bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 25
Jeremiah 25
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 26 →
1
يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي باري ۾ مون يرمياہ نبيءَ تي خدا جو فرمان نازل ٿيو. بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جو اهو پهريون سال هو.
2
سو مون يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ
3
”هن ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ سال گذريا آهن تن ۾ خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيندو رهيو آهي، جيڪو مون اوهان کي بار بار پئي ٻڌايو آهي. پر اوهان ٻڌو اڻٻڌو پئي ڪيو آهي.
4
جيتوڻيڪ خداوند اوهان ڏانهن بار بار پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن، تہ بہ اوهان انهن کي ناهي ٻڌو، نہ وري انهن ڏانهن ڪو ڌيان ئي ڏنو اٿوَ.
5
انهن نبين چيو تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي خراب رستي ۽ بڇڙن ڪمن کان باز اچي تہ جيئن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ رهي سگھو، جيڪو ملڪ خداوند پراڻي زماني کان هميشہ هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.
6
اوهين غير معبودن يا پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن جا پوئلڳ بڻجي انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي انهن کي سجدو ڪري خداوند کي چڙ ڏياريو. تڏهن خداوند اوهان کي ڪوبہ ايذاءُ نہ رسائيندو.‘
7
پر خداوند جو فرمان آهي تہ اوهان ڏانهس ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، اٽلندو پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن جي پوڄا ڪري سندس ڪاوڙ کي ڀڙڪايو اٿوَ ۽ پنهنجو پاڻ کي نقصان رسايو اٿوَ.
8
تنهنڪري ئي قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’اي يهوداہ وارؤ! جيئن تہ اوهان منهنجي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏنو آهي،
9
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.
10
آءٌ هنن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، بلڪ اٽي جي چڪيءَ جو آواز ۽ ڏيئي جو سوجھرو بہ ڪڍي ڇڏيندس.
11
هي سڄو ملڪ ويرانو ۽ حيرت جو سبب بڻجي ويندو ۽ هي قومون ستر سالن تائين بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.‘
12
خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’پوءِ جڏهن اهي ستر سال پورا ٿيندا تڏهن آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس سڄي قوم کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس ۽ آءٌ سندن ملڪ کي هميشہ لاءِ ويران ڪري ڇڏيندس.
13
آءٌ انهيءَ ملڪ تي اهي سڀ برباديون آڻيندس جيڪي انهيءَ جي خلاف آءٌ اڳي ئي چئي چڪو آهيان، يعني اهي سڀ جيڪي يرمياہ نبيءَ سڀني قومن جي خلاف پيشنگوئيون ڪري ٻڌايون هيون ۽ جيڪي سندس ڪتاب ۾ لکيل آهن.
14
اهي پاڻ گھڻين ئي قومن ۽ وڏن بادشاهن طرفان غلام بڻايا ويندا. آءٌ انهن کي سندن عملن ۽ هٿن جي ڪم موجب بدلو ڏيندس.‘“
15
خداوند ، بني اسرائيل جي خدا مون کي هڪ رويا ڏيکاري، جنهن ۾ هن فرمايو تہ ”اي يرمياہ! منهنجي هٿان مئي جو هي پيالو وٺ، جيڪو منهنجي غضب سان ڀريل آهي. اهو انهن سڀني قومن کي وڃي پيئار، جن ڏانهن آءٌ تو کي موڪليان ٿو.
16
تڏهن اهي مست ٿي پوندا ۽ ٿيڙ کائڻ لڳندا، انهيءَ جنگ جي سبب جيڪا آءٌ منجھن موڪليندس.“
17
سو مون رويا ۾ خداوند جي هٿان اهو پيالو ورتو ۽ جن جن قومن ڏانهن خداوند مون کي موڪليو هو تن سڀني کي مون انهيءَ مان پيئاريو.
18
شروعات مون يروشلم شهر ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، انهيءَ جي بادشاهن ۽ عملدارن کان ڪئي، تانتہ اهي شهر ويران ٿي حيرت، ڪراهت ۽ لعنت جو سبب بڻجن، جيئن اهي اڄوڪي ڏينهن آهن.
