bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 38
Job 38
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 39 →
1
تڏهن خداوند وڏي واچوڙي منجھان ايوب کي ورندي ڏيئي چيو تہ
2
”تون ڪير ٿيندو آهين جو پنهنجي اڻڄاڻائيءَ وارين ڳالهين سان منهنجي ڏاهپ جي ڪمن بابت ايترو ڳالهائين ٿو؟
3
هاڻي مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌ، ۽ تو کان جيڪي پڇان تنهن جو جواب ڏي.
4
جڏهن مون ڌرتيءَ جا بنياد وڌا هئا تڏهن تون ڪٿي هئين؟ جيڪڏهن تون موجود هئين تہ مون کي انهيءَ ڳجھہ بابت ڪجھہ ٻڌاءِ.
5
چڱو ڀلا، جي اٿيئي ڄاڻ تہ ٻڌاءِ تہ ڪنهن انهيءَ جي ماپ ڪئي؟ هائو، ڪنهن انهيءَ تي ڏور ڇڪي؟
6
ڪهڙي شيءِ تي انهيءَ جو بنياد ٻڌي قابو ڪيو ويو، جڏهن صبح جي تارن گڏجي پئي ڳايو؟ ڪنهن انهيءَ جي پيڙهہ جو پٿر رکيو، جڏهن آسماني مخلوق خوشيءَ جا نعرا ٿي هنيا؟
8
ڪنهن سمنڊ کي ٻنجو ڏيئي بند ڪيو، جڏهن اهو اونهاين کان ڌرتيءَ تي اٿلي پيو هو؟
9
اهو آءٌ ئي تہ هئس، جنهن ڪڪرن کي سمنڊ جي پوشاڪ ۽ گھاٽي اونداهيءَ کي انهيءَ جي ويڙهڻ جو ڪپڙو بڻايو.
10
پوءِ مون انهيءَ جي لاءِ حد مقرر ڪئي، ۽ کيس دروازا هڻي منجھن تالا لڳايم.
11
مون انهيءَ کي چئي ڇڏيو تہ ’تون هيستائين ايندين، پر اڳتي نہ وڌندين، ۽ هتي تنهنجي طاقتور ڇولين جو زور ٽٽي پوندو.‘
12
اي ايوب! ڇا تو پنهنجي پوري حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ صبح تي حڪم هلايو آهي تہ ’ٿي پئُہ؟‘ يا سج تي حڪم هلايو اٿيئي تہ ’اڀري اچ؟‘
13
ڇا تو ڪڏهن فجر جي روشنيءَ کي ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين پکيڙيو آهي، جنهن سبب بڇڙا ماڻهو ڀڄي ۽ لڪي ٿا وڃن؟
14
ان وقت جبل ۽ ماٿريون اهڙا تہ چٽا ٿي پون ٿا، جيئن چيڪي مٽيءَ تي مُهر هڻڻ سان اکر اڀريو اچن. هائو، تڏهن جبل ۽ ماٿريون لباس جي گھنجن جيان ظاهر ٿيو پون.
15
اونداهي، جنهن کي بدڪار پنهنجي روشني ٿا چون، سا ڏينهن جي روشنيءَ سبب تن کان دور ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب هو ماڻهن کي وڌيڪ نقصان ڏيئي نہ ٿا سگھن.
16
اي ايوب! ڇا تون سمنڊ جي اونهائيءَ وارن چشمن ۾ ڪڏهن داخل ٿيو آهين؟ ڇا تون گَهري سمنڊ جي تري تي ڪڏهن گھميو آهين؟
17
ڇا ڪنهن تو کي مئلن جي دنيا، يعني پاتال جا اونداها دروازا ڪڏهن ڏيکاريا آهن؟
18
ڇا تو ڌرتيءَ جي ڪشادگيءَ کي سمجھي ورتو آهي؟ جيڪڏهن تون اهي سڀ ڳالهيون ڄاڻين ٿو تہ مون کي ڪجھہ ٻڌاءِ.
19
چڱو ڀلا ٻڌاءِ تہ روشني ڪٿان ٿي اچي؟ ۽ اونداهي ڪٿي ٿي رهي؟
20
ڇا تون انهن جي رهنمائي ڪري ٿو سگھين؟ تہ کين ڪيستائين وڃڻو ۽ ڪٿان موٽڻو آهي؟
21
واہ واہ! پوءِ تہ تون اهو سڀ ڪجھہ ڄاڻين ٿو، ڀلا ڇو نہ ڄاڻين تون تہ تمام وڏي عمر وارو آهين، جو جڏهن مون دنيا ٿي خلقي تڏهن بہ تون هئين.
