bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 5
Jeremiah 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 6 →
1
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين يروشلم جون گھٽيون گھمي جاچي ڏسو، چونڪن ۾ تلاش ڪري ڏسو. جيڪڏهن اوهان کي ڪو هڪڙو اهڙو ماڻهو ملي، جيڪو ايمانداريءَ واري هلت ڪندو هجي ۽ حق سچ جو ڳولائو هجي، تہ پوءِ آءٌ يروشلم شهر کي معاف ڪري ڇڏيندس.
2
جيتوڻيڪ اوهين مون جيئري خدا جو قسم کڻندا آهيو، تہ بہ اوهان جو اهو قسم بلڪل ڪوڙو هوندو آهي.“
3
اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہتائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.
4
تڏهن مون سوچيو تہ ”هو ويچارا نادان آهن. هو نہ ٿا ڄاڻن تہ خداوند جو رستو ڪهڙو آهي، ۽ سندن خدا کانئن ڪهڙي تقاضا ڪري ٿو.
5
سو آءٌ اڳواڻن ڏانهن ويندس، ۽ ساڻن ڳالهائيندس. يقيناً هنن کي خداوند جي رستي ۽ پنهنجي خدا جي تقاضا جي خبر هوندي.“ پر هنن سڀني تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، تانتہ تنهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان آجا ٿي وڃن.
6
اهو ئي سبب آهي جو ٻيلي مان هڪڙو شينهن هنن تي حملو ڪري کين چٽ ڪندو، بيابان مان هڪڙو بگھڙ اچي کين کائيندو، هڪڙو چيتو سندن شهرن جي ويجھو ڇپ هڻي ويهندو، تہ جيئن جيڪو اتان ٻاهر نڪري تنهن کي چيري ڦاڙي ڇڏي. اهو انهيءَ ڪري جو هنن جي بغاوت وڌي ويئي آهي، ۽ سندن قصور گھڻا ٿي ويا آهن.
7
خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ ”اهڙين ڳالهين تي آءٌ اوهان کي ڇو معاف ڪريان؟ اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڪوڙن معبودن جي پوڄا ڪندا رهيا آهيو. مون اوهان کي آسودگي عطا ڪئي تہ بہ اوهان وڃي زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گھرن ۾ وڃي ڳاهٽ ٿيو ٿا.
8
اوهين پيٽ ڀريل شهوتي گھوڙا ٿي پيا آهيو، هر ڪو ٻئي جي زال جي پٺيان هڻڪار ڪندو ٿو ڦري.
9
انهن ڳالهين جي ڪري ڇا آءٌ اوهان کي سزا نہ ڏيان؟ ڇا آءٌ اوهان جهڙي قوم کان بدلو نہ وٺان؟
10
ڀلي تہ دشمن اچي منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان وڍي اڇلائين، پر کين صفا ناس نہ ڪن. آءٌ کين چوندس تہ ’انهن کي ٽارين وانگر ڇانگي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهي مون خداوند جون ناهن.‘
11
اسرائيل ۽ يهوداہ وارن منهنجي ڏاڍي نافرماني ڪئي آهي. آءٌ خداوند ائين چوان ٿو.“
12
بني اسرائيل خداوند بابت ڪوڙ ڳالهايو آهي. چيو اٿائون تہ ”هو ڪجھہ بہ نہ ڪندو. اسان کي ڪوبہ نقصان نہ پهچندو. اسان ڪڏهن بہ جنگ يا ڏڪار نہ ڏسنداسين.
13
هائو، سندس نبي بہ رڳو هوا وانگر آهن ۽ وٽن خدا جو ڪو فرمان ڪونهي.“ سو قادرِمطلق خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! جيئن تہ ماڻهن اهڙي ڳالهہ ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجي فرمان کي تنهنجي وات ۾ باهہ بڻائيندس ۽ هنن ماڻهن کي ٻارڻ بڻائيندس. پوءِ اها باهہ هنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“
15
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! آءٌ هڪڙي ڏورانهين قوم اوهان تي ڪاهي آڻيندس. اُها زورآور ۽ قديم قوم آهي. اُها هڪڙي اهڙي قوم آهي جنهن جي ٻولي اوهين نہ ٿا ڄاڻو، نہ وري انهن جون ڳالهيون سمجھي سگھو ٿا.
