bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 5
Job 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 6 →
1
اليفز ايوب کي وڌيڪ چيو تہ ”اي ايوب! هاڻ ڀلي تون پڪاري ڏس، ڪنهن کي پڪاريندين؟ آهي ڪا ٻي اهڙي هستي جيڪا اچي تنهنجي مدد ڪري؟
2
خبردار، چڙ بيعقل ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي، هائو، خدا سان ناراضگي نادان ماڻهوءَ کي ڪُهي ڇڏي ٿي.
3
بيعقل ماڻهوءَ کي مون پاڙ هڻندي تہ ڏٺو آهي، پر اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ هو لعنتي آهي، سو اوچتو ئي اوچتو سندس گھر تي اچي لعنت پوي ٿي.
4
هن جا ٻار ٻچا سلامتيءَ کان پري آهن، کين عدالت جي دروازي تي ئي چيڀاٽيو وڃي ٿو، ۽ ڪوبہ کين ڇڏائڻ وارو ڪونهي.
5
بيعقل ماڻهوءَ جو فصل بکايل کايو ڇڏين، بلڪ ڪنڊن جي لوڙهي مان بہ فصل جا داڻا ڪڍي کايو ٿا وڃنس. لوڀي ماڻهو سندس مال ملڪيت کي ڳڙڪائي وڃن ٿا.
6
مطلب تہ مصيبت مٽيءَ مان ڦٽي ڪين ٿي نڪري، نڪي تڪليف زمين مان ٿي اڀري.
7
پر جهڙيءَ طرح باهہ جون چڻنگون آسمان ڏانهن ئي اڏامنديون آهن، تهڙيءَ طرح انسان بہ پنهنجي لاءِ پاڻ ئي تڪليف پيدا ڪري ٿو.“
8
”پر اي ايوب! جي آءٌ تنهنجي جاءِ تي هجان ها، تہ آءٌ خدا جي مدد جو طالبو هجان ها، هائو، آءٌ پنهنجو معاملو خدا جي حوالي ڪري ڇڏيان ها.
9
بيشڪ خدا اهڙا تہ وڏا وڏا ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن، هائو، سندس عجيب ڪمن کي شمار ئي نہ ٿو ڪري سگھجي.
10
هو زمين تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٻنين کي ريج ڏئي ٿو.
11
هو پستيءَ ۾ ڪري پيلن کي بلنديءَ تي پهچائي ٿو، ۽ غمگينن کي خوشحاليءَ سان سرفراز ڪري ٿو.
12
هو دوکيبازن جون رٿون برباد ڪري ڇڏي ٿو، تان جو سندن رٿيل منصوبا بلڪل ناڪام ٿي وڃن ٿا.
13
هو ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي، هائو، هو اهڙن ماڻهن جي ٺڳين کي ابتو ڪري ڇڏي ٿو.
14
خدا سندن يقيني ڪاميابيءَ کي بہ ناڪاميءَ ۾ بدلائي ڇڏي ٿو، ائين هو اهڙا بيوس ٿي وڃن ٿا، جو ڄڻ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندا رهجي وڃن ٿا.
15
مگر محتاجن کي خدا انهن ماڻهن جي زبان جي تلوار کان، ۽ زورآورن جي چنبي کان بچائي وٺي ٿو.
16
سو غريب کي اميد رهي ٿي، ۽ بيانصافي پنهنجي زبان بند ڪري ڇڏي ٿي.“
17
”ياد رک، اهو ماڻهو سڀاڳو آهي، جنهن کي خدا تنبيهہ ڪري ٿو. تنهنڪري تون قادرِمطلق خدا جي سيکت کي نہ ڌڪار.
18
هو زخمي ڪري ٿو تہ پٽي بہ اهو ئي ٻڌي ٿو. هو ڦٽي ٿو تہ ڇٽائي چڱو ڀلو بہ هو ئي ڪري ٿو.
19
هو تو کي بار بار مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ڪا ئي خرابي تو کي نقصان نہ رسائيندي.
20
ڏڪار ۾ هو تو کي موت کان بچائيندو، ۽ جنگ ۾ پڻ تلوار جي ڌار کان بچائيندو.
21
تون مخالفن جي زبان کان محفوظ رهندين، ۽ جڏهن ڪا مصيبت ايندي تڏهن تو کي ڪو ڊپ نہ ٿيندو.
22
تباهي ۽ ڏڪار بہ تو آڏو خسيس شيون هونديون. جھنگلي جانورن کان تون بلڪل نہ ڊڄندين،
23
ڇاڪاڻ تہ اهي تو تي ڪو حملو ڪين ڪندا. جيڪا ٻني تون کيڙيندين سا پٿرن کان صاف هوندي.
24
پوءِ تون ڄاڻي وٺندين تہ تنهنجو گھر سلامتيءَ ۾ آهي، پنهنجي واڙي ۾ اچي ڏسندين تہ ڪوبہ جانور گم نہ هوندو.
25
تون اهو بہ ڄاڻي وٺندين تہ تنهنجو اولاد وڌندو، هائو، تنهنجو نسل زمين جي گاهہ کان بہ گھڻو وڌندو ويندو.
26
تون وڏي عمر ماڻي پوءِ وڃي قبر ۾ پوندين، هائو، ائين ئي جيئن ان جا گڏا پنهنجي پوري وقت تي گڏ ڪبا آهن.
27
ڏس، اسان اهو سڀ جاچي ڏٺو آهي، ۽ بيشڪ اهو سڀ سچ آهي، تنهنڪري تون انهن تي ڌيان ڏي، ۽ انهن مان پنهنجو فائدو حاصل ڪر.“
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42