bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 13
Job 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 14 →
1
”ڏسو، منهنجي اکين هي سڀ ڪجھہ ڏٺو آهي، منهنجي ڪنن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو آهي، ۽ آءٌ اهو سڀ سمجھان بہ ٿو.
2
جيڪي ڪجھہ اوهين ڄاڻو ٿا، تنهن جيترو آءٌ بہ ٿو ڄاڻان، آءٌ اوهان کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ ڪين آهيان.
3
سو هاڻي آءٌ اوهان سان نہ، بلڪ قادرِمطلق سان ڳالهائيندس، آءٌ پنهنجو مقدمو خدا وٽ پيش ڪرڻ ٿو چاهيان.
4
اوهين منهنجو معاملو نہ سمجھندي رڳو ڪوڙيون ڳالهيون ويٺا ٺاهيو، اوهين سڀ جو سڀ نڪمن حڪيمن جيان آهيو، جو بيماري ئي نہ ٿا سمجھو.
5
ڪاش! اوهين بلڪل خاموش رهو ها، تہ اها اوهان جي ڏاهپ ليکجي ها.
6
هاڻي اوهين ماٺ ڪري ويهي منهنجا دليل ٻڌو، هائو، جيڪا دعويٰ آءٌ خدا وٽ پيش ڪرڻ وارو آهيان، تنهن ڏانهن ڌيان ڏيو.
7
يا وري ڇا خدا جي حمايت ۾ اوهين اڃا بہ ڪوڙ ڳالهائيندا؟ ڇا اوهين ماڻهن سان ائين ٺڳي ڪري خدا کي ڪو فائدو رسائيندا؟
8
اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو خدا جي طرفداريءَ جي ڪوشش پيا ڪريو؟ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو عدالت ۾ هن جو مقدمو اوهين وڙهو؟
9
ياد رکو، متان هو ڦري اوهان جي حقيقت جاچي، ۽ پوءِ اوهان لاءِ اهو چڱو نہ ٿئي، ڇو تہ اوهين انسان سان تہ ٺڳي ڪري سگھو ٿا، پر خدا سان ٺڳي ڪري نہ سگھندا.
10
بلڪ جيڪڏهن اوهين ڳجھيءَ طرح بہ سندس طرفداري ڪندا، تڏهن بہ هو ضرور اوهان کي ڇينڀيندو.
11
پوءِ ڇا هن جو دٻدٻو اوهان کي ڊيڄاري نہ وجھندو؟ ڇا هن جو رعب اوهان تي ڪين ويهجي ويندو؟
12
انهيءَ وقت اوهان جا پهاڪا اهڙا بيڪار ثابت ٿيندا جهڙي رک، هائو، اوهان جا دليل اهڙا ڪمزور ثابت ٿيندا جهڙي مٽي.“
13
”سو اوهين ماٺ ڪري ويهو، مون کي ڇڏي ڏيو تہ آءٌ ڳالهايان، پوءِ جيڪي بہ مون سان ٿيڻو هوندو سو ڀل ٿئي.
14
آءٌ پنهنجي زندگي خطري ۾ ٿو وجھان، هائو، آءٌ پنهنجو سر تريءَ تي ٿو رکان.
15
توڙي جو هو مون کي کڻي ڪهي بہ ڇڏي، خير آهي، هاڻي مون وٽ بچيو ئي ڇا آهي جو آءٌ ڊڄان، سو آءٌ هن جي اڳيان پنهنجي واٽن جو بچاءُ ضرور ڪندس.
16
شايد منهنجي اها جرئت منهنجي ڇٽڻ جو سبب بڻجي پوي، ڇاڪاڻ تہ ڪو بدڪار ماڻهو تہ هن جي اڳيان بيهڻ جي همت ئي نہ ٿو ڪري سگھي.
17
سو هاڻي منهنجي ڳالهہ ڪن ڏيئي ٻڌو، هائو، منهنجو بيان پوري ڌيان سان ٻڌو.
18
ڏسو، مون پنهنجي مقدمي جي چڱيءَ طرح تياري ڪئي آهي، مون کي يقين آهي تہ آءٌ بلڪل حق تي آهيان.
19
ڪير آهي جيڪو منهنجي مقدمي جي مخالفت ڪري سگھي؟ جيڪڏهن آءٌ غلط آهيان، تہ پوءِ ماٺ رهڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار آهيان.“
20
”اي خدا! رڳو ٻہ ڳالهيون منهنجيون قبول ڪر، تہ پوءِ آءٌ تو آڏو بيهي سگھندس.
21
پهرين اها تہ مون کي وڌيڪ سزا نہ ڏي، ۽ ٻي اها تہ پنهنجي هيبت کان مون کي نہ ڊيڄارج.
22
پوءِ پهريائين تون ڳالهاءِ، آءٌ تو کي ورندي ڏيندس، يا ڇڏ تہ پهريائين آءٌ ڳالهايان، پوءِ تون مون کي ورندي ڏي.
23
تون ٻڌاءِ تہ مون ڪهڙا گناهہ ڪيا آهن؟ مون کان ڪهڙا قصور ٿيا آهن؟ مون کي بہ تہ خبر پوي تہ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ۽ گناهہ ڪيو آهي.
24
تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟ ڇو تون مون کي پنهنجو دشمن ٿو سمجھين؟
25
آءٌ، جيڪو وڻ مان ڪريل رڳو هڪ پن مثل آهيان، تنهن کي ستائيندين ڇا؟ آءٌ، جيڪو بُهہ جي رڳو هڪ ڪک مثل آهيان، تنهن جي پٺيان پوندين ڇا؟
26
واہ جو انصاف ٿو ڪرين، منهنجي نوجوانيءَ جا قصور مون تي موٽائي ٿو آڻين، ۽ انهن جي ڪري منهنجي نصيب ۾ سخت ڳالهيون ٿو لکين!
27
تون منهنجيون ٽنگون بہ ڪاٺ ۾ ٿو وجھين، ۽ منهنجي بچاءَ جا سڀ رستا بہ بند ٿو ڪري ڇڏين، ايتري قدر جو منهنجا پير لِيڪي ٿو ڇڏين.
28
اهو ئي سبب آهي جو آءٌ انهيءَ سڙيل ڳريل شيءِ وانگر اچي ٿيو آهيان، جيڪا فنا ٿيو وڃي. هائو، آءٌ انهيءَ ڪپڙي وانگر آهيان، جنهن کي تڏ کائي ويئي هجي.“
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42