bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 44
Jeremiah 44
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 43
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 45 →
1
خدا جو اهو فرمان جيڪو اتر مصر جي شهرن مجدال، تحفنيس، نوف ۽ ڏکڻ مصر جي علائقي ۾ رهندڙ سڀني يهوداہ وارن متلعق مون يرمياہ تي نازل ٿيو سو هي هو تہ
2
”آءٌ قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جيڪا مصيبت مون يروشلم تي ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن تي آندي آهي سا سڄي اوهان ڏٺي آهي. ڏسو، اڄ اهي شهر اهڙا ويران آهن جو ڪوبہ ماڻهو انهن ۾ نہ ٿو رهي.
3
اهو اتان جي رهاڪن جي ڪيل بڇڙائيءَ سببان ٿيو. هنن غير معبودن جي پوڄا ڪري ۽ انهن لاءِ قربانيون پيش ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري. انهن معبودن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، نہ اوهان ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن.
4
مون بار بار پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن پئي موڪليا جن اوهان کي ٻڌايو تہ ’اهو ڪراهت جهڙو ڪم نہ ڪريو جنهن کان خداوند کي نفرت آهي.‘
5
پر اوهان نہ ٻڌو ۽ نہ وري ڪو ڌيان ئي ڏنوَ. اوهين غير معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ واري پنهنجي شرارت کان باز نہ آيا.
6
انهيءَ ڪري يروشلم جي گھٽين توڙي يهوداہ جي ٻين شهرن تي منهنجو قهر ۽ غضب نازل ٿيو، سو مون انهن کي ويران دڙا بڻائي ڇڏيو، جيئن اهي اڄ آهن.
7
هاڻ آءٌ قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ ڇو اوهين پنهنجين جانين تي هيءَ وڏي مصيبت ٿا آڻيو، جنهن سبب اوهين مرد، عورتون، ٻار ۽ کير پياڪ ناس ٿي وڃو ۽ اوهان يهوداہ وارن مان ڪوبہ جيئرو نہ بچي؟
8
مصر ملڪ جتي اوهين رهڻ لاءِ آيا آهيو، اتي ڇو غير معبودن جي پوڄا ڪندي سندن اڳيان قربانيون پيش ڪري اوهين مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؟ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ کي برباد ڪري دنيا جي سڀني قومن منجھہ لعنت ۽ ملامت جوڳو بڻائيندا.
9
ڇا اوهان اهي بڇڙايون وساري ڇڏيون آهن جيڪي اوهان جي ابن ڏاڏن، يهوداہ جي بادشاهن ۽ راڻين، اوهان پاڻ ۽ اوهان جي زالن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۾ توڙي سڄي يهوداہ ملڪ ۾ ڪيون آهن؟
10
اڄ ڏينهن تائين اوهين نہ پشيمان ٿيا آهيو، نڪي منهنجي تعظيم ڪئي اٿوَ، نہ وري منهنجي شريعت ۽ منهنجي حڪمن تي هليا آهيو، جيڪي مون اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن اڳيان رکيا هئا.
11
تنهنڪري آءٌ قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون اوهان تي مصيبت آڻڻ ۽ سڄي يهوداہ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.
12
آءٌ اوهان يهوداہ جي باقي بچيلن کي هرگز نہ ڇڏيندس، جن مصر ۾ وڃي رهي پوڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. هائو، اوهين سڀ مصر ۾ ناس ٿي ويندا. اوهين ننڍا توڙي وڏا سڀ جنگ ۾ يا وري ڏڪار سان ماريا ويندا. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو سبب بڻبا.
13
هائو، جيئن مون يروشلم وارن کي سزا ڏني هئي، تيئن آءٌ اوهان کي مصر ۾ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سزا ڏيندس.
14
اوهان مان ڪوبہ نہ بچندو جيڪو مصر کان موٽي اچي يهوداہ جي ملڪ ۾ رهي، جتي رهڻ جا اوهين خواهشمند آهيو. اوهان ڀاڄوڪڙن مان ڪن ٿورڙن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽندو.“
15
تڏهن اهي سڀ مرد جن کي خبر هئي تہ سندن زالون غير معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪنديون آهن ۽ اهي سڀ عورتون جيڪي وڏي انبوہ جي صورت ۾ اتي موجود هيون ۽ ساڻن گڏ اهي سڀ موجود ماڻهو پڻ جيڪي ڏکڻ توڙي اتر مصر ۾ رهندا هئا، تن مون يرمياہ کي چيو تہ
16
”جيڪي ڳالهيون تو اسان کي خداوند جي نالي سان ٻڌايون آهن، سي اسين هرگز نہ مڃينداسين.
