bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Job 39
Job 39
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 38
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 40 →
1
ڇا تون ڄاڻين ٿو تہ پهاڙي ٻڪريون ڪهڙيءَ موسم ۾ ڦر ڄڻين ٿيون؟ يا ڇا تو هرڻين کي ٻچا ڄڻيندي ڏٺو آهي؟
2
ڇا تو انهن جانورن جي حمل جا مهينا ڳڻيا آهن؟ يا ڇا تو کي اهو وقت معلوم آهي جڏهن اهي ويامن ٿيون؟
3
ڇا تون ڄاڻين ٿو تہ اهي ٻار ڄڻڻ لاءِ ڪڏهن جھڪن ٿيون؟ ۽ ڪڏهن پنهنجا ٻچا ڄڻي پنهنجن سورن کان آجيون ٿين ٿيون؟
4
انهن جا ٻچا وڏا ٿين ٿا ۽ کُليل ميدان ۾ وڌي طاقتور ٿين ٿا، پوءِ هو نڪري پري وڃن ٿا ۽ وٽن موٽي ڪين ٿا اچن.
5
جھنگلي گڏهن کي ڪنهن آزاد ڇڏي ڏنو آهي؟ هائو، ڪنهن انهن جا رسا ڇوڙي ڇڏيا آهن؟
6
مون ئي تہ بيابان کي انهن جو گھر بڻايو آهي، ۽ کاري زمين کي انهن جي جُوءِ بڻايو اٿم.
7
شهرن جي گوڙ شور کان اهي پري رهن ٿا، ۽ هڪلڻ واري جون هڪلون ڪونہ ٿا ٻڌن.
8
جبلن جي قطار انهن جي چاري جي جاءِ آهي، جتي اهي ساوڪ جي ڳولا ۾ رهن ٿا.
9
ڇا جھنگلي سانُهہ تنهنجي تابعداري ڪرڻ تي تيار رهندو؟ ڇا هو تنهنجي ڍورن جي ڪونر وٽ اچي رات رهندو؟
10
ڇا تون ڪنهن جھنگلي سانَهہ کي رسيءَ سان ٻڌي هر ۾ جوٽي ٿو سگھين؟ ڇا هو تنهنجي پٺيان هلندي، تنهنجي ٻنين کي سنوارڻ لاءِ ليٽڻ گھمائيندو؟
11
ڇا تون هن جي گھڻي طاقت جي ڪري مٿس ڀاڙي ويهندين، ۽ پنهنجا ڳرا ڪم هن جي حوالي ڪري ڇڏيندين؟
12
ڇا تون هن تي اعتبار ڪري ٿو سگھين تہ هو تنهنجو اناج گھر کڻي ايندو؟ ڇا تو کي يقين آهي تہ هو تنهنجي ٻنيءَ جو فصل ميڙي ڳاهہ جي پِڙ تي گڏ ڪندو؟“
13
”شترمرغ جا پر خوشيءَ وچان ڦڙڪن ٿا، پر انهن جي ڀيٽ لقلق جي پرن ۽ کنڀن سان ڪري نہ ٿي سگھجي.
14
شترمرغ پنهنجا آنا زمين تي ڇڏي ٿو ڏئي، جتي واري انهن کي گرمي ٿي پهچائي.
15
هو انهيءَ ڳالهہ کان بيخبر آهي تہ متان ڪو پير انهن کي چيڀاٽي ڇڏي، يا ڪو جھنگلي جانور انهن کي لتاڙي وڃي.
16
هو پنهنجي ٻچن تي ايتري تہ سختي ٿو ڪري، جو ڄڻ تہ اهي سندس نہ آهن. جيتوڻيڪ ان جو ٻارن ڄڻڻ جو عمل ضايع وڃي، تہ بہ کيس فڪر ڪونہ ٿو ٿئي،
17
ڇاڪاڻ تہ مون خدا ان کي عقل کان محروم ڪيو آهي، ۽ کيس ڪابہ سمجھہ نہ ڏني اٿم.
18
پر جنهن وقت هو پنهنجا پر بلند ڪري تيز ڊوڙي ٿو، تڏهن گھوڙي ۽ ان جي سوار تي ٽوڪ طور کلي ٿو.
19
اي ايوب! ڇا گھوڙي کي طاقت تو ڏني آهي؟ ڇا ان جي ڪنڌ کي لهرائيندڙ بُشڪن سان تو پهرايو آهي؟
20
ڇا ان کي تڏ وانگر ٽپ ڏيڻ تو سيکاريو آهي؟ ان جي خوفناڪ ڦوڪار ڪيڏي نہ رُعبدار آهي.
21
هو ماٿريءَ ۾ جنگ جي وقت ڌرتيءَ تي زور سان سنب هڻي هڻڪار ڪندي هٿياربردار دشمنن تي حملو ڪرڻ لاءِ پوري جوش سان ڌوڪي وڃي ٿو.
22
هو تلوار کان منهن ڪين ٿو موڙي، هائو، هو خوف بلڪل نہ ٿو ڪري، نڪي گھٻرائي ٿو،
23
توڙي جو ترڪش جا تير سندس مٿان کڙڪندا ۽ نيزا ۽ بڙڇيون پڻ هن جي مٿان چمڪنديون وڃن ٿيون.
24
هن کي جنگ جي ۽ جنگي سالارن جي هڪل، ۽ نعرن جي پري کان بوءِ اچي ٿي، سو نفيل جي آواز ٻڌڻ سان هو هڻڪار ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن کيس ڪوبہ روڪي نٿو سگھي، بلڪ هو ائين ٿو ڊوڙي جو تيزيءَ ۽ جوش منجھان زمين کي اورانگھيندو ٿو وڃي.
26
ڇا باز تنهنجي ڏاهپ سان اڏامڻ سکيو آهي، جو هو پنهنجا پر ڏکڻ جي تيز هوا ڏانهن پکيڙي اڏامي ٿو؟
27
ڇا عقاب تنهنجي حڪم سان بلنديءَ تي چڙهي وڃي ٿو، ۽ مٿاهينءَ جاءِ تي وڃي پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو؟
28
هو ٽڪر تي رهي ٿو ۽ ٽڪر جي چوٽيءَ تي مضبوط ڳڙهہ ئي سندس رهڻ جي جاءِ آهي.
29
اتان ئي هو پنهنجي شڪار کي تاڙي وٺي ٿو، سندس اکيون انهيءَ کي پري کان ڏسي وٺن ٿيون.
30
جڏهن تہ ڳِجھہ هڪدم لاشن واري جاءِ تي پهچي وڃي ٿي، ۽ سندس ٻچا بہ رت چوسين ٿا.“
← Chapter 38
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 40 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
Recommended Reading
Commentary
Job Commentaries
→
Devotional
Job Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→