهن اوهين مصيبت ۾ پئو ٿا تڏهن مون کي چئو ٿا تہ ’اچ، اچي اسان کي بچاءِ.‘
28
ڀلا، ان وقت اوهان جا اهي معبود ڪٿي هوندا آهن، جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ جوڙيا آهن؟ جيڪڏهن اُهي اوهان کي مصيبت مان بچائي سگھن تہ ڀلي اچي اوهان کي بچائين. اي يهوداہ! جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا ئي تو ۾ معبود آهن.“
29
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون تي الزام ڇو ٿا هڻو؟ جڏهن تہ اوهان سڀيئي پاڻ منهنجي خلاف بغاوت ڪري چڪا آهيو.
30
مون اجايو اوهان کي سزا ڏني، جڏهن تہ اوهين سڌريا ئي ڪونہ. اوهين پاڻ پنهنجن نبين کي شڪاري شينهن وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.
31
اي هن پيڙهيءَ وارؤ! مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو. ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻپٽ مثل آهيان؟ ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟ تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ ’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين ۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘
32
ڀلا ڪا ڪنواري پنهنجا زيور يا ڪا ڪنوار پنهنجي سهاڳ جو جوڙو وساري ڇڏيندي آهي؟ پر منهنجي قوم بيشمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.
33
اي منهنجي قوم! عاشقن کي ڳولي لهڻ ۾ تون ڪيڏي نہ ماهر آهين. بيشڪ بدڪار عورتون بہ تو کان ئي سکيون آهن.
34
ان کان علاوہ تنهنجي ڪپڙن تي رت جا داغ بيگناهہ غريبن جا آهن نڪي کاٽ هڻندڙن جا.
35
انهيءَ هوندي بہ تون چوين ٿي تہ ’آءٌ بيگناهہ آهيان، يقيناً خداوند جي ڪاوڙ مون تان ٽري ويئي آهي.‘ پر ياد رک، آءٌ خداوند تو کي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ تون انڪاري آهين تہ تو گناهہ نہ ڪيو آهي.
36
تون پنهنجا رستا بدلائيندي بدلائيندي ڪيتري نہ گمراهہ ٿي ويئي آهين! جيئن اشور کان تو کي نااميدي ملي هئي تيئن مصر کان بہ نااميدي ئي ملندءِ.
37
تون پنهنجي وطن مان بہ قيد ٿي نڪرندينءَ، ڇاڪاڻ تہ جن تي تنهنجو ڀروسو آهي تن کي مون خداوند رد ڪيو آهي. انهن کان تو کي ڪابہ مدد ڪانہ ملندي.“
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52