bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 27
Job 27
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 28 →
1
ايوب پنهنجو گفتگو جاري رکندي چيو تہ
2
”جيئري خدا جو قسم آهي، جيڪو مون سان انصاف نہ ٿو ڪري، هائو، انهيءَ قادرِمطلق جو قسم آهي، جنهن منهنجي حياتي زهر بڻائي ڇڏي آهي،
3
تہ جيستائين منهنجي سسيءَ ۾ ساهہ آهي، ۽ جيستائين خدا مون کي ساهہ کڻڻ جي توفيق ڏئي ٿو،
4
تيستائين منهنجي وات مان هرگز ڪوڙ نہ نڪرندو، نہ وري منهنجيءَ زبان مان ٺڳيءَ جي ڪا ڳالهہ نڪرندي.
5
انهيءَ ڪري اي دوستؤ! آءٌ هرگز اوهان کي سچو نہ مڃيندس، آءٌ مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجي بيگناهيءَ واري ڳالهہ تان ڪين هٽندس.
6
آءٌ پنهنجي سچائيءَ تي قائم آهيان، ۽ انهيءَ کي ڇڏي نہ ڏيندس، جيستائين آءٌ جيئندس، تيستائين منهنجو ضمير مون کي ملامت نہ ڪندو.
7
سو جيئن اوهان شريرن بابت چيو، تيئن شل منهنجا دشمن بہ انهن جيان سزا کائين، هائو، جيڪي منهنجي خلاف اٿن ٿا، شل سي بدڪار ماڻهن جيان ڀوڳين.
8
خدا کي رد ڪندڙ ماڻهن کان جڏهن هو حياتي کسي ٿو، انهيءَ وقت اهي دعا گھرندي خدا کان ڪهڙي اميد رکي ٿا سگھن؟
9
جڏهن مٿن ڪا مصيبت ايندي، تہ خدا ڪو سندن دانهن ٻڌندو ڇا؟
10
پر ڇا هو قادرِمطلق جي حضور ۾ اچي ڪا خوشي حاصل ڪري سگھن ٿا؟ پوءِ ڇا هو هر وقت خدا کان دعا گھرندا رهندا؟
11
اچو تہ آءٌ اوهان کي خدا جي قدرت جي سمجھاڻي ڏيان، آءٌ قادرِمطلق جا ارادا اوهان کان ڪين لڪائيندس.
12
پر ڪهڙو فائدو؟ اهو سڀ ڪجھہ تہ اوهان سڀني خود ڏٺو آهي، تہ پوءِ اوهين اجايو اهڙيون بيعقليءَ واريون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو؟“
13
”اي ايوب! تو کي آءٌ ٿو ٻڌايان تہ شرير ماڻهن کي خدا ڪيئن ٿو سزا ڏئي، هائو، انهن ظالمن تي قادرِمطلق وٽان ڪهڙو عذاب ٿو نازل ٿئي.
14
جيڪڏهن هنن کي گھڻو اولاد هوندو آهي تہ اهي سڀ جنگ ۾ مارجي ويندا آهن. انهن جي نسل جي بک ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي آهي.
15
انهن مان جيڪي باقي بچندا آهن، سي وبا ۾ مري کپي ويندا آهن، ۽ انهن جون رنونزالون بہ مٿن ڪين روئنديون آهن.
16
بدڪار ماڻهو جيتوڻيڪ مٽيءَ وانگر چانديءَ جا ڍير ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ پوشاڪن جا ڍڳ تيار ڪري رکندا آهن،
17
تہ بہ اهي رڳو ميڙيندا ۽ تيار ڪندا آهن، باقي اهي پوشاڪون پهريندا سچا ماڻهو ئي آهن، ۽ سندن اها چاندي بيگناهہ ماڻهو ئي ورهائي کڻندا آهن.
18
بدڪار ماڻهو پنهنجو گھر تہ جوڙين ٿا، پر ڪوريئڙي جي ڄاري جيان، هائو، فصل جي سنڀال لاءِ جوڙيل ان ڪچي پيهي جيان، جيڪو فصل لڻڻ بعد هاري ڦٽايو ڇڏي ٿو.
19
دولتمند جڏهن رات جو سمهن ٿا، تہ پاڻ سان گڏ سڀ ڪجھہ کڻي نہ ٿا سمهن، ۽ جڏهن هو پنهنجيون اکيون کولين ٿا، تہ وٽن ڪجھہ بہ ڪين ٿو رهي.
20
دهشتون هنن کي ٻوڏ وانگر وڪوڙي ٿيون وڃن، ۽ واچوڙو رات جو کين اڏائي کنيون ٿو وڃي.
21
جھولو کين اڏائي گم ڪيو ڇڏي، هائو، اهو کين پنهنجيءَ جاءِ تان ٻهاريو ڇڏي.
22
جھولو کين سدائين گھليندو رهندو ۽ ڪا ڍر نہ ڏيندو، جڏهن تہ اهي کانئس ڀڄي نڪرڻ جي گھڻي ڪوشش ڪندا.
23
پر اهو وڌيڪ غضبناڪ ٿي سندن پٺيان پوندو، ۽ زوڪاٽ ڪندي کين پنهنجي جاءِ تان ڀڄائي ڪڍندو.“
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42