bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 4
Job 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 5 →
1
تڏهن اليفز تيمانيءَ ايوب کي ورندي ڏيئي چيو تہ
2
”اي ايوب! جيڪڏهن تو کي ڪا ڳالهہ چئجي تہ ٿي سگھي ٿو تو کي رنج پهچي، پر چوڻ کان سواءِ رهي بہ تہ نہ ٿو سگھجي.
3
ڏس، تو گھڻن ئي کي تعليم ڏني آهي، گھڻن ئي هيڻن جي همراهي ڪئي اٿيئي.
4
تنهنجي ڳالهين تہ ڪرندڙن کي بہ سنڀالي ورتو آهي، هائو، ٿڙي ويندڙ قدمن کي بہ تو قائم رکيو آهي.
5
پر هاڻ جڏهن تو تي مصيبت اچي پيئي آهي، تڏهن تون همت هاري ويٺو آهين! مصيبت اچي تو کي ڇهيو آهي، تہ تون گھٻرائجي ويو آهين!
6
تو کي پنهنجي رستن جي سچائيءَ ۾ اميد ناهي ڇا؟ تو کي پنهنجي پرهيزگاريءَ تي ڪو ڀروسو ناهي ڇا؟
7
سوچي ڏس تہ بيگناهہ بہ ڪڏهن ناس ٿيو آهي ڇا؟ يا سچار بہ ڪڏهن برباد ڪيو ويو آهي ڇا؟
8
بلڪ مون تہ ڏٺو آهي تہ جيڪي بدڪاريءَ جو هر ٿا ڪاهين، ۽ ايذائڻ جو ٻج ٿا پوکين، سي لڻن بہ بدڪاري ۽ ايذاءُ ئي ٿا.
9
اهي خدا جي ڦوڪ سان چٽ ٿي وڃن ٿا، هائو، سندس غضبناڪ ڦوڪ سان اهي مريو کپيو وڃن.
10
جيتوڻيڪ اهي ببر شينهن وانگر گجگوڙ ۽ گجڪار ٿا ڪن، مگر خدا انهن کي ماٺ ڪرائي ڇڏي ٿو، هائو، هو انهن جا ڏند ڀڃي کين بيوس بڻائي ٿو ڇڏي.
11
اهي انهن شينهن وانگر آهن، جيڪي شڪار نہ ملڻ ڪري مري وڃن ٿا، ۽ انهن جا ٻچا ڪڻو ڪڻو ٿي وڃن ٿا.“
12
”ڏس، مون کي راز جي هڪڙي ڳالهہ ايترو تہ هوريان ٻڌائي ويئي، جو آءٌ مشڪل سان ئي اها ٻڌي سگھيس.
13
هي رات جي انهيءَ وقت ٿيو، جڏهن آءٌ خوابن ۾ گم هئس، هائو، ان وقت جڏهن ماڻهن تي گَهري ننڊ غالب ٿئي ٿي.
14
تڏهن مون کي اهڙي تہ ڊپ ۽ ڏڪڻيءَ اچي ورتو، جو منهنجي لڱن ۾ ڪنبڻي پئجي ويئي.
15
پوءِ منهنجي منهن کي هوا جو هڪ جھوٽو ڇهي لنگھي ويو، تڏهن ڊپ وچان منهنجي بدن جا وار بہ اُڀا ٿي ويا.
16
بس اها هڪڙي شڪل هئي، جيڪا منهنجي اکين اڳيان ٿي بيٺي، مگر آءٌ انهيءَ کي چٽيءَ طرح ڏسي ڪين ٿي سگھيس، تڏهن خاموشيءَ ۾ مون کي هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن چيو تہ
17
’ڇا ڪو فاني انسان خدا آڏو سچار ٿي سگھي ٿو؟ ڇا ڪو ماڻهو خدا آڏو پاڪ ٿي سگھي ٿو؟
18
ڏس، جيڪڏهن هو پنهنجي آسماني ٻانهن تي بہ ڀروسو ڪين ٿو رکي، هائو، پنهنجي فرشتن کي بہ جيڪڏهن هو ڏوهاري قرار ڏئي ٿو،
19
تہ پوءِ انسان، جيڪي ٺهيل ئي مٽيءَ جا آهن، ۽ جن جو بنياد ئي مٽي آهي، ۽ جيڪي پوپٽ وانگر چپجيو ٿا وڃن، سي ان جي نظر ۾ ڇا هوندا؟
20
هو صبح جو تہ آهن پر شام ٿيڻ تائين اهي مريو وڃن، هائو، هميشہ هميشہ لاءِ اهي چٽ ٿي وڃن ٿا، ڪوبہ انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ٿو ڏئي.
21
سندن زندگيءَ جي تنبوءَ جا رسا پٽي ڪڍيا وڃن ٿا، ۽ ڏاهپ سکڻ کان اڳ ئي اهي مري کپي ٿا وڃن.‘“
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
Recommended Reading
Commentary
Job Commentaries
→
Devotional
Job Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→