bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Jeremiah 49
Jeremiah 49
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 48
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 50 →
1
بني عمون بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ” اسرائيل ملڪ جا مرد ڪٿي آهن؟ ان جو ڪو وارث ڪونهي ڇا؟ پوءِ ڇو مولڪ ديوتا جا پوڄاري جد قبيلي ۽ سندس علائقي تي قبضو ڪري ان جي شهرن ۾ آباد ٿي ويا آهن؟
2
هاڻي ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ وارا جنگ جي للڪار ٻڌندا. پوءِ اهو شهر هڪڙو ويران دڙو ٿي پوندو، ۽ ان جي آسپاس وارا ڳوٺ باهہ ڏيئي ساڙيا ويندا. ان کان پوءِ اسرائيل وارا موٽي بني عمون کي پنهنجي علائقي مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندا، جتان اڳ ۾ بني عمون کين هڪالي ڪڍيو هو.
3
جڏهن دشمن اچي عمونين جي ڳوٺ عئيءَ کي تباهہ ڪندا، تڏهن اي حشبون وارؤ! اوهين واءِويلا مچائيندا. اي ربہ جا رهاڪؤ! اوهين بہ رڙيون ڪري روئندا، کٿا ڍڪيندا ۽ سوڳ ڪندا. اوهين ڊپ وچان ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو معبود مولڪ پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ سڀني عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.
4
اي سرڪش عمونيؤ! ڊاڙون ڇو ٿا هڻو؟ اوهان مان طاقت نڪرندي ٿي وڃي. اوهان کي پنهنجي طاقت تي ايترو ڀروسو ڇو آهي جو چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي حملو ڪري سگھندو؟‘
5
ٻڌو، آءٌ خداوند ، قادرِمطلق خدا اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ آءٌ اوهان جي چئني طرفن کان اوهان تي دهشت آڻيندس. اوهان سڀني کي هڪ هڪ ڪري هڪالي ڪڍيو ويندو، ۽ اهڙو ڪوبہ نہ هوندو جيڪو اوهان کي وري آڻي گڏ ڪري.
6
پر بعد ۾ آءٌ اوهان بني عمون وارن جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
7
ادوم بابت قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڇا ادوم ملڪ جي رهاڪن مان ڏاهپ نڪري ويئي آهي؟ ڇا سندن ڏاهن مان صلاح مصلحت ختم ٿي ويئي آهي؟ ڇا منجھن ڏاهپ اصل رهي ئي ڪونهي؟
8
اي ددان شهر جا رهاڪؤ! موٽو، ڀڄي وڃي غارن ۾ لڪو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان عيسوءَ جي اولاد کي ناس ڪرڻ وارو آهيان، هائو، اوهان کي سزا ڏيڻ جو وقت اچي پهتو آهي.
9
جڏهن ڪنهن باغ ۾ انگور چونڊيندڙ ايندا آهن، تڏهن هو ڪي ٿورا داڻا ول ۾ ڇڏي ويندا آهن. جڏهن رات جو چور ايندا آهن، تڏهن اهي رڳو پنهنجيون وڻندڙ شيون ئي چورائي کڻي ويندا آهن.
10
پر آءٌ اوهان ادومين کي بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏيندس، آءٌ اوهان کي اوهان جي ڳجھين پناهہگاهن مان بہ ڪڍي ٻاهر ڪندس. اوهين پنهنجي مٽن مائٽن توڙي سڄي نسل سميت ناس ٿي ويندا. اوهان ۾ ڪو اهڙو رهندو ئي ڪين جيڪو ڪنهن ٻئي کي چئي سگھي تہ
11
’آءٌ اوهان جي يتيم ٻارن جي سنڀال لهندس، ۽ اوهان جي رننزالن جي حفاظت ڪندس.‘“
12
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن تہ بيڏوهي قومون بہ سزا کان نہ بچي سگھيون آهن، تہ پوءِ اوهين ڏوهي سزا کان ڪيئن بچندا! اوهين ڪين بچندا، بلڪ اوهان کي ضرور سزا ملندي.