19
انهن کان علاوہ مون غضب جو اهو پيالو هنن کي پيئاريو: مصر جو بادشاهہ فرعون ، سندس نوڪر، سندس عملدار، ان جي سڄي قوم
20
۽ مصر ۾ رهندڙ سڀيئي ڌاريا ماڻهو، عُوض ملڪ جا سڀ بادشاهہ، فلستين جي ملڪ جي شهرن اسقلون، غزہ، عقرون جا سڀ بادشاهہ ۽ اشدود جا باقي بچي ويل ماڻهو،
21
ادوم ۽ موآب ملڪن جا ماڻهو، بني عمون،
22
صور ۽ صيدا جا سڀ بادشاهہ، ڀونوچ سمنڊ جي پرينءَ ڀر جا سڀ بادشاهہ،
23
ددان، تيما ۽ بُوز شهر ۾ توڙي ٻين هنڌن تي رهڻ وارا اهي ماڻهو جيڪي لوندڙيون ڪوڙائي ٻُچي ڏاڙهي رکن ٿا،
24
عربستان جا سڀ بادشاهہ ۽ بيابان ۾ رهندڙ قبيلن جا سڀ بادشاهہ،
25
زمري، عيلام ۽ مادئين جا سڀ بادشاهہ،
26
اترادي اوريان ۽ پريان سڀ بادشاهہ. مطلب تہ روءِزمين جي سڀني بادشاهتن کي هڪٻئي پٺيان خدا جي غضب جو اهو پيالو پيئاريم. انهن سڀني کان آخر ۾ بابل جي بادشاهہ کي بہ اهو پيالو پيئڻو پيو.
27
اهو پيالو پيئارڻ وقت مون هر هڪ کي قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان بہ ٻڌايو تہ ”منهنجي غضب جو پيالو پيئو، مست ٿيو ۽ الٽي ڪري ڪڍو ۽ مدهوش ٿي اهڙا ڪِرو، جو جيڪا جنگ آءٌ اوهان منجھہ موڪليان ٿو تنهن سببان وري ڪڏهن بہ نہ اُٿو.“
28
خداوند مون کي هي بہ فرمايو هو تہ ”جيڪڏهن هو تنهنجي هٿان پيالو وٺي پيئڻ کان انڪار ڪن تہ پوءِ کين مون قادرِمطلق خداوند جو هي حڪم ٻڌائي ڇڏج تہ ’اوهان کي اهو ضرور پيئڻو پوندو.
29
ڏسو، جيڪو شهر منهنجي نالي ٿو سڏجي، تنهن ۾ ئي آءٌ مصيبت آڻڻ وارو آهيان تہ پوءِ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو سزا کائڻ کان ڇٽي سگھو! اوهين سزا کائڻ کان هرگز بچي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ روءِزمين تي رهندڙن مٿان جنگ آڻڻ وارو آهيان. مون قادرِمطلق خداوند جو اهو فرمان آهي.‘“
30
پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون انهن سڀني جي خلاف هنن ڳالهين جي پيشنگوئي ڪر ۽ کين چئُہ تہ ’ خداوند آسمان مان گجندو، هو پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو. هائو، هو نہ رڳو پنهنجي قوم جي خلاف وڏي زور سان گجندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو، جهڙي انگورن لتاڙڻ وارا جوش وچان ڪندا آهن.
31
ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين هڪ هڪل واڪا ڪندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند قومن کي ڏوهي قرار ڏيندو. هو پوري انسانذات جي عدالت ڪندو ۽ شريرن کي تلوار جي حوالي ڪندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.‘“
32
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، مصيبت هڪڙيءَ قوم کان ٻي قوم تائين پکڙبي ٿي وڃي. هائو، اها ڌرتيءَ جي ڏورانهن ڇيڙن کان هڪڙي وڏي طوفان وانگر پکڙبي ٿي اچي.“
33
انهيءَ ڏينهن ڌرتيءَ جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين خداوند جا ڪٺل پکڙيا پيا هوندا. انهن تي ماتم ڪرڻ وارو يا کين گڏ ڪري دفنائڻ وارو ڪوبہ نہ هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا.
34
اي اڳواڻؤ! واءِويلا ڪريو ۽ روئو رڙو. هائو، اوهين جيڪي خداوند جي قوم، يعني سندس ڌڻ جا ڌنار آهيو، سي مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪسجڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن. اوهان کي ٽاڪُئين ٿانوَ جيان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.
35
هاڻ اي ڌنارؤ! اوهان کي ڀڄڻ جو ڪو رستو ئي نہ ملندو، هائو، اي قوم جا اڳواڻؤ! اوهان کي بچڻ لاءِ ڪابہ پناهہگاهہ نہ ملندي.
36
هاڻ چراگاهن جي تباهہ ٿيڻ تي ڌنارن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن، هائو، ملڪ جي تباهہ ٿيڻ تي قوم جي اڳواڻن جو روئڻ رڙڻ ٿو ٻڌجي. انهيءَ سبب جو سندن ملڪ جيڪو سلامتيءَ واري چراگاهہ مثل هو، سو خداوند جي خوفناڪ غضب سبب ويران ٿي ويو آهي.
38
جيئن ڪو شينهن پنهنجي ڏر کي ڇڏي هليو وڃي، تيئن خداوند بہ پنهنجي قوم کي ڇڏي ڏنو آهي. سو حملو ڪندڙن جي ظلم، ۽ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سببان، هنن جو ملڪ ويران ٿي ويو آهي.
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52