bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 11
Jeremiah 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 12 →
1
خداوند خدا يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن کي ٻڌائڻ لاءِ مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”آءٌ خداوند ، بني اسرائيل جو خدا انهن سڀني تي لعنت ٿو ڪريان جيڪي منهنجي عهد جي ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. سو انهيءَ عهد جي ڳالهين تي اوهين ڌيان ڏيو.
4
هائو، انهن ڳالهين تي جن جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڏنو هو، جڏهن آءٌ کين لوهہ جي بٺيءَ مان يعني مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. مون کين چيو هو تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ منهنجي هر حڪم جي تعميل ڪن، تہ پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.
5
پوءِ آءٌ ساڻن اهو قسم پورو ڪندس جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان کنيو هو تہ ’آءٌ اوهان کي هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ ڏيندس.‘ سو اهو ملڪ هي ئي آهي جنهن ۾ اڄ اوهين رهيا پيا آهيو.“ تڏهن مون يرمياہ ورندي ڏيئي چيو تہ ”برحق، اي خداوند!“
6
خداوند مون کي وري فرمايو تہ ”هنن سڀني ڳالهين جو يروشلم جي گھٽين ۾ بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ اعلان ڪر ۽ کين چئُہ تہ ’اوهين هن عهد جي ڳالهين تي ڌيان ڏيو ۽ انهن تي عمل ڪريو.
7
جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ کين بار بار تنبيهہ ڪندو رهيس تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن.
8
پر هنن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو، اٽلندو هو پنهنجين بڇڙين دلين جي هوڏ تي قائم رهيا. تنهنڪري مون مٿن انهيءَ عهد جون سڀ لعنتون آنديون جنهن عهد جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون کين حڪم ڪيو هو، پر هنن تعميل نہ ڪئي.‘“
9
خداوند مون کي فرمايو تہ ” يروشلم جي رهاڪن ۾، بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن ۾ هڪ سازش ٿي رهي آهي.
10
هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن ڏانهن موٽي ويا آهن، جن منهنجي ڳالهين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. اهي غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄاري بڻيا. اسرائيل ۽ يهوداہ ٻنهي ملڪن جي گھراڻن منهنجو اهو عهد ٽوڙيو آهي، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو.
11
تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس، جنهن کان هو بچي نہ سگھندا. توڙي جو هو دانهون ڪري مون کي پڪاريندا تہ بہ آءٌ سندن دانهون نہ ٻڌندس.
12
تڏهن يروشلم جا رهاڪو بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن وارا انهن معبودن وٽ وڃي دانهون ڪندا جن جي آڏو هو پنهنجا نذرانا پيش ڪن ٿا. پر سندن مصيبت جي وقت ۾ اهي سندن بلڪل مدد ڪري نہ سگھندا.
13
يهوداہ ۾ ايترا تہ معبود آهن جيترا سندن ڳوٺ آهن ۽ جيتريون يروشلم ۾ گھٽيون آهن اوتريون ئي اوهان انهيءَ ڪراهت جهڙي شيءِ بعل ديوتا جي واسطي قربانگاهون ٺاهيون آهن.
14
تنهنڪري، اي يرمياہ! تون انهيءَ قوم جي لاءِ دعا نہ گھرجانءِ، ۽ نہ وري انهن جي لاءِ ميڙ منٿون ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ جڏهن هو پنهنجي مصيبت جي وقت مون کي پڪاريندا تڏهن آءٌ هنن جي ڪابہ نہ ٻڌندس.
15
جنهن قوم سان آءٌ پيار ٿو ڪريان سا ڇا ٿي ڪري؟ ايتري گھڻي بدڪاري ڪرڻ بعد منهنجي هيڪل ۾ اچڻ جو کين ڪهڙو حق آهي؟ ڇا هو سمجھن ٿا تہ جانورن جون قربانيون ڪرڻ ۽ واعدن ڪرڻ سان هو پاڻ تان مصيبت ٽاري سگھندا؟
16
مون خداوند کين سهڻن ميون سان سينگاريل سرسبز زيتون جي وڻ جو نالو ڏنو. پر هاڻ هڪڙي وڏي گجگوڙ سان آءٌ انهيءَ وڻ جي پنن کي ساڙي وجھندس ۽ ان جون ٽاريون ٽوڙي ڇڏيندس.
17
سو مون قادرِمطلق خداوند ، جنهن انهيءَ وڻ کي زمين ۾ پوکيو هو، تنهن انهيءَ تي مصيبت جو حڪم جاري ڪيو آهي. هائو، اسرائيل ۽ يهوداہ وارن جي مصيبت جو سبب سندن اُها بڇڙائي آهي جيڪا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل ديوتا آڏو نذرانا پيش ڪري مون کي چڙ ڏياري اٿائون.“
18
اهو خداوند ئي هو جنهن مون يرمياہ خلاف دشمنن جي سازش کي مون تي ظاهر ڪيو.
19
مون کي اها خبر ڪونہ هئي تہ ڪو منهنجي خلاف سازش سِٽي ويئي آهي. آءٌ تہ هڪڙي اٻوجھہ گھيٽڙي وانگر هئس، جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي وڃبو آهي. هنن پاڻ ۾ صلاحون پئي ڪيون تہ ”اچو تہ هن کي وڻ وانگر سندس ڦوهُہ جوانيءَ ۾ ئي وڍي ڇڏيون ۽ کيس جيئرن جي دنيا مان ناس ڪري ڇڏيون، تانتہ جيئن هن جو نالو نشان ئي نہ رهي.“
20
پر مون دعا گھري تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! تون جيڪو سچائيءَ سان انصاف ڪندڙ آهين، ۽ دل وَ دماغ کي پرکڻ وارو آهين، سو هنن کان منهنجو وير وٺ تہ آءٌ ڏسان، ڇو تہ مون پنهنجو معاملو تنهنجي اڳيان رکيو آهي.“
21
منهنجي شهر عنتوت جي رهاڪن مون کي مارڻ ٿي گھريو ۽ انهن مون کي چيو هو تہ ”تون پنهنجو پيغام خداوند جي نالي سان نہ ٻڌائيندو ڪر، نہ تہ اسين تو کي ماري ڇڏينداسين.“
22
تنهنڪري قادرِمطلق خداوند فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ هنن کي اها سزا ڏيندس جو هنن جا جوان جنگ ۾ مرندا ۽ سندن ٻار ڏڪار سببان مرندا.
23
هنن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سزا واري مقرر ڪيل وقت تي عنتوت وارن مٿان آفت نازل ڪندس.“
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52