13
آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چوان ٿو تہ ادوم جو گاديءَ وارو شهر بُصراہ برباد ٿيندو ۽ عبرت، ملامت، ويرانيءَ ۽ لعنت جو سبب بڻبو ۽ ان جي آسپاس وارا سڀيئي ڳوٺ هميشہ لاءِ ويران ٿي ويندا.“
14
اي ادوم وارؤ! خداوند مون يرمياہ کي ٻڌايو آهي تہ هن اوهان جي دشمن قومن ڏانهن ايلچي موڪليو آهي تہ اهي جنگ لاءِ اُٿي کڙا ٿين ۽ گڏ ٿي اوهان تي حملو ڪن.
15
هاڻ هو اوهان کي هڪڙي ڪمزور قوم بڻائيندو، ۽ ڪوبہ اوهان جي عزت نہ ڪندو.
16
اوهين مغروريءَ وچان اهو سمجھي پاڻ کي ٺڳيو ٿا تہ ٻين قومن وارا اوهان کان ڊڄن ٿا. هائو، اوهين جيڪي ٽڪرن جي چرن ۾ رهو ٿا، ۽ ٽڪرن جي چوٽين تي قبضا ڪري پاڻ کي محفوظ ٿا سمجھو. پر جيتوڻيڪ اوهين عقاب جيان گھڻو مٿي رهو ٿا، تہ بہ خداوند اوهان کي اتان هيٺ ڪيرائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.
17
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ادوم ملڪ کي اجاڙي ڇڏيندس. مٿس اهڙي مصيبت آڻيندس جو اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.
18
جهڙيءَ طرح سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آسپاس وارن شهرن کي تباهہ ڪيو ويو هو تهڙيءَ طرح ئي ادوم سان بہ ٿيندو ۽ منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.
19
جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان ٻاهر نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي ادومين کي اک ڇنڀ ۾ سندن ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو بيهي سگھي ٿو؟“
20
تنهنڪري خداوند تيمان شهر ۾ رهڻ وارن بلڪ ادوم ملڪ جي سڀني رهاڪن خلاف جيڪي رٿيو آهي سو ٻڌو. اوهان جا ٻارڙا اوهان مان ائين ڇڪي ڪڍيا ويندا جيئن ڪنهن ڌڻ مان رڍن جا ٻچا گهلي ڪڍبا آهن. يقيناً ائين ئي ٿيندو، جنهن کي ڏسي اوهان مان هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي.
21
ادوم جي تباهيءَ جو شور ٻڌي سڄي ڌرتي ڏڪي ويندي. اتي جي رهاڪن جي رڙين جو آواز ڳاڙهي سمنڊ تائين ٻڌو ويندو.
22
ڏسو، دشمن لشڪر عقاب وانگر اڏامندو ۽ بُصراہ مٿان پنهنجا پر پکيڙيندو. انهيءَ ڏينهن ادوم جي بهادر مردن جي دل ۾ اهڙي تہ دهشت هوندي، جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي.
23
دمشق بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”حمات ۽ ارفاد شهرن جا رهاڪو فڪرمند ٿيندا، اهي پريشان ٿي ويندا، ۽ سندن دلين ۾ بيقرار سمنڊ وانگر هلچل مچي ويندي، ڇاڪاڻ تہ اهي هيءَ بري خبر ٻڌندا تہ
24
’دمشق وارا هيڻا ٿي پيا آهن، ۽ دشمن لشڪر اڳيان ڀڄي نڪتا آهن. خوف وچان کين ڏڪڻيءَ اچي ورايو آهي. سو کين اهڙي تڪليف ۽ درد اچي سوگھو ڪيو آهي، جيئن ڪا عورت ويم جي سورن ۾ هجي.‘
25
هائو، اهو مشهور شهر، جنهن تي آءٌ خداوند راضي رهندو هئس، سو هاڻي ويران ٿيڻ وارو آهي.