16
هنن جا سڀ جوڌا جوان اهڙا آهن، جن جي تيرن ۾ موت ئي موت آهي.
17
هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“
18
خداوند ٿو فرمائي تہ ”انهيءَ هوندي بہ انهن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجي قوم کي پوريءَ طرح ناس نہ ڪندس.
19
جڏهن ماڻهو پڇن تہ ’ خداوند اسان جي خدا اهو سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ڪيو آهي؟‘ تڏهن اي يرمياہ! تون کين ٻڌائج تہ جيئن هنن مون کي ڇڏي پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي پوڄا ڪئي آهي، تيئن ئي هاڻ هو بہ ڌارئي ملڪ ۾ ڌارين جي غلامي ڪندا.“
20
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪي بني اسرائيل يهوداہ ۾ رهن ٿا، تن کي ٻڌائي ڇڏ تہ
21
’اي بيعقل ۽ نادانؤ! اوهين جيڪي اکين جي هوندي بہ ڏسو نہ ٿا ۽ ڪنن جي هوندي بہ ٻڌو نہ ٿا، اوهين هيءَ ڳالهہ ڪن ڏيئي ٻڌو.
22
اوهين مون خداوند کان ڇو نہ ٿا ڊڄو؟ اوهين منهنجي سامهون ڇو نہ ٿا ڏڪو؟ مون سمنڊ کي واريءَ جو ڪنارو ڏنو آهي. اهو اهڙو تہ مستقل ڪنارو آهي، جنهن کان هو ٽپي نہ ٿو سگھي. ان جون ڇوليون ڀل اٿلون کائين، پر اُهي ڪناري کان ٽپي نہ ٿيون سگھن، اُهي ڀل تہ گجگوڙون ڪن پر ان کي اورانگھي نہ ٿيون سگھن.
23
پر اوهان جون دليون اهڙيون تہ فسادي ۽ سرڪش آهن، جو اوهين حدون اورانگھي ويا آهن.
24
هائو، اوهان اهو ڪڏهن بہ نہ سوچيو آهي تہ اوهان کي مون خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکڻ گھرجي، جيڪو سرءُ ۽ بهار ۾ پوري وقت تي مينهن وسايان ٿو ۽ هر سال لاباري جي مقرر موسم ڏيان ٿو.
25
اوهان جي بدڪاريءَ اهي شيون اوهان کان روڪي رکيون آهن، هائو، اوهان جي گناهن اوهان کي انهن چڱين شين کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.‘
26
بيشڪ، منهنجي قوم ۾ شرير ماڻهو بہ موجود آهن، جيڪي پکين کي ڦاسائيندڙن وانگر لڪا ويٺا آهن. هائو، اهي دوکيبازيءَ سان ماڻهن کي ڦندي ۾ ڦاسائيندا آهن.
27
جيئن ڪو پڃرو پکين سان ڀريل هوندو آهي، تيئن ٺڳيءَ ڪندي هنن پنهنجا گھر ڀريا آهن، انهيءَ ڪري هو شاهوڪار ۽ طاقتور ٿي ويا آهن.
28
هو ٿلها متارا ۽ چوکا ٿي پيا آهن. سندن شرارت وارن ڪمن جي تہ حد ئي ڪانهي. هو نڪي يتيمن سان انصاف ڪن ٿا، نہ وري غريبن جي حقن جو تحفظ ڪن ٿا.
29
انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ خداوند کين سزا ڏيندس، آءٌ اهڙيءَ قوم کان بدلو وٺندس.
30
ملڪ ۾ عجيب ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ٿين ٿا.
31
نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشنگوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52