bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 31
Job 31
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 32 →
1
”مون قسم کڻي ڇڏيو آهي تہ ڪنهن ڇوڪريءَ ڏانهن، بلڪ ڪنهن بہ عورت ڏانهن بريءَ نظر سان ڪڏهن نہ ڏسندس.
2
تہ پوءِ عرش واري خدا کان ان جو ڪهڙو صلو ملڻ گھرجي؟ ڇا قادرِمطلق طرفان ان لاءِ ڪو چڱو اجر نہ ملڻ گھرجي؟
3
هاڻي جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ جيڪي بہ بدڪار آهن، خدا رڳو تن تي ئي مصيبت ۽ تباهي ٿو موڪلي،
4
تہ پوءِ مون جيڪي بہ ڪيو آهي، تنهن کي خدا ڇو نہ ٿو ڏسي؟ هائو، نيڪيءَ ڏانهن منهنجي کنيل هر قدم کي هو ڇو نہ ٿو ڳڻي؟
5
مون ڪڏهن بہ بدڪاري نہ ڪئي آهي، نڪي ڪنهن کي ٺڳڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
6
ڀلي تہ خدا مون کي انصاف واري تارازيءَ ۾ توري، تانتہ منهنجي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺي.
7
جيڪڏهن منهنجو قدم صحيح رستي کان ٿڙي ويو هجي، يا منهنجيءَ دل منهنجي اکين جي خواهش جي پيروي ڪئي هجي، يا گناهہ جو ڪو داغ منهنجي هٿن کي لڳو هجي،
8
تہ پوءِ منهنجو پوکيل فصل ڀلي ٻيا کائي وڃن، يا منهنجي ٻنيءَ جي پيداوار پاڙؤن پٽي وڃي.
9
جيڪڏهن مون ڪنهن ٻئي جي زال جي خواهش بہ ڪئي هجي، ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ پاڙيسريءَ جي در کي تاڙي ويٺو هجان،
10
تہ پوءِ ڀلي منهنجي زال ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي حوالي ڪئي وڃي، ۽ ڌاريا مرد ساڻس سمهن.
11
جيڪڏهن آءٌ ائين ڪريان ها، تہ هڪ وڏو گناهہ ڪريان ها، هائو، اهڙو گناهہ جنهن جي سزا مون کي شريعت مطابق پوري پوري ملي ها.
12
بيشڪ، زناخوري هڪڙي اهڙي باهہ آهي، جيڪا ساڙي چٽ ڪيو ڇڏي، اها منهنجي هر شيءِ کي جيڪر پاڙؤن ناس ڪري ڇڏي ها.
13
جڏهن منهنجي ڪنهن ٻانهي يا ٻانهيءَ مون سان منهنجي شڪايت ٿي ڪئي، تڏهن بہ مون سندن حق نہ ماريو.
14
جيڪڏهن ائين ڪريان ها تہ خدا جڏهن مون کان پڇي ها، تہ آءٌ کيس ڪهڙو جواب ڏيان ها!
15
جنهن خدا مون کي پيدا ڪيو آهي، تنهن ئي منهنجي ٻانَهن کي بہ پيدا ڪيو آهي.
16
مون مسڪينن کي سندن خواهشن کان روڪيو تہ ڪين آهي، نڪي رننزالن کي نااميد ئي ڪيو اٿم.
17
پنهنجو ٽُڪر مون اڪيلو پاڻ ڪين کاڌو آهي، جيڪڏهن مون کي خبر هجي تہ ڪو يتيم بک تي آهي.
18
جڏهن تہ پنهنجي ننڍپڻ کان ئي مون يتيمن کي هڪ پيءُ وانگر پالي وڏو ڪيو آهي، ۽ پنهنجي ڄائيڄم کان وٺي رننزالن جي رهبري ڪندو رهيو آهيان.
19
جڏهن بہ مون ڪنهن انگ اُگھاڙي کي مرڻينگ ڏٺو آهي، يا ڪنهن غريب کي ڪپڙن جو حاجتمند ڏٺو اٿم،
20
تڏهن مون کين پنهنجي ڌڻ جي رڍن جي اُن مان ٺهيل گرم ڪپڙا پهرايا آهن. تنهن تي هنن مون کي هميشہ دل سان دعا ڪئي آهي.
21
مون ڪنهن يتيم تي ڪڏهن هٿ نہ کنيو آهي، جيتوڻيڪ مون ڄاتو ٿي تہ عدالت ۾ منهنجي هلندي پڄندي آهي.
