bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 29
Jeremiah 29
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 30 →
1
مون يرمياہ يروشلم مان قيد ڪيل باقي اڳواڻن ڏانهن ۽ ڪاهنن ، نبي سڏائيندڙن ۽ انهن سڀني ماڻهن ڏانهن هڪ خط لکي موڪليو جن کي نبوڪدنضر جلاوطن بڻائي يروشلم مان بابل ملڪ ڏانهن وٺي ويو هو.
2
هي ان کان پوءِ جي ڳالهہ آهي جڏهن يهوياڪين بادشاهہ، سندس راڻي ماءُ، سندس درٻاري عملدار ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا اڳواڻ ڪاريگرن ۽ رازن سميت يروشلم مان جلاوطن ڪيا ويا هئا.
3
مون اهو خط العاسہ ولد سافن ۽ جمرياہ ولد خلقياہ جي حوالي ڪيو، جن کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڏانهن موڪليو. ان خط ۾ لکيل هو تہ
4
”قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جن ماڻهن کي يروشلم مان جلاوطن ڪري بابل ڏانهن موڪليو هو، تن سڀني کي هو فرمائي ٿو تہ
5
’اوهين اتي ئي پنهنجي لاءِ گھر ٺاهي رهي پئو، باغ پوکيو ۽ انهن جا ميوا کائو.
6
اوهين شاديون ڪريو ۽ پٽ ۽ ڌيئر ڄڻيو. اڳتي هلي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جون شاديون ڪرايو تہ جيئن انهن کي بہ پٽ ۽ ڌيئر ڄمن. اهڙيءَ طرح اوهين تعداد ۾ وڌندا وڃو ۽ گھٽجو نہ.
7
جن شهرن ۾ مون اوهان کي جلاوطن بڻائي موڪليو آهي، تن جي خير وَ سلامتي طلبيندا رهو ۽ انهن لاءِ مون خداوند کان دعا گھرو، ڇاڪاڻ تہ انهن جي خير وَ سلامتيءَ ۾ اوهان جي خير وَ سلامتي آهي.
8
آءٌ قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا انهيءَ ڪري ائين چوان ٿو تہ جيئن اوهين پاڻ منجھہ رهندڙ نبي سڏائيندڙن ۽ غيب دانن کان نہ ٺڳجو. جلدي وطن واپس موٽڻ وارين سندن اڳڪٿين ۽ خوابن کي اوهين قبول نہ ڪجو.
9
هو منهنجي نالي تي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪن ٿا، جڏهن تہ مون انهن کي ڪين موڪليو آهي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.‘
10
خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’بابل جي بادشاهت جا ستر سال پورا ٿيڻ بعد آءٌ اوهان جي خبر چار لهندس ۽ اوهان کي پنهنجي وطن ۾ موٽائي آڻڻ وارو اوهان سان ڪيل پنهنجو سهڻو سخن پورو ڪندس.
11
آءٌ ئي آهيان، جنهن اوهان لاءِ جيڪي رٿيو آهي تنهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو. منهنجي اها رٿ خرابيءَ واري نہ، بلڪ خير وَ سلامتيءَ واري آهي، هائو، هڪ اهڙي رٿ جنهن سان اوهان جي آئيندہ جي اميد پوري ٿيندي.
12
تڏهن اوهين مون کي پڪاريندا ۽ مون کان دعائون گھرندا تہ آءٌ اوهان جون اهي دعائون اگھائيندس.
13
اوهين منهنجا طالبو ٿيندا، هائو، جڏهن اوهين پوريءَ دل وَ جان سان منهنجا طالبو ٿيندا، تڏهن آءٌ اوهان سان پرچي پوندس.
14
هائو، آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس ۽ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن کان، جن ڏانهن مون اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو اوهان کي موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘
15
اوهين چئو ٿا تہ ’ خداوند اسان جي لاءِ بابل ۾ نبي موڪليا آهن.‘
16
پر حقيقت ۾ جيڪو شخص بادشاهہ دائود جي تخت تي ويٺو آهي ۽ جيڪي ماڻهو هن شهر يروشلم ۾ رهن ٿا، يعني اوهان جا هموطن جيڪي جلاوطن نہ ڪيا ويا هئا تن سڀني بابت خداوند جو فرمان هي آهي.
