bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 3
Job 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 4 →
1
تنهن کان پوءِ ايوب پنهنجي زبان کولي ۽ پنهنجي ڄمڻ جي ڏينهن کي پٽڻ لڳو.
2
هو چوڻ لڳو تہ
3
”جنهن ڏينهن تي آءٌ ڄائو هئس، شال انهيءَ ڏينهن کي باهہ لڳي. شال انهيءَ رات کي پڻ باهہ لڳي، جنهن رات آءٌ پيٽ پيو هئس.
4
شال منهنجي ڄمڻ وارو ڏينهن اونداهو بڻجي وڃي، شال خدا انهيءَ جو ڪو لحاظ نہ ڪري، شال انهيءَ جي مٿان ڪا روشني نہ چمڪي.
5
شال اوندهہ ۽ موت جو پاڇو اچي انهيءَ ڏينهن تي قبضو ڪري، شال مٿس اونداهيءَ وارو ڪڪر ڇانيل رهي. شال انهيءَ ڏينهن کي هيبتناڪ شيون اچي ڊيڄارين، هائو، اهي جيڪي ڏينهن کي اونداهو ٿيون ڪري ڇڏين.
6
شال منهنجي پيٽ پوڻ واري رات کي اچي گھُگھُہ اونداهي پڪڙي، شال سال جي راتين مان ئي انهيءَ کي ڪڍيو وڃي، شال مهينن ۾ انهيءَ رات جو شمار ئي نہ ڪيو وڃي.
7
شال انهيءَ رات ۾ ڪو ئي بہ ٻار نہ ڄمي، هائو، شال انهيءَ رات ۾ ڪو خوشيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ نہ اچي.
8
جيڪي لعنتي ڪري ڇڏڻ جي طاقت ٿا رکن، شل اهي انهيءَ رات کي لعنتي ڪري ڇڏين، يعني اهي ئي جادوگر، جيڪي ازدها بلا کي بہ پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿا سگھن.
9
شال انهيءَ رات جي صبح جا تارا بلڪل ڪارا ٿي وڃن، اها روشنيءَ جي راهہ تڪيندي رهي پر شل کيس اها نہ ملي، هائو، اها رات شل صبح جا ڪرڻا ئي نہ ڏسي.
10
انهيءَ رات تي لعنتون اچن، جو منهنجي ماءُ کي سنڍ نہ ڪيائين، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ هجان ئي نہ ها تہ هي سور بہ نہ ڏسان ها!“
11
”ڪاش! آءٌ پنهنجي ماءُ جي پيٽ اندر ئي مري وڃان ها، يا وري پيٽ منجھان نڪرندي ئي ڇو نہ مون کي موت آيو.
12
پر وري منهنجيءَ ماءُ ڇو مون کي پنهنجي هنج ۾ ويهاريو؟ هن ڇو مون کي پنهنجو ٿڃ پيئاريو؟
13
نہ تہ جيڪر هن وقت آءٌ قبر اندر پيو هجان ها! هائو، آءٌ ستل هجان ها ۽ آرام پيو ڪريان ها.
14
هائو، آءٌ ڌرتيءَ جي انهن بادشاهن ۽ وزيرن وانگر پيو هجان ها! جن پنهنجي لاءِ مقبرا اڏي ڇڏيا هئا.
15
هائو، آءٌ انهن اميرن وانگر ستل هجان ها! جن جا گھر چانديءَ ۽ سون سان ڀريل هئا.
16
يا وري ڪچن مهينن جي ڪريل ٻار جيان لڪائي دفنايو وڃان ها! هائو، انهيءَ ٻار وانگر جيڪو ڪڏهين روشني ڪين ڏسي ٿو.
17
آءٌ اتي قبر ۾ هجان ها جتي بڇڙا بہ نہ ٿا ايذائجن. اتي ٿڪل ٽٽل پورهيت بہ آرام وٺندا رهن ٿا.
18
اتي تہ قيدي بہ گڏجي فرحت ۾ ٿا گذارين، ۽ ڪم وٺندڙ جي مقدم جو آواز بہ ڪين ٿا ٻڌن.
19
اتي ننڍا توڙي وڏا سڀيئي برابر آهن، اتي نہ ڪو غلام آهي ۽ نہ وري ڪو مالڪ.
20
جيڪي مصيبت ۾ آهن تن کان حياتي ڇو نہ ٿي کسي وڃي؟ جيڪي زندگيءَ کان بيزار آهن تن کي اها ڇو ٿي ڏني وڃي؟
21
اهي موت جي راهہ ڏسن ٿا پر کين موت نہ ٿو اچي. اهي لڪل خزاني جي ڳولا کان بہ وڌيڪ موت جي ڳولا ڪن ٿا.
22
اهي تڏهن ئي شادمان ۽ خوش ٿين ٿا، جڏهن مري وڃي قبر ۾ پون ٿا.
23
جن جي حياتيءَ جو مقصد ئي ختم ڪيو ويو آهي، تن کي حياتي ڇو ٿي ڏني وڃي؟ هائو، جن کي خدا چوڌاري لوڙها ڏيئي بند ڪري رکيو آهي.
24
آهون ۽ دانهون منهنجو کاڌو بڻيون آهن، روڄ ۽ راڙو منهنجي واتان پاڻيءَ وانگر وهندو ٿو رهي.
25
جنهن ڳالهہ کان آءٌ ڊڄان ٿو، سا ئي منهنجي مٿان اچيو پوي، هائو، جنهن ڳالهہ کان مون کي دهشت وٺيو وڃي، سا ئي مون سان ٿيو پوي.
26
مون کي نہ ڪا تسلي ٿي ملي ۽ نہ ڪو آرام ٿو مليم، منهنجي دل مان سڪون هليو ويو آهي، ڇو تہ مصيبتن جو پهاڙ اچي ٽٽو اٿم.“
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
Recommended Reading
Commentary
Job Commentaries
→
Devotional
Job Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→