22
پر جيڪڏهن آءٌ انهن مان ڪجھہ بہ ڪريان ها تہ پوءِ ڀلي تہ منهنجيون ٻانهون ڀڄي پون، هائو، ڀلي اهي منهنجي ڪلهن کان ٽٽي پون.
23
جيئن تہ آءٌ خدا کان بيحد ڊنس ٿي تہ متان هو مون تي ڪا آفت نازل ڪري، تنهنڪري سندس جلال جي اڳيان ائين ڪرڻ جي مون ۾ همت نہ هئي.“
24
”مون سون کي ڪڏهن بہ پنهنجو آسرو نہ بڻايو آهي، نڪي ائين چيو اٿم تہ انهيءَ سون تي منهنجو ڀروسو آهي.
25
مون ڪڏهن بہ فخر نہ ڪيو آهي تہ مون کي گھڻي دولت آهي، ۽ منهنجي هٿن گھڻو ڪجھہ حاصل ڪيو آهي.
26
مون سج کي چمڪندو ڏسي، يا چنڊ کي آبتاب ۾ هلندو ڏسي ڪڏهن بہ انهن جي پوڄا نہ ڪئي آهي.
27
منهنجي دل ڳجھہڳوهہ ۾ انهن ڏانهن ڪين ڀٽڪي ويئي آهي، نڪي مون پنهنجي هٿ کي چمندي انهن کي ڪا تعظيم ڏني آهي.
28
جيڪڏهن آءٌ انهن مان ڪجھہ بہ ڪريان ها، تہ منهنجو اهو ڪم خدا سان بيوفائي ليکيو وڃي ها، هائو، اهو اهڙو گناهہ آهي، جنهن جي سزا مون کي شريعت مطابق پوري پوري ملي ها.
29
ڇا آءٌ پنهنجي دشمن جي ناس ٿيڻ تي خوش ٿيو آهيان؟ يا جڏهن مٿس ڪا آفت آئي تہ ڇا مون کي ڪا خوشي ٿي؟
30
بلڪ مون تہ پنهنجي زبان کي ايترو گناهہ بہ نہ ڪرڻ ڏنو جو دشمن کي مرڻ جو پاراتو ڏيان.
31
جيڪي بہ مون سان گڏ رهن ٿا، ڇا تن شاهدي نہ ڏني آهي تہ منهنجي دسترخوان تان ڪوبہ مهمان گوشت سان ڍءُ ڪرڻ کان سواءِ نہ ويو آهي؟
32
مون هر مسافر کي دعوت ڏيئي پنهنجي گھر ۾ رهايو آهي، ڪنهن بہ پرديسيءَ کي گھٽيءَ ۾ سمهڻ نہ ڏنو اٿم.
33
ڇا مون ڪڏهن پنهنجو ڪو گناهہ لڪايو آهي، جيئن انسان بڇڙائيءَ کي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي رکڻ لاءِ ڪندا آهن؟
34
ماڻهن جي خوف ۽ خاندان وارن جي ڪراهت جي ڪري، آءٌ گھر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ خاموش رهڻ تي مجبور ڪين ٿيس.“
35
”ڇا منهنجو فرياد ٻڌڻ وارو ڪو ئي بہ ڪونهي؟ ڏسو، آءٌ پنهنجي بيان تي صحيح ڪري اهو ٿو ڏيکاريان تہ مون جيڪي ڪجھہ چيو سو سڀ سچ آهي. ڪاش! قادرِمطلق مون کي ورندي ڏئي ها. ڪاش! منهنجي انهيءَ مخالف جون مون تي لڳايل تهمتون لکت ۾ مون وٽ هجن ها،
36
تہ جيڪر يقيناً آءٌ اهي فخر سان پنهنجي ڪلهي تي کنيو وتان ها. هائو، انهن کي آءٌ تاج وانگر پنهنجي مٿي تي رکي ڇڏيان ها.
37
آءٌ جيڪر اوچي ڳاٽ خدا جي آڏو بيهي، کيس پنهنجي هر ڪيل ڪم بابت جواب ڏيان ها.
38
جيڪڏهن منهنجي زمين منهنجي خلاف دانهن ڏني آهي، ۽ انهيءَ جون کيڙون گڏجي منهنجي بيانصافيءَ تي رنيون آهن،
39
جيڪڏهن مون انهيءَ زمين جو ڪو فصل ڦري کنيو هجي، يا انهيءَ جي ڪڙميءَ کي مون بک ماريو هجي،
40
تہ پوءِ ڀلي انهيءَ ۾ ڪڻڪ جي بدران ڪانڊيرا ڄمن، ۽ جَون جي بدران ڪک ڪانا ٿين.“ ائين چئي ايوب پنهنجو ڳالهائڻ ختم ڪيو.
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 32 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42