bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 14
Job 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 15 →
1
”فاني انسان، جيڪي عورت مان پيدا ٿين ٿا، چند ڏينهن جي زندگي ماڻين ٿا، ۽ ڏک سان ڀريل رهن ٿا.
2
اهي گل وانگر ٽڙي نڪرن ٿا، ۽ پوءِ ڪومائجي وڃن ٿا. هو پاڇي وانگر جلدي لنگھي وڃن ٿا، ۽ هڪ هنڌ ڪين بيهن ٿا.
3
سو ڇو اهڙي فاني انسان تي تون پنهنجي نظر رکيو ٿو اچين؟ هائو، مون جهڙي انسان کي پاڻ سان عدالت ۾ ٿو آڻين؟
4
جهڙيءَ طرح ناپاڪ شيءِ منجھان پاڪ شيءِ نہ ٿي ڪڍي سگھجي، تهڙيءَ طرح ناپاڪ انسان مان ڪا پاڪ شيءِ ڪيئن ٿي نڪري سگھي؟
5
جڏهن تہ تو هن جي حياتيءَ جا بہ چند ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيا آهن، هائو، سندس ٿوري عمر جو شمار تو ڪري ڇڏيو آهي. تو سندس زندگيءَ جون حدون مقرر ڪري ڇڏيون آهن، جن کي هو لنگھي پار ڪري نہ ٿو سگھي.
6
سو تون پنهنجي نظر هن کان هٽاءِ، تہ جيئن گھٽ ۾ گھٽ هن کي آرام تہ ملي سگھي، هائو، هو مزدور وانگر پورهيو ڪندي ڪا گھڙي آرام تہ وٺي.
7
ڏس، وڻ کي تہ اها اميد رهي ٿي تہ جيڪڏهن هن کي وڍيو ويو تہ هو وري ڦٽي نڪرندو، ۽ ان جون نرم ٽاريون نڪرڻ کان بند ٿي نہ وينديون.
8
توڙي جو ان جون پاڙون زمين ۾ پراڻيون ٿي وڃن، ۽ ان جو ٿُڙ مٽيءَ ۾ ڳري وڃي،
9
تڏهن بہ پاڻيءَ جي ڦڙي ملڻ سان هو وري ڦٽندو، ۽ نئين ٻوٽي وانگر ٽاريون ڪڍندو.
10
پر انسانذات جڏهن مريو ٿا وڃن تہ ڳريو ختم ٿيو وڃن، بلڪ دم ڏيڻ کان پوءِ انسان آهي ڪٿي؟
11
جيئن ڪا ڍنڍ، جنهن جو پاڻي ختم ٿيو وڃي، ۽ يا ڪا ندي، جيڪا لهي سڪي ٿي وڃي،
12
تيئن ئي انسانذات بہ جڏهن قبر ۾ وڃيو ليٽن، تڏهن وري ڪين ٿا اٿن. اهي وري نہ جاڳندا، نڪي ننڊ مان اٿاريا ويندا، ائين جيئن آسمان نابود ٿي نہ ٿو سگھي.
13
پر ڪاش! تون مون کي پاتال ۾ لڪائي رکين، ۽ جيستائين تنهنجي ڪاوڙ لهي نہ وڃي، تيستائين مون کي نظرانداز ڪري ڇڏين، ۽ پوءِ منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪري مون کي ياد فرمائين.
14
جيڪڏهن ائين ممڪن آهي، جو ماڻهو مري وڃڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿئي، تہ پوءِ آءٌ پنهنجي سخت پورهئي واري حياتي گذاريندي، ان جو انتظار ڪندو رهندس، تانتہ آءٌ انهيءَ سختيءَ مان ڇٽي نڪران.
15
پوءِ جڏهن تون مون کي سڏ ڪندين، تہ آءٌ اتان تو کي جواب ڏيندس، تڏهن تون پنهنجي هٿ جي جڙيل مخلوق، يعني منهنجي سار لهندين.
16
پوءِ جڏهن تون منهنجي قدمن تي ڌيان ڏيندين، تڏهن منهنجي گناهن جو پيرو نہ کڻندين.
17
بلڪ تون منهنجا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندين، هائو، منهنجي خطائن کي صفا ميٽي ڇڏيندين.
18
پر جهڙيءَ طرح جبل ڪرندي ڪرندي نابود ٿيو وڃي، ۽ ٽڪر پنهنجيءَ جاءِ تان هٽيو ٿو وڃي،
19
جيئن پاڻي پٿرن کي گسايو ڇڏي، ۽ ٻوڏ زمين جي مٽيءَ کي لوڙهيو ڇڏي، تهڙيءَ طرح تون انسان جي اميد کي ناس ڪري ڇڏين ٿو.
20
جڏهن تون هن تي پنهنجو دٻاءُ رکين ٿو، تڏهن هو هميشہ لاءِ گذاري وڃي ٿو. تون عمر سان گڏوگڏ هن جي شڪل بہ ڦيرائي ڇڏين ٿو، ۽ کيس روانو ڪري ڇڏين ٿو.
21
پوءِ جيتوڻيڪ سندس پٽ عزت حاصل ڪن ٿا، تڏهن بہ کيس انهيءَ جي خبر نہ ٿي پوي. يا جيتوڻيڪ هو ذلت حاصل ڪن ٿا، تڏهن بہ سندن حال کيس معلوم نہ ٿو ٿئي.
22
پر هن جي بدن جو ماس درد محسوس ڪندو رهي ٿو، ۽ سندس روح منجھس روئندو رڙندو رهي ٿو.“
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42