22
ڀلا، ڇا تون برف جي گدامن ۾ داخل ٿيو آهين؟ يا تو ڳڙن جا گدام ڏٺا آهن؟
23
جيڪي مون مصيبت نازل ڪرڻ لاءِ سانڍي رکي ڇڏيا آهن، هائو، جڏهن ماڻهو لڙايون ۽ جنگيون ڪن ٿا، تنهن وقت سندن مٿان وسائڻ لاءِ مون رکي ڇڏيا آهن.
24
ڇا تو کي وڄ تائين پهچڻ جو رستو معلوم آهي؟ ڇا تو کي انهيءَ جاءِ جي خبر آهي جتان جھولا اچن ٿا؟
25
اهو ڪير آهي، جنهن مينهن وسائڻ لاءِ آسمان مان رستو ٺاهيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن گجگوڙ ۽ وڄ لاءِ رستو مقرر ڪيو آهي؟
26
اهو ڪير آهي جيڪو ويران زمين تي مينهن ٿو وسائي، هائو، انهيءَ بيابان تي جنهن ۾ ڪوبہ انسان ڪونہ ٿو رهي؟
27
اهو ڪير آهي جيڪو ويران ۽ سڃي زمين کي ريج ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ مان سرسبز گاهہ ٿو ڦٽائي؟
28
ڀلا تو کي خبر آهي تہ مينهن جو ڪو پيءُ آهي؟ يا وري ماڪ جي ڦڙن کي ڪنهن ڄڻيو آهي؟
29
ڀلا تو کي معلوم آهي تہ برف ڪنهن جي پيٽان ڄائي آهي، جنهن جي ڪري پاڻي پٿر وانگر ڄمي وڃي ٿو؟ ڇا تو کي خبر آهي تہ آسمان جي پاري جو ڪو پيءُ آهي، جنهن جي ڪري سمنڊ جو مٿاڇرو ڄمي وڃي ٿو؟
31
ڇا تون ڪَتيءَ جي ڇڳي کي ٻَڌي سگھين ٿو؟ يا ٽيڙوءَ جا بند کولي سگھين ٿو؟
32
ڇا تون زهرہ کي سندس وقت تي ڪڍي سگھين ٿو؟ يا کٽ ۽ ان جي پٺيان هلندڙ ستارن کي گھمائي سگھين ٿو؟
33
ڇا تون انهن لاءِ آسمانن جي قانون کان واقف آهين؟ يا انهن جو اختيار ڪو تون زمين تي قائم ڪري سگھين ٿو؟
34
ڇا تون پنهنجو آواز ڪڪرن تائين پهچائي سگھين ٿو، تانتہ تنهنجي حڪم تي هو وسڻ لڳي ۽ تو کي پسائي ڇڏي؟
35
ڇا تون وڄ کي ائين چئي روانو ڪري سگھين ٿو تہ ’وڃي نشاني تي لڳ؟‘ ڇا اها موٽي اچي تو کي چوندي تہ ’اِجھو، آءٌ حاضر آهيان؟‘
36
انسان جي باطن منجھہ ڏاهپ ڪنهن رکي آهي؟ ۽ سندس دل کي سمجھہ ڪنهن عطا ڪئي آهي؟
37
ڪير پنهنجي عقل جي زور تي ڪڪرن جو شمار ڪري سگھي ٿو؟ ڪير آسماني ساندارن کي اٽلائي ٿو سگھي؟
38
تڏهن مينهن پوڻ سان مٽي بدلجي ڳوڙها ٿي پوي ٿي، ۽ ڀتر پاڻ ۾ ڳنڍجي وڃن ٿا.“
39
”اي ايوب! ڇا تون شينهڻ جي لاءِ شڪار ڪري ٿو سگھين، جڏهن اها پنهنجي غارن ۾ لڪي وڃي ٿي؟ يا ڪو شڪار آڻي جوان شينهن جي بک لاهي ٿو سگھين، جڏهن اهو جھنگ جي ٻوڙن ۾ شڪار جي تاڙ ۾ لڪي ويهي ٿو؟
41
جھنگلي ڪانءَ جي لاءِ ڪير کاڌو مهيا ڪري ٿو، جڏهن ان جا ٻچا مون خدا کي دانهون ڪري ٻاڏائين ٿا، ۽ کاڌي نہ هئڻ ڪري هيڏانهن هوڏانهن رلندا وتن ٿا؟
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 39 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42