bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 21
Job 21
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 22 →
1
تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ
2
”گھٽ ۾ گھٽ منهنجي ڳالهہ تہ ڌيان ڏيئي ٻڌو، ائين شايد اوهان جي طرفان مون کي ڪا تسلي ٿئي.
3
مون کي ڇڏيو تہ آءٌ بہ ڪجھہ ڳالهايان، جڏهن آءٌ ڳالهائي بس ڪريان، پوءِ ڀلي پيا ٺٺوليون ڪجو.
4
مون کي ڪنهن فاني انسان سان شڪايت ڪانهي، خدا سان ئي شڪايت اٿم، جنهن سان آءٌ بيصبرو ٿي پيو آهيان.
5
اوهين منهنجي ههڙي حال تي غور ڇو نہ ٿا ڪريو؟ ڏسو تہ ڪيئن نہ اوهان کي عجب ٿو لڳي! ۽ ڪيئن نہ اوهان کي ڏندين آڱريون اچي ٿيون وڃن.
6
جڏهن آءٌ پنهنجي حال تي ويچار ٿو ڪريان، تڏهن پريشان ٿي وڃان ٿو، ۽ خوف وچان منهنجي بدن کي ڏڪڻي وٺيو ٿي وڃي.
7
ان جي ابتڙ جيڪي شرير ماڻهو آهن، سي جيئندا رهن ٿا ۽ وڏي عمر ٿا ماڻين. ڇو هو ڏينهون ڏينهن زور وٺندا ٿا وڃن؟
8
هنن جو نسل سندن ڏسندي ڏسندي ساڻن گڏ وڌندو ويجھندو ٿو وڃي، سندن اولاد سندن اکين اڳيان شاد آباد ٿيندو ٿو وڃي.
9
هنن جا گھر خوف کان محفوظ آهن، ۽ کين سزا ڏيڻ لاءِ خدا پنهنجي لٺ مٿن نہ ٿو کڻي.
10
سندن ڏاند لڳ ڪندي ڪندي ڪين ٿو گُسي، سندن ڳئون ڦر ڏئي ٿي ۽ ڪڏهن ڪين ٿي ٽُڀي.
11
هنن جا ٻارڙا سدائين خوشيءَ مان ٻاهر نڪرن ٿا، ۽ نچن ڪڏن ٿا، ائين جيئن گھيٽا ٿا نچن ۽ ڪڏن.
12
اهي ٻارڙا دڦ ۽ دنبوري تي گيت ڳائين ٿا ۽ شرناءِ جي آواز تي خوشيون ٿا ڪن.
13
شرير پنهنجي حياتي سکي ستابي ٿا گذارين، ۽ ڪنهن تڪليف کان سواءِ ئي مريو وڃي قبر داخل ٿا ٿين.
14
تنهن هوندي بہ اهي بدڪار خدا کي هيئن ٿا چون تہ ’اسان کي ڇڏي ڏي، ڇو تہ اسين تنهنجي واٽن جا طالبو ناهيون.‘
15
هو ائين بہ چون ٿا تہ ’قادرِمطلق ڪير آهي جو اسين سندس عبادت ڪريون؟ ڀلا جي اسين انهيءَ کان دعا گھرون تہ اسان کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟‘
16
اهي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو پنهنجي طاقت جي ذريعي ڪاميابيون ٿا ماڻين. سو آءٌ انهن کان ۽ انهن جي غلط خيالن کان پاڻ کي پري ٿو رکان.“
17
”ڀلا، انهن بدڪارن جي زندگيءَ جو ڏيئو ڪڏهن اُجھاميو آهي؟ ڇا انهن مان ڪنهن تي ڪا آفت بہ نازل ٿئي ٿي؟ ڇا خدا پنهنجي ڪاوڙ ۾ مٿن ڏکن مٿان ڏک موڪلي ٿو؟
18
ڀلا، انهن بدڪارن کي ڪڏهن ائين اڏائي ختم ڪيو ويو آهي، جيئن ڪک ڪاني کي هوا اڏايو ڇڏي؟ هائو، ڇا انهن کي انهيءَ بُهہ وانگر اڏائي ختم ڪيو ويو آهي، جنهن کي طوفان اڏائي ٿو ڇڏي؟
19
ان جي جواب ۾ اوهين چئو ٿا تہ ’خدا انهن بدڪارن جي گناهن جي سزا سندن اولاد کي ٿو ڏئي.‘ نہ، ائين نہ ٿيڻ گھرجي، بلڪ خدا سندن گناهن جي سزا کين پاڻ کي ئي ڏئي تہ خبر پوين.
20
ڀلي تہ هو پنهنجي سزا پاڻ ڀوڳين، ڀلي تہ اهي قادرِمطلق جي غضب جو مزو پاڻ چکن.
21
پنهنجي مرڻ کان پوءِ کين ڪهڙي پرواهہ ٿي رهي تہ سندن ٻارن ٻچن سان ڇا ٿو وهي واپري؟
22
پر مون جهڙي ادنيٰ انسان کي ڪهڙي طاقت آهي، جو خدا کي اهو سيکاري سگھان؟ جڏهن تہ خدا انهن جي بہ عدالت ڪري ٿو جيڪي اعليٰ آهن.
23
هن دنيا ۾ ڪي ماڻهو تہ مرڻ جي وقت تائين بہ طاقتور رهن ٿا، ۽ پوري سڪون ۽ آرام سان مري وڃن ٿا.
24
سندن بدن پوريءَ طرح صحتمند ۽ هڏا مضبوط رهن ٿا.
25
پر ڪي تہ وري ڪابہ خوشي نہ ٿا ڏسن، ۽ تلخ زندگي گذاريندي مري ٿا وڃن.
26
جڏهن تہ مرڻ کان پوءِ اهي سڀ ساڳي مٽيءَ ۾ دفن ٿين ٿا، ۽ ڪينئان سڀني کي ڍڪي ٿا ڇڏين.
27
بيشڪ مون بابت اوهان جي برن خيالن کي آءٌ ڄاڻان ٿو، ڇو تہ اوهين مون کي گنهگار قرار ڏيئي ناانصافي ڪريو ٿا،
28
جڏهن اوهين چئو ٿا تہ ’ڪيڏانهن ويو شرير جو گھر؟ ۽ ڪٿي آهي اهو معتبر ماڻهو؟‘
29
سير سفر ڪرڻ وارن مان اوهين ڪنهن کان بہ پڇو، اوهين انهن جي شاهدين تي غور ڇو نہ ٿا ڪريو؟
30
جن مان معلوم ٿو ٿئي تہ جڏهن خدا ڪاوڙبو آهي ۽ ماڻهن کي سزا ڏيندو آهي، تڏهن بدڪار ماڻهن کي ڪجھہ نہ ٿيندو آهي.
31
ڪوبہ نہ آهي جيڪو بدڪار ماڻهن کي ملامت ڪري، يا کين سندن ڪيل ڪمن جي سزا ڏئي.
32
اٽلندو انهن کي قبر ۾ لاهڻ کان پوءِ بہ سندن مقبرن تي پهرو بيهاري کين عزت ڏني ٿي وڃي.
33
سندن جنازي ۾ بيشمار ماڻهو پويان هلن ٿا، ۽ انهن جي قبر جي مٽيءَ کي بہ نرم ڪيو وڃي ٿو.
34
تنهنڪري اوهين ڇو مون کي اجايو تسلي ٿا ڏيو؟ جڏهن تہ اوهان جي ڏنل جوابن ۾ رڳو ڪوڙ ئي ڪوڙ آهي.“
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42