bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 18
Job 18
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 19 →
1
تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ
2
”اي ايوب! تون ڪيستائين پيو ڳالهائيندو رهندين؟ سمجھدار ٿيءُ ۽ هاڻي اسان جي ڳالهہ ٻڌ.
3
اسان کي ڍورن وانگر ناسمجھہ ڇو ٿو سمجھين؟ تنهنجي نظر ۾ اسين نادان ڇو آهيون؟
4
تون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ رڳو پاڻ کي ئي ٿو نقصان رسائين، ڀلا تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خدا ڌرتيءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو ڇا؟ يا تنهنجي ڪري هو ٽڪرن کي سندن جاءِ تان هٽائي ڇڏيندو ڇا؟
5
هرگز نہ، اٽلندو هو شريرن جي حياتيءَ جو ڏيئو وسائي ڇڏيندو، اهي ڏيئي جي انهيءَ لاٽ وانگر ٿيندا، جيڪا وري روشن نہ ٿيندي.
6
هو اونداهي گھر وانگر ٿيندا، جنهن جي روشني اجھامي ويئي هوندي، هائو، اهڙي گھر جيان، جنهن ۾ ٻرندڙ فانوس اجھايو ويندو.
7
سندن اعتماد سان هلڻ ختم ٿي ويندو، ۽ سندن پنهنجا ئي ٺاهيل منصوبا کين ڪيرائي وجھندا.
8
سندن پير پاڻ ئي وڃي ڄار ۾ ڦاسندا، هائو، هو ڄار منجھہ ئي ڦاٿل رهندا.
9
ڦندو سندن پيرن کي جڪڙي وٺندو، ۽ کين پڪڙي سوگھو ڪندو.
10
ڦاهي هنن لاءِ زمين تي لڪائي رکي ويئي آهي، ۽ ڪوڙڪي سندن رستي ۾ اڏي ويئي آهي.
11
دهشتناڪ شيون هر پاسي کان کين ڊيڄارينديون، ۽ انبوہ جي صورت ۾ پيڇو ڪري کين ڀڄائينديون.
12
بک سندن زور کي ختم ڪري وجھندي. مصيبت هنن جا پاسا وٺيو هلندي.
13
مرض سندن چمڙيءَ کي ڳهي ويندو، هائو، موتمار بيماري سندن عضوا کائي چٽ ڪري ڇڏيندي.
14
جن گھرن جو هنن کي ڀروسو آهي، تن مان کين اُکيڙيو ويندو. کين موت جي فرشتي آڏو حاضر ڪيو ويندو.
15
سندن گھرن کي باهہ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، هائو، سندن جاين تي گندرفي باهہ وسائي ويندي.
16
هو اهڙي وڻ جيان هوندا، جنهن جون پاڙون هيٺان سڪيو وڃن، ۽ مٿان سندس ٽاريون ڪومائجيو وڃن.
17
دنيا مان هنن جي يادگيري مِٽائي ويندي، سندن ڪو نالو نشان بہ نہ رهندو.
18
کين جيئرن جي روشن دنيا کان مئلن جي انڌيري دنيا ڏانهن هڪاليو ويندو، هائو، هن دنيا مان کين تڙيو ويندو.
19
سندن رهڻ واري جاءِ ۾ ڪوبہ باقي نہ بچندو، هائو، هنن جو اولاد ۽ نسل دنيا ۾ ئي نہ رهندو.
20
اوڀر کان اولهہ تائين جيڪي بہ سندن سزا بابت ٻڌندا، تہ خوف وچان کين دهشت ۽ ڏڪڻي وٺي ويندي.
21
بيشڪ بدڪارن جي سزا اها ئي آهي، هائو، جيڪي خدا جا انڪاري آهن، تن جو اهو ئي مقدر آهي.“
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42