26
انهيءَ ڏينهن ان جا نوجوان ماري گھٽين ۾ ڍير ڪيا ويندا، ۽ ان جا سڀ جنگي جوڌا قتل ڪيا ويندا.
27
آءٌ دمشق جي ڪوٽ ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جيڪا بادشاهہ بنهدد جي محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“
28
خداوند جو هي پيغام قيدار قبيلي وارن ۽ حصور علائقي جي سردارن بابت آهي، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شڪست ڏني. خداوند نبوڪدنضر کي فرمايو هو تہ ”اُٿ، تون قيدار قبيلي تي چڙهائي ڪر، هائو، اوڀر جي انهن ماڻهن کي ناس ڪر.
29
انهن جا تنبو ۽ انهن جا ڌڻ لٽي ڦري وٺ، سندن سڀني تنبن جا پردا، سڀ اٺ ۽ سندن سمورو سامان پنهنجي لاءِ کڻ. تون اعلان ڪرائي کين ڊيڄار تہ ’هر طرف خطرو ئي خطرو آهي.‘
30
اي حصور وارؤ! آءٌ خداوند اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ ڀڄو، جلدي ڀڄي وڃو! وڃي ڳجھين جاين ۾ لڪو. انهيءَ سبب جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر اوهان جي خلاف هڪڙو منصوبو ٺاهي پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنو آهي تہ
31
’اُٿو تہ هن قوم تي چڙهائي ڪريون، جيڪا بيفڪريءَ ۽ اطمينان سان ٿي رهي. اها هڪ اهڙي قوم آهي، جنهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن ۽ نہ در دروازا، نہ ئي وري ڪا ٻي قوم سندن حمايتي آهي.
32
انهن جا اٺ اسان لاءِ لٽ جو مال ٿيندا، ۽ سندن وڏا وڏا ڌڻ اسان لاءِ مالِغنيمت ٿيندا.‘“ خداوند فرمائي ٿو تہ ”حصور وارا، جيڪي پنهنجيون لوندڙيون ڪوڙائي ٻچي ڏاڙهي رکن ٿا، تن کي آءٌ هوا وانگر ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس. انهن تي آءٌ هر طرف کان مصيبت آڻيندس.
33
حصور گدڙن جي جوءِ بڻبو ۽ هميشہ لاءِ هڪ ويران جڳهہ بڻبو. ڪوبہ انسان اتي نہ رهندو، هائو، ڪوبہ بني بشر اتي ڏسڻ ۾ نہ ايندو.“
34
يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي شروعات ۾ عيلام ملڪ بابت مون يرمياہ تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ
35
”آءٌ قادرِمطلق خداوند چوان ٿو تہ جيئن تہ عيلام ملڪ جي مکيہ طاقت تيرڪمان آهي، سو آءٌ سندن اها طاقت ٽوڙي ڇڏيندس.
36
آءٌ عيلام ملڪ تي چئني طرفن کان جنگ جون هوائون گھلائيندس ۽ ان جي رهاڪن کي دنيا جي چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪرائي ڇڏيندس. دنيا ۾ ڪابہ اهڙي قوم نہ هوندي، جنهن ۾ عيلام جا جلاوطن ٿيل ماڻهو نہ پهچندا.
37
آءٌ عيلام وارن تي سندن جاني دشمنن ۽ مخالفن جي روبرو خوف نازل ڪندس. آءٌ پنهنجي شديد غضب وچان مٿن مصيبت آڻيندس. آءٌ سندن پٺيان جنگ لڳائي ڇڏيندس، جيستائين کين فنا نہ ڪري ڇڏيان.
38
آءٌ خداوند عيلام ملڪ جي بادشاهن ۽ سندن عملدارن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس ۽ اتي پنهنجي بادشاهي قائم ڪندس.
39
تنهن هوندي بہ آءٌ ايندڙ ڏينهن ۾ عيلام وارن جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
← Chapter 48
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 50 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52