bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 10
Job 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 11 →
1
”آءٌ پنهنجي حياتيءَ کان بيزار آهيان، تنهنڪري آءٌ پنهنجي شڪايت ڪندو رهندس. آءٌ پنهنجي دل جي ڏک وچان چوان ٿو تہ
2
’اي خدا! مون کي ڏوهاري قرار نہ ڏي، مون کي ٻڌاءِ تہ ڪهڙي سبب تون مون سان وڙهين ٿو؟
3
ڇا تو کي انهيءَ مان ڪو فائدو ٿو ملي، جو مون سان ظلم ڪرين، پنهنجي ئي خلقيل کي ڌڪارين، ۽ بدڪار ماڻهن جي منصوبن کي ڪامياب ڪرين؟
4
ڇا تنهنجيون اکيون ڪي ماس جون آهن؟ ڇا تون ڪو ماڻهن جيان ٿو سوچين؟
5
ڀلا تنهنجا ڏينهن ڪي انسانن جي ڏينهن وانگر مقرر آهن ڇا؟ تنهنجا سال ڪي انسانن جي سالن وانگر ختم ٿيندڙ آهن ڇا؟
6
جيڪڏهن ائين ناهي تہ پوءِ ڇو تون مون ۾ ڏوهہ ٿو ڳولين؟ ڇو منهنجي گناهن بابت کوجنا ٿو ڪرين؟
7
جيتوڻيڪ تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ قصوروار نہ آهيان، ۽ اهو بہ تہ تنهنجي هٿان مون کي ڪوبہ ڇڏائي نہ ٿو سگھي؟
8
تنهنجي ئي هٿن تہ مون کي جوڙي ٺاهي مڪمل ڪيو آهي، ڇا انهيءَ لاءِ تہ انهن ساڳين ئي هٿن سان مون کي چيڀاٽيندو رهين؟
9
اي خدا! ياد ڪر تو ئي تہ مون کي چيڪي مٽيءَ مان بڻايو هو، ڇا انهيءَ لاءِ تہ مون کي وري خاڪ ۾ ليٿڙائيندو رهين؟
10
تو پاڻيءَ جي ڦڙي جي صورت ۾ مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ اوتيو، ۽ اتي منهنجي بدن جي بناوت شروع ڪئي.
11
تو منهنجي بدن کي هڏين ۽ نسن سان جڙي، انهن کي ماس ۽ کل سان ڍڪي ڇڏيو.
12
تو مون کي حياتي بخشي ۽ مون تي ٻاجھہ ڪئي. تنهنجي پروردگاريءَ منهنجي جان جي حفاظت پئي ڪئي.
13
پر هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي خلقڻ ۾ تنهنجو ڪهڙو ارادو لڪل هو. هائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تنهنجو منصوبو هي هو تہ
14
تون نظر رکيو اچين تہ آءٌ ڪڏهن ٿو گناهہ ڪريان، تانتہ منهنجو ڏوهہ پڪڙي مون کي معاف نہ ڪرين.
15
پوءِ جيڪڏهن آءٌ قصوروار نڪران تہ مون تي مصيبت نازل ڪرين، پر جي آءٌ سچو نڪران، تہ بہ مون کي پنهنجو منهن مٿي کڻڻ جهڙو نہ ڇڏين. سو هينئر منهنجو حال اهو ئي آهي، جو آءٌ شرمندگيءَ ۾ ٻڏل آهيان ۽ مصيبتون پيو سهان.
16
هاڻي جي آءٌ پنهنجو ڪنڌ مٿي ٿو کڻان، تہ تون ببر شينهن وانگر منهنجي پٺيان ڪاهي پوندين، ۽ وري وري مون کي پنهنجي عجيب ڪمن جي وسيلي ڏک ڏيندين.
17
تون منهنجي خلاف نوان نوان شاهد پيدا ڪندين، ۽ مون تي پنهنجو قهر وڌائيندين. تون نيون مصيبتون مون تي ائين موڪليندين، جيئن ڪي تازيون فوجون جنگ لاءِ تيار هجن.
18
تو مون کي ماءُ جي پيٽ مان ڪڍيو ئي ڇو؟ ان کان اڳ جو ڪا اک مون کي ڏسي ها، جيڪر آءٌ مري وڃان ها.
19
آءٌ جيڪر ڄمان ئي نہ ها، آءٌ جيڪر ماءُ جي پيٽ مان ئي سڌو قبر ڏانهن کڄي وڃان ها.
20
منهنجا ڏينهن تہ هاڻي ٿورڙا وڃي بچيا آهن. سو هاڻي بس ڪر ۽ مون کي ڇڏي ڏي تہ ٿورو آرام ڪريان،
21
هائو، انهيءَ کان اڳ جو آءٌ اوڏانهن هليو وڃان، جتان وري نہ موٽندس، يعني اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي واري ملڪ ۾.
22
اهو ملڪ اونداهي بلڪ گھاٽي اونداهي آهي، جنهن ۾ ڪا ترتيب ناهي، ۽ جنهن جو سوجھرو بہ گھُگھُہ اونداهي آهي.‘“
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42