bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 23
Job 23
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 24 →
1
تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ
2
”مون کي اڄ بہ خدا سان سخت شڪايت آهي، منهنجي چيچلائڻ جي باوجود سندس ڳرو هٿ مون تي پيو آهي.
3
ڪاش! مون کي خبر پوي ها تہ هو ڪٿي لڀندو، تہ جيڪر سندس مسند تائين بہ وڃي نڪران ها.
4
اتي آءٌ پنهنجو مقدمو سندس آڏو پيش ڪريان ها، ۽ پنهنجي بچاءَ ۾ سمورا دليل ۽ حجتون سندس آڏو رکان ها.
5
آءٌ ڄاڻڻ چاهيان ٿو تہ هو مون کي ڪهڙو جواب ٿو ڏئي، آءٌ معلوم ڪرڻ گھران ٿو تہ هو ڇا ٿو چوي.
6
تڏهن ڇا خدا پنهنجي عظيم قدرت منهنجي خلاف استعمال ڪري ها؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هو منهنجي ٻڌي ها.
7
پوءِ آءٌ ساڻس بحث ڪريان ها، ڇو تہ آءٌ سچو آهيان، تڏهن هو منهنجي بيگناهہ هجڻ جو اعلان ڪري ها تہ آءٌ هميشہ لاءِ ڇٽي وڃان ها.
8
پر آءٌ هن کي اوڀر ۾ ٿو ڳوليان تہ هو ڪين ٿو ملي، کيس اولهہ ۾ ٿو ڳوليان تہ بہ هو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.
9
آءٌ اتر ۾ سندس ڳولا ٿو ڪريان، تہ بہ مون آڏو ظاهر ڪين ٿو ٿئي، جيڪڏهن ڏکڻ ۾ سندس ڳولا ٿو ڪريان، تڏهن بہ ڪين ٿو ملي.
10
مگر هو منهنجي راهہ کان واقف آهي، هو جڏهن بہ مون کي پرکيندو تہ آءٌ نج سون جيان کرو نڪرندس.
11
منهنجا پير هن جي نقشِقدم تي قائم رهيا آهن، مون سندس ئي راهہ اختيار ڪئي آهي، ۽ ڪيڏانهن بہ ڪين مڙيو آهيان.
12
مون سندس حڪمن کان ڪڏهن منهن نہ موڙيو آهي، آءٌ پنهنجي خواهشن کي ڇڏي سندس مرضيءَ تي هليو آهيان.
13
مگر هو پنهنجي ارادي تي قائم رهڻ وارو آهي، ڪوبہ کيس ڦيرائي نہ ٿو سگھي، جيڪي کيس وڻي ٿو، سو ئي ڪري ٿو.
14
مون بابت جيڪي ڪجھہ مقرر ڪيو ويو آهي تنهن کي هو عمل ۾ آڻي ٿو، ۽ اهڙيون گھڻيون ئي رٿون اڃا تائين سندس هٿ ۾ آهن.
15
تنهنڪري ئي آءٌ سندس حضور ۾ ڊڄان ٿو، ۽ انهيءَ تي ويچار ڪري ڏڪي ٿو وڃان.
16
قادرِمطلق خدا منهنجي همت کي ناس ڪري ڇڏيو آهي، هائو، اها مصيبت جي اونداهي ناهي، بلڪ خدا ئي آهي، جنهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي، هن ئي منهنجي هر خوشي انهيءَ گھُگھُہ اونداهيءَ ۾ لڪائي ڇڏي آهي.“
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42