bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 16
Job 16
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 17 →
1
تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ
2
”اي اليفز! تنهنجي اجاين ڳالهين جي ڪا پڄاڻي بہ ٿيندي يا نہ؟ ڪهڙي ڳالهہ تو کي تنگ ٿي ڪري جو تون اهڙو جواب ٿو ڏئين؟ آءٌ اهڙيون گھڻيون ئي ڳالهيون ڄاڻان ٿو، اوهين سڀ تسلي ڏيڻ جي بدران مون کي اڃا وڌيڪ ڏک ٿا رسايو.
4
جيڪڏهن اوهين منهنجي جاءِ تي هجو ها، ۽ آءٌ اوهان جي جاءِ تي، تہ پوءِ آءٌ بہ اوهان وانگر ڳالهائي ٿي سگھيس. آءٌ بہ اوهان جي خلاف ڳالهيون ٺاهي ٿي سگھيس، ۽ پنهنجو مٿو اوهان جي خلاف لوڏي ٿي سگھيس.
5
پر نہ، آءٌ تہ پنهنجي مشورن سان اوهان کي همتايان ها، ۽ منهنجي واتان ڏنل تسلي، جيڪر اوهان جو ڏک هلڪو ڪري ڇڏي ها.“
6
”هاڻي توڙي جو آءٌ ڳالهايان ٿو، تہ بہ منهنجو ڏک هلڪو نہ ٿو ٿئي، يا توڙي جو آءٌ ماٺ ٿو رهان تہ بہ مون کي آرام ڪونہ ٿو ملي.
7
اي خدا! ڏک ڏيئي ڏيئي تو مون کي پورو ڪري ڇڏيو آهي. تو منهنجي پوري گھراڻي کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيو آهي.
8
تو مون کي پڪڙي قابو ڪيو آهي، ۽ ماڻهو اها ڳالهہ منهنجي خلاف شاهدي ٿا سمجھن، هائو، منهنجي هيءَ ڏٻرائي ئي منهنجي خلاف شاهدي ٿي ڏئي.
9
خدا غضب وچان مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيا آهن، هن ڄڻ دشمن بڻجي پنهنجيون اکيون مون تي تيز ڪيون آهن، هائو، هن منهنجي پٺيان پيئي مون کي چيريو ڦاڙيو آهي.
10
سو ماڻهو پنهنجو وات ڦاڙي مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، هو ملامت ڪرڻ واسطي مون کي منهانيون چماٽون ٿا هڻن، هو پاڻ ۾ هڪ ٿي منهنجي خلاف گڏ ٿيا آهن.
11
خدا مون کي بڇڙن ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هائو، هن مون کي شريرن جي هٿن ۾ اڇلائي وڌو آهي.
12
آءٌ آرام ۾ هئس، پر خدا مون کي چٿي ڇڏيو آهي، هائو، هن مون کي ڳچيءَ کان پڪڙي اڇلائي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو آهي. هن مون کي پنهنجو نشانو بڻايو آهي،
13
۽ سندس تيراندازن چوڌاري مون کي گھيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي. تيرن سان هن منهنجيون بڪيون چيري ڇڏيون آهن، ۽ قياس نہ ڪيو اٿس. ايترو زخمي ڪيو اٿس جو منهنجو پتو بہ ڦاڙي وڌو اٿس.
14
هن مون کي شڪست تي شڪست ڏيئي ٽوڙي وڌو آهي، هو جنگي جوڌي وانگر مون تي ڪاهہ ڪري ٿو اچي.
15
مون روئندي رڙندي پنهنجي بدن تي کٿو ڍڪيو آهي، آءٌ شڪست کائي اچي مٽيءَ ۾ ڪريو آهيان.
16
مون کي ايترو ستايو اٿائين، جو روئي روئي منهنجو منهن سڄي پيو آهي، ۽ موت جو پاڇو منهنجي ڇپرن تي اچي پيو آهي،
17
جيتوڻيڪ منهنجا هٿ ظلم سان رنڱيل نہ آهن، ۽ منهنجي عبادت بہ بلڪل خالص آهي.“
18
”اي ڌرتي! منهنجي وهايل رت کي نہ لڪاءِ، انصاف واسطي منهنجي فرياد کي پاڻ وٽ روڪي نہ رک.
19
ڏس، هن مهل منهنجي شاهدي عرش عظيم ۾ پهتل آهي، هائو، منهنجي وڪالت عالمِ بالا ۾ هلي رهي آهي.
20
بيشڪ منهنجو فرياد ئي منهنجي وڪالت ڪري رهيو آهي، ۽ منهنجيون اکيون انصاف لاءِ خدا ڏانهن واجھائي رهيون آهن.
21
ڪاش! منهنجو فرياد سندس آڏو منهنجي صفائي پيش ڪري، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جو ساٿي سندس لاءِ ٻئي آڏو هن جي صفائي پيش ڪري ٿو.
22
ٻي صورت ۾ هاڻ تہ منهنجي حياتيءَ جا سال پورا ٿيڻ وارا آهن، ۽ پوءِ آءٌ انهيءَ راهہ تي روانو ٿي ويندس، جتان ڪوبہ نہ ٿو موٽي.
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 17 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42