17
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ هنن منجھہ جنگ، ڏڪار ۽ وبا موڪليندس ۽ کين اهڙن ڳريل سڙيل انجيرن جهڙو ڪندس، جيڪي کائڻ جي لائق نہ هوندا آهن.
18
آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا کي سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندس ۽ کين ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن قومن ۾ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس تن سڀني ۾ هو لعنت، عبرت، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا.
19
ان جو سبب هي آهي جو هنن منهنجي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي بار بار کين ٻڌائيندو رهيو آهيان. هنن تہ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ئي گوارا نہ ڪيون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.
20
تنهنڪري هاڻي اي جلاوطنؤ! اوهين جن کي مون يروشلم کان بابل ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، سي سڀ مون خداوند جو فرمان ڌيان سان ٻڌو.
21
آءٌ قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا اخياب ولد قولاياہ ۽ صدقياہ ولد معسياہ، جيڪي منهنجي نالي تي اوهان اڳيان ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪن ٿا، تن بابت چوان ٿو تہ آءٌ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو کين اوهان جي اکين اڳيان قتل ڪرائي ڇڏيندو.
22
انهيءَ ڪري اوهين يهوداہ جا سڀ جلاوطن جيڪي بابل ۾ آهيو سي هيءَ لعنت مثال طور ڪم آڻيندا تہ ”شل خداوند تو کي صدقياہ ۽ اخياب جهڙو ڪري، جن کي بابل جي بادشاهہ باهہ ڏيئي ساڙائي ڇڏيو.“
23
انهيءَ سبب جو هنن مون کي ڪاوڙائڻ جهڙا ڪم ڪيا، يعني ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري ڪيائون ۽ منهنجي نالي تي ڪوڙيون ڳالهيون ڪيائون جيڪي مون کين نہ چيون هيون. مون کي اها سڄي خبر آهي ۽ آءٌ خداوند پاڻ ان جو گواهہ آهيان.‘“
24
قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا مون يرمياہ کي سمعياہ نخلاميءَ بابت هڪ پيغام ڏنو، جنهن پنهنجي نالي سان يروشلم جي سڀني ماڻهن توڙي صفنياہ ولد معسياہ ڪاهن ۽ ٻين سڀني ڪاهنن ڏانهن خط موڪليو. انهيءَ خط ۾ هن صفنياہ کي لکيو تہ
26
” خداوند تو کي يهويدع ڪاهن جي جاءِ تي ڪاهن مقرر ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون خداوند جي گھر جو نگران بڻجي هر انهيءَ چرئي ماڻهوءَ کي جيڪو پاڻ کي نبي چوائي، تنهن کي ڪاٺ ۾ وجھي زنجيرن سان جڪڙي ڇڏين.
27
سو ڇو تو يرمياہ عنتوتيءَ کي اهڙي سزا نہ ڏني آهي جيڪو اوهان منجھہ پاڻ کي نبي بڻايو ٿو وتي؟
28
هن اسان ڏانهن بابل ۾ هي پيغام موڪليو آهي تہ ’هن جلاوطنيءَ جي مدت ڊگھي آهي. تنهنڪري اتي ئي گھر ٺاهي رهي پئو، باغ پوکيو ۽ انهن جو ميوو کائو.‘“
29
صفنياہ ڪاهن اهو خط مون يرمياہ کي پڙهي ٻڌايو.
30
تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ
31
”سڀني جلاوطن ماڻهن ڏانهن سمعياہ نخلاميءَ بابت مون خداوند جو هي پيغام ڏياري موڪل تہ ’جيئن تہ سمعياہ اوهان اڳيان نبيءَ جي حيثيت ۾ ڳالهيون ڪيون آهن، توڙي جو مون کيس نہ موڪليو آهي ۽ اوهان کي ڪوڙ تي يقين ڪرايو اٿس،
32
تنهنڪري مون خداوند جو اهو فرمان آهي تہ آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس نسل کي اهڙي سزا ڏيندس جو قوم مان سندن نالو نشان ئي مٽجي ويندو. هو اهي چڱا ڪم ئي نہ ڏسندو جيڪي آءٌ پنهنجي قوم لاءِ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52