bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 26
Jeremiah 26
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 27 →
1
يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي شروع ۾ مون يرمياہ تي خداوند وٽان هي فرمان نازل ٿيو تہ
2
”اي يرمياہ! مون خداوند جو حڪم آهي تہ منهنجي هيڪل جي اڱڻ ۾ بيهي تون يهوداہ جي ڳوٺن مان عبادت لاءِ ايندڙ سڀني ماڻهن سان ڳالهاءِ. منهنجي ٻڌايل هر ڳالهہ کان کين آگاهہ ڪر، انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گھٽائجانءِ.
3
ٿي سگھي ٿو تہ هو انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏين ۽ پنهنجي پنهنجي خراب رستي کان باز اچن، تہ پوءِ هنن جي بڇڙن ڪمن جي ڪري جيڪا مصيبت مون هنن تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي تنهن کان آءٌ مڙي ويندس.
4
سو تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اوهان منهنجيون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن ۽ نہ ئي منهنجي ڏنل شريعت تي هليا آهيو.
5
اوهان منهنجي ٻانهن يعني نبين جون ڳالهيون بہ نہ مڃيون آهن جن کي بار بار مون اوهان ڏانهن موڪليو آهي. هاڻي آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن منهنجي ٻڌايل واٽ تي نہ هلندا،
6
تہ پوءِ آءٌ پنهنجي هن گھر کي سيلا شهر جهڙو ڪندس ۽ هن شهر کي دنيا جي سڀني قومن ۾ ڦٽ لعنت جو باعث بڻائيندس.‘“
7
ڪاهنن ، نبي سڏائيندڙن ۽ سڀني ماڻهن مون يرمياہ کي خداوند جي گھر ۾ اهي ڳالهيون ڪندي ٻڌو.
8
پر جڏهن مون اهي سڀ ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌائي بس ڪئي جن جي ٻڌائڻ جو خداوند مون کي حڪم ڪيو هو، تڏهن انهن سڀني اچي مون کي پڪڙي سوگھو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هاڻ تو کي جيئرو نہ ڇڏينداسين.
9
تون خداوند جي نالي ۾ اڳڪٿي ڪري ڇو چوين ٿو تہ هيءَ هيڪل سيلا شهر جهڙي ٿي ويندي ۽ هي شهر اهڙو ويران ڪيو ويندو جو ڪوبہ منجھس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟“ تڏهن خداوند جي گھر ۾ موجود سڀيئي ماڻهو منهنجي چوڌاري اچي گڏ ٿيا.
10
جڏهن بادشاهہ جي عملدارن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن اهي شاهي محل کان خداوند جي گھر اچي پهتا ۽ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ منهنجي فيصلي ڪرڻ لاءِ ويهي رهيا.
11
تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن انهن عملدارن ۽ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا ملڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن يروشلم شهر جي خلاف اڳڪٿي ڪئي آهي. جيئن تہ اها ڳالهہ اوهان پاڻ پنهنجن ڪنن سان ٻڌي آهي.“
12
تڏهن يرمياہ سڀني عملدارن ۽ ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ” خداوند پاڻ مون کي موڪليو آهي تہ هن هيڪل ۽ هن شهر جي خلاف اهي ڳالهيون اڳڪٿي ڪري ٻڌايان جيڪي اوهان هاڻ ٻڌيون.
13
سو هاڻ اوهين پنهنجا طور طريقا ۽ پنهنجا عمل سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪريو. پوءِ خداوند پنهنجو خيال تبديل ڪندو ۽ اوهان تي اها مصيبت نہ آڻيندو جنهن جي آڻڻ جو هن اظهار ڪيو آهي.
14
باقي رهيس آءٌ، سو آءٌ تہ اوهان جي هٿ ۾ آهيان، اوهين جيئن مناسب سمجھو تيئن مون سان ورتاءُ ڪريو.
15
رڳو ايتري پڪ ڄاڻجو تہ جيڪڏهن اوهين مون کي ماري وجھندءُ تہ اوهين پنهنجي ۽ يروشلم شهر جي سڀني رهاڪن جي سر تي هڪڙي بيگناهہ جو خون آڻيندءُ، ڇاڪاڻ تہ سچ پچ خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي ٻڌايان.“
16
تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن کي عملدارن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا نہ ڏيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.“
17
تڏهن ملڪ جي مکيہ ماڻهن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ اتي گڏ ٿيل ماڻهن کي مخاطب ٿي چوڻ لڳا تہ
18
”يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي اڳڪٿي ڪئي هئي. هن يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ’ صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو، ۽ اُتي جتي هيڪل اڏيل آهي سو جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.‘
19
پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“
20
انهن کان علاوہ اخيقام ولد سافن نالي هڪڙي مکيہ ماڻهوءَ جي حمايت ڪرڻ ڪري مون کي قتل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي حوالي نہ ڪيو ويو. يهويقيم جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ ئي اورياہ ولد سمعياہ نالي هڪڙو نبي پنهنجي شهر قريتيعريم کان يروشلم ۾ اچي خداوند جي نالي سان اڳڪٿي ڪرڻ لڳو. هن بہ انهن ساڳين ئي ڳالهين جي اڳڪٿي ٿي ڪئي جيڪي مون يرمياہ هن شهر ۽ ملڪ جي خلاف ڪيون هيون. جڏهن يهويقيم بادشاهہ، سندس لشڪرن جي سمورن سالارن ۽ عملدارن هن جون ڳالهيون ٻڌيون تڏهن بادشاهہ هن کي مارڻ جو حڪم جاري ڪيو. پر اورياہ نبيءَ کي اهو پتو پئجي ويو سو هو ڊڄي مصر ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو. پوءِ بادشاهہ يهويقيم الناتن ولد عڪبور سان گڏ ڪجھہ ٻيا ماڻهو مصر ڏانهن موڪليا، جيڪي اورياہ کي مصر مان پڪڙي يهويقيم بادشاهہ وٽ وٺي آيا. بادشاهہ هن کي تلوار سان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ سندس لاش عام ماڻهن جي قبرستان ۾ ڦٽو ڪيو ويو.
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 27 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52