17
بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.
18
پر جڏهن کان اسان آسمان جي انهيءَ راڻي ديويءَ لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽڻ ڇڏي ڏنيون آهن، تڏهن کان وٺي اسين هر شيءِ جا محتاج ٿي پيا آهيون ۽ جنگ ۽ ڏڪار سان ناس پيا ٿيون.“
19
انهن ۾ موجود عورتن وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اسان آسمان جي انهيءَ راڻي ديويءَ لاءِ قربانيون پيش ڪنديون هيونسين ۽ انهيءَ لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينديون هيونسين، تڏهن اسان جا مرد بہ انهيءَ ۾ راضي هئا تہ اسين ان جي لاءِ سندس شڪل واريون لوليون پچايون ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون.“
20
تڏهن اهڙيون ورنديون ڏيندڙ انهن مردن خواهہ عورتن کي مون چيو تہ
21
”ڇا خداوند کي اهي قربانيون ياد ناهن جيڪي اوهين، اوهان جا ابا ڏاڏا، اوهان جا بادشاهہ، اوهان جا عملدار بلڪ اوهان جا سڀيئي ماڻهو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پيش ڪندا هئا؟ ڇا اهي خداوند کان وسري ويون آهن؟
22
هرگز نہ، بلڪ جڏهن خداوند اوهان جا بڇڙا عمل ۽ اوهان جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم وڌيڪ برداشت نہ ڪري سگھيو، تڏهن اوهان جي ملڪ کي ويران ۽ عبرت وَ لعنت جو سبب بڻايائين، ايتري قدر جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.
23
سو جيئن تہ اوهان غير معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪري خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ هن جي فرمانبرداي نہ ڪئي اٿوَ ۽ نہ وري سندن شريعت ۽ قاعدن قانونن تي هليا آهيو، تنهنڪري هيءَ سڄي مصيبت اوهان تي آئي آهي، جيئن هاڻ اوهين ڀوڳيو ٿا.“
24
پوءِ مون انهن سڀني کي، خاص طور عورتن کي چيو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهين جيڪي مصر ملڪ ۾ ٿا رهو، سي سڀ خداوند جو هي فرمان ٻڌو.
25
قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’اوهان ۽ اوهان جي زالن جيڪي چيو هو سو ئي ڪري ڏيکاريو آهي تہ اوهين پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪندا، آسمان جي راڻيءَ لاءِ قربانيون پيش ڪندا ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيندا. سو ڀلي وڃي پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجا قول پورا ڪريو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيو.
26
پر اي مصر ۾ رهندڙ سڀ يهوداہ وارؤ! مون خداوند جو هي فرمان ٻڌي ڇڏيو. آءٌ پنهنجي عظيم نالي جو قسم کڻي چوان ٿو تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ اوهان جو ڪوبہ ماڻهو پنهنجي واتان اڳتي وري منهنجو نالو وٺي هيئن نہ چوندو تہ ” خداوند جيئري خدا جو قسم آهي.“
27
انهيءَ سبب جو منهنجي اوهان تي چوڪسيءَ واري نظر آهي چڱائيءَ لاءِ نہ، پر مندائيءَ لاءِ. هائو، مصر ملڪ ۾ اوهين سڀ يهوداہ وارا جنگ ۽ ڏڪار جو منهن ڏسندا، ايستائين جو اوهين بلڪل ناس ٿي وڃو.
28
البت اوهان مان ڪي ٿورا ماڻهو جنگ کان بچي مصر ملڪ مان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي ايندا. پوءِ اوهان جيڪي مصر ۾ رهڻ لاءِ آيا هئا، تن مان انهن باقي بچيل يهوداہ وارن کي ئي خبر پوندي تہ ڪنهن جي ڳالهہ پوري بيٺي، منهنجي يا اوهان جي.
29
آءٌ خداوند اوهان کي هن ئي هنڌ سزا ڏيندس. اوهان لاءِ هيءَ هڪ نشاني هوندي تہ جيئن اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان کي ڇيهو رسائڻ واريون منهنجيون آگاهيون ضرور پوريون ٿينديون.
30
ڏسو، اها نشاني هيءَ آهي جو آءٌ مصر جي حفرع نالي فرعون کي سندس مخالفن ۽ جاني دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جهڙيءَ طرح مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪيو هو، جيڪو صدقياہ جو مخالف ۽ جاني دشمن هو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“
← Chapter 43
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 45 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52